Thread: Sindhi Notes
View Single Post
  #1  
Old Sunday, January 26, 2014
HASEEB ANSARI's Avatar
HASEEB ANSARI HASEEB ANSARI is offline
Senior Member
Medal of Appreciation: Awarded to appreciate member's contribution on forum. (Academic and professional achievements do not make you eligible for this medal) - Issue reason:
 
Join Date: Dec 2012
Location: Pakistan
Posts: 2,803
Thanks: 93
Thanked 1,321 Times in 834 Posts
HASEEB ANSARI is a glorious beacon of lightHASEEB ANSARI is a glorious beacon of lightHASEEB ANSARI is a glorious beacon of lightHASEEB ANSARI is a glorious beacon of lightHASEEB ANSARI is a glorious beacon of light
Default Sindhi Notes

سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بڻياد



ڪيترائي عالم ۽ محقق سنڌي زبان جي اصل نسل ڳولهڻ لاءِ جدوجهد ڪندا رهيا آهن ۽ ڪري رهيا آهن. هيسيتائين جيڪي به نظريا مليا آهن سي هڪٻئي ڪان بنهه مختلف آهن. هن وقت تائين ٽي مشهور نطريا سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد بابت آيا آهن سي هي آهن

سنڌي ٻولي سنسڪرت مان نڪتي آهي.: ڊاڪٽر ٽرمپ
سنڌي ٻولي بنيادي طور تي سڌو سنئون سنسڪرت ڪان اڳ واري دور جي سنڌو ماٿر جي قديم ٻولي آهي: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ
سنڌي ٻولي سنسڪرت ڄائي نه پر سنسڪرت ٻولي سنڌي ڄائي آهي: سراج احمد

پهرين نظريي جي مطابق سنڌي ٻولي سنسڪرت جي ڌيءَ آهي
ٻئي نظريي جي مطابق سنڌي ٻولي سنسڪرت ٻوليءَ جي ڀيڻ آهي
ٽئين نظريي جي مطابق سنڌي ٻولي سنسڪرت ٻوليءَ جي ماءُ آهي

ڪيتريئي ڇنڊ ڇاڻ ڪانپوءِ هيءَ ڳالهه واضح ٿي چڪي آهي ته سنڌي ٻولي سننسڪرت جي ڌيءَ ناهي. اِِن جا دليل هيٺ ڏنا ٿا وڃن


سنڌيءَ مان جيڪڌهن ڌاريا لفظ خارج ڪجن ته به ايترا لفظ بچن ٿا جو پورو مڪالمو ترتيب ڏئي سگهجي.

جڏهن آريه هندوستان ۾ داخل ٿيا ۽ ملتان ۽ ڪشمير ۾ ديرو ڄمايائون تنهن کانپوءِ مقامي ٻوليون آرين جي اثر هيٺ رهيون. سنسڪرت تنهن وقت گنگا جمنا دوآبي ۾ پنهنجون ارتقائي منزلون طئي ڪري رهي هئي، سنڌ ۾ ان وقت به قديم سنڌي رائج هئي ۽ 600 قبل مسيح تائين جيڪو سنڌي ٻوليءَ تي اثر پوندو رهيو سو پڻ ملتان ۽ ڪشمير وارن علائقن جي ٻوليءَ جو هو، نه ڪي سنسڪرت جو!

هڪ عام خيال آهي ته هندوستان جون جملي ٻوليون سنسڪرت ڄايون آهن تنهنجيڪري سنڌيءَ لاءِ به اِهو خيال آهي.

سنڌي گرامر سنڌي ٻوليءَ کي سنسڪرت ۽ اُن مان نڪتل ٻين ٻولين کي الڳ ڪري ٿو.

هندن مذهب جي بنياد تي سنڌي ٻوليءَ کي سنسڪرت يا عربي ڄائي سمجهيو. پر جيئن ته عربي ٻاهرين ٻولي آهي تنهنجيڪري پهرين خيال کي وڌيڪ ترجيح ڏنائون.

يعني ثابت ٿيو ته سنڌي ٻولي سنسڪرت ڄائي ناهي.

ڊاڪٽر غلام علي الانا چوي ٿو ته ڪن به ٻن يا وڌيڪ زبانن جي تقابلي مطالعي لاءِ جن اهم جزن جي اڀياس ۽ ڀيٽ جي ضرورت آهي اُهي هي آهن:

صوتي هڪجهڙايون
لفظن جي ڌاتن جون هڪجهڙايون
اسمن ۽ فعلن جي گردانن جون هڪجهڙايون
گردانن جي بناوٽ جا هڪجهڙا اصول
ضمير ۽ حرفن ۾ هڪجهڙايون

جيڪڏهن اِهي سڀ هڪجهڙايون ڪن به ٻن يا وڌيڪ ٻولين ۾ شامل هجن ته سمجهبو ته هڪ ٻولي ٻي ٻوليءَ مان ڦٽي نڪتي آهي يا ٻئي ٻوليون ڪنهن هڪ ئي ٻوليءَ جون ڦٽل شاخون آهن.

سنسڪرت ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙيون بيشمار هڪجهرايون آهن تنهنجيڪري ٻئي ٻوليون ڪنهن به هڪ ئي بنياد مان ڦُٽل پيون لڳن.

هاڻي جيڪڏهن ٻنهي ٻولين جو بنياد هڪ ئي ٻولي هئي ته اُها ڪهڙي بنيادي ٻولي هئي؟ اِنهيءَ جو جواب ديوان ڀيرومل جي ڪتاب ۾ ملي ٿو.

ديوان صاحب سنسڪرت جي معني صاف ٿيل يا سڌاريل ڪئي آهي. پوءِِ اِهو ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو ته هڪ اصلوڪي ٻولي ڪنهن سڌاريل يا صاف ڪيل ٻوليءَ مان ڦُٽي نڪتي هجي جڏهن ته هوءَ پاڻ ڪنهن ٻي ٻوليءَ جي سڌاريل شڪل آهي.

بنيادي ٻولي جنهن مان ٻئي ٻوليون ڦُٽي نڪتيون آهن اها پراڪرت آهي جنهن جا لهجا ڌار ڌار هئا.

ڊاڪٽر الانا لکي ٿو ته ”ماهرن جي بيان ڪيل نظرين جي مطابق چئي سگهجي ٿو ته سنڌي سنسڪرت جي شاخ نه آهي. سنڌي، سنسڪرت ۽ لهند ٽنهي جو اصل بنياد قديم پراڪرت جي هڪ ئي لهجي يعني اڌيچيه لهجي جو هڪ محاورو ”وارچڊ اپڀرنش“ آهي.“
__________________
"Nay! man is evidence against himself. Though he puts forth his excuses." Holy Qur'an (75:14-15)
Reply With Quote
The Following 8 Users Say Thank You to HASEEB ANSARI For This Useful Post:
aghaadnan (Wednesday, January 29, 2014), Bozdar Iqbal (Sunday, January 26, 2014), exclusively (Wednesday, February 19, 2014), highly uploaded (Monday, February 22, 2016), NASSEEM (Sunday, January 26, 2014), Naveed_Bhuutto (Wednesday, January 29, 2014), rija ahmed (Wednesday, February 19, 2014), Would be (Friday, June 06, 2014)