Thread: Sindhi Notes
View Single Post
  #5  
Old Sunday, January 26, 2014
HASEEB ANSARI's Avatar
HASEEB ANSARI HASEEB ANSARI is offline
Senior Member
Medal of Appreciation: Awarded to appreciate member's contribution on forum. (Academic and professional achievements do not make you eligible for this medal) - Issue reason:
 
Join Date: Dec 2012
Location: Pakistan
Posts: 2,803
Thanks: 93
Thanked 1,321 Times in 834 Posts
HASEEB ANSARI is a glorious beacon of lightHASEEB ANSARI is a glorious beacon of lightHASEEB ANSARI is a glorious beacon of lightHASEEB ANSARI is a glorious beacon of lightHASEEB ANSARI is a glorious beacon of light
Default

سنڌي ناول



ناول انگريزي لفظ آهي جنهن جي معنٰي ”نمونو“ يا ”نواڻ“ آهي. ناول انساني جذبات سان گڏوگڏ قومي زندگيءَ جو عڪس پڻ هوندو آهي. انگريزي ادب ۾ ناول کي اهميت ان جي نتيجي ۾ برپا ٿيل انقلابن جي سبب کان آهي.

ناول جون فني خوبيون

پلاٽ، سيرت سنگاري، خاص مقصد، حقيقت پسندي، فصاحت ۽ بلاغت ۽ اخلاقيات ناول جي اهم خوبين منجهان آهن.

ناول جا قسم

ناول جا هيٺيان مکيه قسم آهن

واقعاتي ناول
ڊرامائي ناول
جاسوسي ناول
سماجي ناول
نفسياتي ناول
تاريخي ناول

سنڌي ناول جي تاريخ

سنڌي ناول جي ابتدا ترجمن کي سمجهڻ گهرجي يا اصلوڪن سنڌي قصن ۽ ڪهاڻين کي اِهو هڪ ادبي بحث آهي. محمد اسماعيل عرساڻي سنڌي قصن کي سنڌي ناول جي ابتدا ڪوٺيو آهي جن ۾ ڀنڀي جي ڳالهه، سڌاتورو، ۽ ڪڌاتورو شامل آهن

سنڌي ناول جو اوائلي دور 1870ع کان 1923ع

هن دور کي ترجمن جو دور به چئي سگهجي ٿو. ديوان اڌارام ۽ ساتو نولراءِ گڏجي ڊاڪٽر جانسن جي ناول ”راسيلاس“ کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. تنهن کانپوءِ ڪيترائي ناول ترجمو ٿيا.

1910ع ۾ سيرو مل ساگراڻيءَ جو طويل ناول ”هردلعزيز“ عرف ”چندرڪانتاسنتي“ قسطوار ڇپيو


اوائلي خودساخته ناول

مرزا قليچ بيگ اصلوڪا سنڌي ناول لکيا. هن 1888ع ۾ پهريون اصلوڪو سنڌي ناول ”دلارام“ ۽ ٻيو ”زينت“ 1895ع ۾ لکيو. بيگ صاحب کانپوءِ لعل چند امرڏنو مل به ڪافي اصلوڪا ناول لکيا جن ۾ ”چوٿ جو چنڊ“ ۽ ”ڀرم جي ڀلائي“ شامل آهن

ڊاڪٽر گربخشاڻي 1915ع ۾ ”نورجهان“ ناول لکيو. هن دور ۾ سماجي، اخلاقي، رومانوي ناول لکيا ويا. ڪجهه جاسوسي ناول پڻ هن دور ۾ لکيا ويا


سنڌي ناول جو ٻيو دور1923ع کان 1947ع

هي دور سياسي ڪشمڪش جو دور هو. سياسي ۽ تاريخي ناول لکيا ويا. صاحب سنگهه شاهاڻي جو ”بلو کوکر“ (1930ع) ۽ عبد الرزاق جو ناول ”جهان آرا“ (1931ع) ڪافي مشهور ٿيا

محمد عثمان ڏيپلائي هن دور جو اهم نالو آهي. پاڻ 1939ع کان لکڻ شروع ڪيائين ۽ گهڻو ڪري تاريخي ناول لکيائين جن جو تعداد لڳ ڀڳ هڪ سئو آهي. ان کان علاوه پروفيسر رام پنجواڻي، نارائڻ داس ڀمڀاڻي به هن دور ۾ اصلوڪا ناول لکيا

هن دور ۾ مجموعي طور تي سياسي ۽ تاريخي ناول لکيا ويا جيڪي حقيقت تان پردوکڻن ٿا. پر ورهاڱي سبب سنڌي ناول ٻين صنفن وانگر وري پوئتي پئجي ويو.


ورهاڱي کانپوءِ وارو دور

هن دور ۾ ناول ٻين صنفن جي ڀيٽ ۾ گهٽ ترقي ڪئي جنهن جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا. تنهن هوندي به ڪجهه ناول نگارن ڪامياب تجربا ڪيا. تنهن جو ڪجهه تفصيل هيٺ ڏجي ٿو

سراج الحق ميمڻ_ سراج الحق ميمڻ پڙاڏو سوئي سڏ، مرڻ مون سين اءُ، منهنجي دنيا هيڪل وياڪل، تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول ۽ منهنجي دنيا مرگه ترشنا اهم ناول لکيا. پهريان ٻه ناول ارغونن ۽ ترخانن جي ظلم ۽ ڏاڍ جي داستان آهن

ڊاڪٽر نجم عباسي_ ڊاڪٽر نجم عباسي پنهنجي ناولن نه فقط ڌرتي جا ڏک ۽ مسئلا ٻڌائي ٿو پر سندن قابلِ قبول حل پڻ ڏئي ٿو. سندس ناول بلنديون، تلاش ۽ پيار ڪهاڻي تمام گهڻا مشهور ٿيا

آغا سليم_ آغا سليم هن دور جو منفرد اديب آهي. هو سونهن، سچائي، تهذيب ۽ اعلٰي انساني قدرن جو علمبردار آهي جيڪو هن جي ناولن اونداهي ڌرتي روشن هٿ، اڻپورو انسان، روشنيءَ جي تلاش ۽ هم اوست مان ظاهر ٿئي ٿو

ناول جي صنف تي ڪيترائي لاها چاڙها آيا پر ناول جيئن اڳ هميشه هر مشڪل ۽ آسان دور ۾ لکبو رهيو اڄ به نه فقط لکجي ۽ پڙهجي رهيو آهي پر ان ۾ ڪجهه نوان تجربا پڻ ٿي رهيا آهن
__________________
"Nay! man is evidence against himself. Though he puts forth his excuses." Holy Qur'an (75:14-15)
Reply With Quote
The Following 3 Users Say Thank You to HASEEB ANSARI For This Useful Post:
aghaadnan (Wednesday, January 29, 2014), highly uploaded (Monday, February 22, 2016), Naveed_Bhuutto (Wednesday, January 29, 2014)