ڪاش، مان ڪائي ڪونج هجان ها
اُڏران ها هُن پار
ڪاش، مان ڪائي ڪونج هجان ها
وَلَر کان وڇڙي، تڙپي تڙپي، تُنهنجي ڏيهه پڄان ها
تنهنجيون يادون دل ۾ سانڍي، تنهنجي لات لنوان ها
اُڀ جي آڳنڌ تي پَرَ سوئي، تنهنجا پنڌ پڇان ها
بن بن ڍونڍي توکي، مٺرا، نيٺ ڪٿي ته لهان ها
ڪاش مان، ڪائي ڪونج هجان ها
__________________
Kami kis shae ki hai tere khazaane me mere Allah
Jhukaa ke sar jo maangun teri rehmat mil hi jaaegi...
|