View Single Post
  #3  
Old Wednesday, May 20, 2009
sara soomro's Avatar
sara soomro sara soomro is offline
Senior Member
 
Join Date: Jan 2008
Location: pakistan
Posts: 808
Thanks: 232
Thanked 1,099 Times in 496 Posts
sara soomro has a spectacular aura aboutsara soomro has a spectacular aura about
Default

حڪومت کي سال کان مٿي جو عرصو ٿي چڪو آهي جڏهن ته سنڌ جو عوام اڄ به انهن ئي مسئلن جو شڪار بڻيل آهي جيڪي چند بنيادي مسئلن جي ئي پيداوار آهن جيڪڏهن اهي بنيادي نوعيت جا مسئلا حل ٿي وڃن ته سنڌ جي هر روز پيچيده ٿيندڙ صورتحال ڪي قدم بهتري ڏانهن اچي سگھي ٿي يعني وسيلن جي مالڪي ۽ انهن جي منصفاڻي ورڇ توڻي جو هن وقت تقريبن سڀئي پارٽيون صوبائي خودمختياري ۽ گھڻ رخي مالياتي ايوارڊ تي متفق نظر اچي رهيون آهن پر پوءِ به گذريل ڪيترن ئي سالن کان وٺي اهي مسئلا حل نه ٿي سگھيا آهن جنهن سان خاص طور تي سنڌ ۽ بلوچستان غربت ۽ محرومي جي هڪ شديد لهر هيٺ آيل آهن ان کان سواءِ عوامي حڪومت اچڻ جي باوجود به پاليسي ساز ادارن ۾ سنڌ جي ڪوٽا تي مقرريون يقيني بنائڻ جهڙا ڪيترائي مسئلا اڃان تائين حل نه ٿي سگھيا آهن ۽ سنڌ جي عوام جي ماضي جي شديد احتجاج کي ڏسندي موجوده حڪومت طرفان اهو اعلان ڪيو ويو هو ته ڪالاباغ ڊئم جو منصوبو هميشهه جي لاءِ ختم ڪيو پيو وڃي پر اڃان ان اعلان کي ڪي هڪ ٻه مهينا ئي گذريا ته ان جي خاتمي جو اعلان ڪندڙ وزير خود پنهنجي بيان تان ڦرندي ڪالاباغ جي مئل گھوڙي ۾ ٻيهر ساهه ڦوڪڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هيستائين پيپلز پارٽي جي حڪومت جو پاليسيون پرويز مشرف جي غير نمائينده دورِ حڪومت جو هڪ تسلسل ئي محسوس ٿي رهيون آهن. ۽ هن وقت جيتوڻيڪ پيپلز پارٽي جي حڪومت کي سال ٿي چڪو آهي پر پوءِ به سنڌ جي حق ۽ انصاف جو سوال ساڳئي شدت سان موجود آهي.
پيپلز پارٽي کي اها ڳالهه سمجھڻ کپي ته سنڌ ۾ هاڻ ساڳيو ماحول برقرار نه رهيو آهي صورتحال هاڻ جذبات کان حقيقت ڏانهن منتقل ٿي چڪي آهي جتي ڪارڪردگي به ماڻهن جي نظرن مان گذري رهي آهي ۽ ماڻهن هاڻ شهيدن جي خون سان گھڻو نڀاهيو آهي ۽ سدائين شهيدن جي نالي سان ساڻن دوکو ڪيو ويو آهي سو هاڻ نه اهي واڳون وارا ڳوڙها ڳاڙهڻ سان، نه شهيدن جي نالي استعمال ڪرڻ سان ۽ نه ئي وري پر فريب نعرن سان جان ڇٽي سگھندي بلڪه هاڻ ايندڙ وقت ۾ جيڪڏهن پنهنجو سياسي وجود برقرار رکڻو آهي ته پوءِ حقيقي معنيٰ ۾ ڪپڙا روٽي اور مڪان جي پنهنجي نظرئي جو ڀرم رکڻ سان گڏوگڏ سنڌ جي عوام جي حقيقي امنگن ۽ خواهشن کي به سمجھڻو پوندو
__________________
Kami kis shae ki hai tere khazaane me mere Allah
Jhukaa ke sar jo maangun teri rehmat mil hi jaaegi...
Reply With Quote