سنڌي ڊرامو
نقل ڪرڻ انساني فطرت ۾ شامل آهي. ڊراموهڪ معاشري جو عڪس آهي. معاشري ۾ تبديليون اينديون رهنديون آهن تنهنجيڪري ڊرامو به تبديل ٿيندو رهي ٿو. ڊرامي جو اصل مقصد قوم کي درپيش مسئلن کي اجاگر ڪري اُنهن جو حل ٻڌائڻ ۽ قومي مفاد وٽان تبليغ ۽ تلقين جا فرائض بجا آڻڻ آهي. تفريح مهيا ڪرڻ پڻ ڊرامي جو هڪ مقصد آهي
ڊرامي جون فني خوبيون
ڊرامي جا مکيه ٻه قسم آهن
ٽريجڊي
ڪاميڊي
ٽريجڊي ڊرامن جي پڄاڻي ڏک سان ٿئي ٿي ۽ ناظرين تي اُنهن جو گهرو اثر ٿئي ٿو. اِنهن ڊرامن جي هڪ خاصيت اِها به آهي ته ناظرين ڪردارن جو ڏک پنهنجو ڏک سمجهن ٿا. اهڙي طريقي سان ڏسندڙن جي اصلاح به ٿئي ٿي ۽ ذهني نشونما به
ڪاميڊي ڊرامن ۾ رڳو کِل ۽ خوشي هوندي آهي. اِنهن ڊرامن جو مقصد ڏکويل دلين کي ڪجهه گهڙيون سڪون جون مهيا ڪرڻ هوندو آهي
اِن کان علاوه ڊرامي ۾ هيٺيون خوبيون هجڻ گهرجن
پلاٽ جاندار ۽ حالتن پٽاندر هجي
ڊائلاگ زندگيءَ سان ڀرپور هجن
ڪهاڻيءَ جو تسلسل ٽٽڻ نه گهرجي
آغاز ۽ انجام پُر تاثر هجي
ڊرامو سبق آموز ۽ تفريحي هجي
فحاشي ۽ هلڪڙائي نه هجي
ڊرامو سياسي، سماجي ۽ معاشرتي مسئلن جي عڪاسي ڪندڙ هجي
سنڌي ڊرامي جي ارتقا
اوڻيهين صدي جي آخر ۾ هندوستان کان ناٽڪ منڊليون آيون ۽ ڊرامه ڪيائون. تنهن کانپوءِ سنڌ ۾ ڊرامي لکڻ جي شروعات ٿي
اوائلي سنڌي ڊرامو (1894ع کان 1880ع )
1880ع ۾ ”ليليٰ مجنون“ ڊرامو لکي مرزا قليچ بيگ سنڌي ڊرامن جو بنياد وڌو. تنهن کانپوءِ ٻين اديبن ان ۾ چاهه ورتو ۽ ديوان ڪوڙي مل ڪيترائي ڊرامه لکيا جن مان ”رتنا ولي“ شاهڪار هو
هي ڊراما 1894ع تائين صرف ڪتابن ۾ رهيا. 1894ع کانپوءِ ڪيترن ئي ناٽڪ منڊلين جو بنياد وڌو ويو.
هن دو ۾ ڪيترائي هندي، اردو، بنگالي ۽ گجراتي ڊراما ترجمو ڪيا ويا. اِن وقت جا ڪجهه اهم ڊراما نگار هي آهن
ماستر ڄيٺانند، لوڪ سنگه ۽ ليلارام سنگه
ڊرامي جو ٻيو دور 1894ع کان 1923ع
حقيقت نگاري جو دور_ هن دور ۾ ڊراما انگريزيءَ تان ترجمو ڪيا. جيڪڏهن هن کي انگريزي ڊرامن جي ترجمي جو دور چئجي ته به وڌاءُ نه ٿيندو. هن دور ۾ انساني جدوجهد ۽ تدبير کي اهميت ڏني وئي ۽ انهيءَ نظريي جي پرچار ڪئي وئي ته انساني تقدير، انساني جدوجهد سان ئي ٺهندي آهي
هن دور ۾ مرزا صاحب ڪيترائي انگريزي ڊارما ترجمو ڪيا جن جو تفصيل هيٺين ريت آهي
ڪنگ ليئر_شاه ايليا
مرچنٽ آف وينس_حسنا دلدار
روميو جوليٽ_فيروز دل افروز
نيڪي بدي ۽ ڪاليداس جهڙا ڊراما پڻ ترجمو ڪيائين
هن دور جي ٻين ڊراما نويسن ۾ ڀيرومل مهر چند آڏواڻي، ڄيٺمل پرسرام، لال چند امرڏنو مل ۽ ليکراج عزيز نمايان آهن
ناٽڪ منڊلين جو قيام
پهرين ناٽڪ منڊلي 1894ع ۾ ڊي_جي ڪاليج ۾ ”اميچوئرس ڊراميٽڪ سوسائيٽي“ جو بنياد پيو جنهن ۾ 1913ع تائين ڊراما ڏيکاريا ويا
1896ع ۾ حيدرآباد اميچوئرس ڊراميٽڪ سوسائٽي برپا ٿي
1917ع ۾ ڌرم آپڪا اميچوئرس ڊراميٽڪ سوسائيٽي شڪارپور قائم ٿي
ڊرامي جو ٽيون دور 1923ع کان 1947ع
سماجي مسئلن جو دور_ خانچند درياڻي هن دور جو سڀ کان وڏو ڊراما نگار هو. سنس موضوع ”سماجي مسئلا“ هو. سندس ڪجهه ڊراما هي اهن
جيئري ئي جيئري، ديش صدقي، بک جو شڪار، مايا جو انڌ وغيره. هن دور ۾ لوڪ ڪهاڻيون پڻ لکيون ويون. ڪجهه اهم ڊراما نگار هي آهن: منگهارام ملڪاڻي، محمد عثمان ڏيپلائي، محمد اسماعيل عرساڻي
ڊرامي جو چوٿون دور
ورهاڱي کانپوءِ ڊرامي لکڻ جو ڪم گهٽجي ويو پر وري آهستي آهستي ڊراما لکجڻ لڳا. پر هاڻي دنيا بدلجي چڪي هئي. سائنسي دور جو اثر ڊرامي تي به پيو. تنهن جيڪري ڊرامو ٽن حصن ۾ ورهائجي ويو سي هي آهن
فلمي ناٽڪ جو دور_ سنڌي ڊرامي اسڪرين جي شڪل ورتي ۽ فلم ”ايڪتا“ بمبئي مان نروار ٿي. هيءَ فلم مرحوم رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ ٺاهي. ٻي فلم ”عمرمارئي“ حسين شاه فاضلاڻيءَ ٺاهي. تنهن کانپوءِ سنڌي فلمون ٺهنديون رهيون ۽ اڃ به ٺهن پيون
ريڊيائي ناٽڪ جو دور_ ريڊيو تان پهريون سنڌي ناٽڪ ”موسم ۽ مجبوري“ مصطفٰي قريشي پيش ڪيو. اُن کانپوءِ ممتاز مرزا، آغا سليم، علي مرزا، سراج ميمڻ ڪيترائي ڊراما پيش ڪيا
ٽي وي ناٽڪ جو دور_ پاڪستان ٽيليويزن تان جڏهن سنڌي پروگرام پيش ٿيا ته ڊرامو به پيش ڪيو ويو. ممتاز مرزا، امرجليل، علي بابا، آغا سليم، عبدالقادر جيڻيجو ۽ نورالهديٰ شاه ڪيترائي ڊراما پيش ڪيا. علي بابا جي ڊرامي ”دنگي منجهه درياء“ بين الاقامي ايوارڊ به حاصل ڪيو
اِن کان علاوه اسٽيج به ڪافي ترقي ڪئي. مختلف شهرن جهڙوڪ ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو ۽ سکر ۾ ڪيترائي اسٽيج ڊراما پيش ڪيا وڃن ٿا. ڊرامي جو فن مسلسل ترقي پيو ڪري ۽ اڄڪلهه ڊرامو پنهنجي چئني روپن ۾ مقبول ٿي رهيو آهي. منجهس ڪيئي لاڙا جهڙوڪ_ حقيقت پسندي، جمهوريت، قوميت ۽ سماجي انقلاب وغيره ڏسڻ ۾ اچن ٿا جيڪا هڪ سٺي علامت آهي. اُميد ٿي ڪجي ته سنڌي ڊرامو اڃا به وڌيڪ منزلون ماڻيندو