View Single Post
  #1  
Old Wednesday, May 20, 2009
sara soomro's Avatar
sara soomro sara soomro is offline
Senior Member
 
Join Date: Jan 2008
Location: pakistan
Posts: 808
Thanks: 232
Thanked 1,099 Times in 496 Posts
sara soomro has a spectacular aura aboutsara soomro has a spectacular aura about
Default سنڌ جي حق ۽ انصاف جو سوال؟؟

ماضي ۾ ته سنڌ سان اهو ڪلور رهيو آهي جو سنڌ ۾ سنڌ جي ماڻهن جي نمائينده حڪومت چونڊجي اچڻ بجاءِ اسلام آباد پنهنجي مرضي جي حڪومت ۽ ماڻهو سنڌ تي ٿاڦيندو رهيو آهي جنهن صورتحال جو نتيجو اهو نڪري ٿو ته اهي اهل حڪمران سنڌ جي ماڻهن ڏانهن پنهنجو پاڻ کي جوابده ئي نٿا سمجھن ۽ سدائين اهي اسلام آباد جي، جي حضوري ۾ پورا ۽ سنڌ جي مفادن کي وڪڻي اسلام آباد کي وفادار هئڻ جو يقين ڏياريندا رهندا آهن. ان جي ڪري سنڌ ڪافي عرصي کان وٺي ڀوڳنائن جي هڪ اهڙي سفر جي مسافر بڻيل آهي جنهن جي سفر جو نه ڪو آند آهي ۽ نه ئي ڪو پاند
پر هن وقت صورتحال ان کان ڪجھ مختلف ضرور آهي حڪومت انهي پارٽي جي آهي جيڪا سنڌ جي ماڻهن جي ووٽ جي وڏي طاقت سان چونڊجي آئي آهي ۽ پنهنجو پاڻ کي سنڌ جي ماڻهن جي نمائينده ۽ عوامي حڪومت چورائي ٿي. سنڌ جا ماڻهو ماضي جي ٻن ڏهاڪن کان وٺي سورن سوائي جنهن صورتحال مان گذريا آهن ان صورتحال کي ڏسندي سنڌ جي ماڻهن موجوده حڪومت مان ڪافي اميدون رکيون هيون ته پيپلز پارٽي جي حڪومت ايندي ته سندن سورن ۾ به ڪجھه ٺاپر ايندي، جڏهن پيپلز پارٽي جي حڪومت آئي ته اهو چيو ويو ته اسان جي نئين نئين حڪومت آهي ڪجھه پير مضبوط ڪرڻ ڏيو ته اسين سڀ مسئلا حل ڪنداسين پر هاڻ جڏهن حڪومت کي تقريبن سال جو عرصو ٿي چڪو آهي ۽ وقت جي ڦرندڙ ڦيٿي سان اهي اميدون روز بروز پنهنجي موت مري رهيون آهن ۽ سنڌ جي ماڻهن جي سپنن ۽ خوابن جا لاش اُٿي رهيا آهن سنڌ جي ماڻهن جنن کي بهتري۽ تبديلي جا خواب ڏيکاريا ويا هئا انهن کي تعبير ۾ بدتري ۽ بدحالي ڏني ويئي آهي اميدون آخر دم ڇو نه ٽوڙين جڏهن غريب هاري کي 650 واري يوريا ڀاڻ جي ٻوري سيٺين ۽ ڪارخانيدارن جي ملي ڀڳت سان 1100 سئو ۾ وڪرو ڪئي وڃي ۽ نتيجي ۾ سرڪاري قدم ندارت بڻيل هجي، سنڌ جو ماڻهو اڄ به پاڻي لپ لاءِ احتجاج ڪرڻ تي مجبور هجي ۽ صوبي ۾ هڙ کائو آفيسرشاهي هر اڇي ڪاري ۽ ٻڌي ڇوڙي جي مالڪ بڻيل هجي صوبي ۾ پوليس هٿان بيگناهن جو قتل عام ائين جاري هجي جهڙي طرح اڳ ٿيندو هو ۽ ڏوهاري بي ڊپا ٿي ڪاروايون ڪري رهيا هجن امن امان خود امان جي خيرات پني رهيو هجي. سنڌ جي اترئين علائقن ۾ ڌاڙيل ڀنگ ۽ تاوان خاطر ماڻهن کي اغوا ڪري رهيا آهن ته ڏاکڻي سنڌ ۾ وري ڀاڳيا ماڻهو ٻهراڙين ۾ راتيون جاڳي گذارڻ تي مجبور آهن روز ڪنهن جو ڍڳو ته ڪنهن جي مينهن ۽ ٻڪري چور ڪاهيو وڃن ماڻهو جان توڙي مال جي حوالي سان اڄ به عدم تحفظ واري صورتحال ۾ آهن ۽ ان اهڙي ماحول کي سڌارڻ جي لاءِ ڪٿان ڪو شروعاتي قدم به کڄندو نظر نه پيو اچي ۽ حسب دستور و روايت اهل اقتدار سڀ ٺيڪ جو راڳ آلاپڻ ۾ پورا آهن ته ڇا اتي اميدون دم گھٽجڻ تي مري نه وينديون آهن. سنڌ جي اهو نوجوان جيڪو ڪالهه به ڊگرين جا بنڊل هٿ ۾ کنيو روزگار جي لاءِ پريشان هو سو اڄ به دربدري جي حالت ۾ ئي آهي، جهڙي طرح ڪالهه هن جي لاءِ سنڌ جي ڪارخانن، فيڪٽرين ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنين توڙي آئل اينڊ گئس فيلڊس ۾ داخلا شجر ممنوع هئي اهڙي طرح اڄ به کيس نو ويڪينسي جو جواب ئي مقدر بڻيل آهي. سنڌ جيڪڏهن ڪالهه ارباب غلام رحيم جي حڪومت ۾ خودڪشين جو ديس بڻيل هو ته اڄ به خوابن جو مقتل گاهه ئي بڻيل آهي اڄ به مائيٽ پنهنجا ٻچا وڪرو ڪرڻ تي مجبور آهن اهي حالتون اهڙي علائقي ۾ پيدا ٿينديون آهن جتي ماڻهن کي اميدن جي موٽ مايوسي جي صورت ۾ ڏني وڃي. ڇا پيپلز پارٽي پنهنجي سياسي مستقبل جي لاءِ موجوده صورتحال کي برداشت ڪرڻ جي طاقت رکي ٿي خاص طور تي ان وقت جڏهن ان وٽ محترمه بينظير جهڙي سياسي ليڊر ناهي رهي ان صورت ۾ سڀاڻي اقتدار کان ٻاهر ٿيڻ جي صورت ۾ پيپلز پارٽي سنڌ جي ماڻهن ۾ پنهنجو اهو ساڳيو گرائونڊ قائم رکي سگھندي. جيڪو کيس اڳ ۾ عوامي پارٽي جي حيثيت ۾ حاصل هو. خاص طور تي ان وقت جڏهن سنڌ جي ماڻهن جو محترمه جي قاتلن جي گرفتاري وارو مطالبو سندس مڙس جي صدر ۽ سندس ئي پارٽي جي حڪومت هوندي به عملي روپ نه وٺي سگھيو آهي ان صورت ۾ سنڌ جي ماڻهن وٽ محترمه کان بغير پيپلز پارٽي موجوده ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي قابل قبول هوندي؟ ان صورتحال تي سوچڻ پيپلز پارٽي جي قيادت جو ڪم آهي
__________________
Kami kis shae ki hai tere khazaane me mere Allah
Jhukaa ke sar jo maangun teri rehmat mil hi jaaegi...
Reply With Quote