Wednesday, April 24, 2024
05:29 PM (GMT +5)

Go Back   CSS Forums > CSS Optional subjects > Group VII > Sindhi

Reply Share Thread: Submit Thread to Facebook Facebook     Submit Thread to Twitter Twitter     Submit Thread to Google+ Google+    
 
LinkBack Thread Tools Search this Thread
  #1  
Old Tuesday, June 14, 2011
Zulfiqar Shah's Avatar
Senior Member
 
Join Date: Feb 2006
Location: KARACHI
Posts: 182
Thanks: 0
Thanked 236 Times in 130 Posts
Zulfiqar Shah will become famous soon enough
Default پهاڪن جي پاڙ

اَڇي ڏاڙهي، اَٽو خراب
سنڌ جا ٻه نواب، جي دنگئي پَلئي هئا، تن مان هڪڙي، هڪ اڇي ڏاڙهي وارو ماڻهو مقرر ڪيو، جو ٻئي نواب جي دِڳي مان ڳَرٽ ڳَرٽ ڇوڪرا برغلائي ايندو هو، جن کان ڍڳن ڍورن چارڻ ۽ ٻي خدمت چاڪري جو ڪم ورتو ويندو هو. ٻِئي نواب، وري هڪ چالاڪ ڳڀرو ڇوڪرو پاڻ وٽ رکيو هو، جو وري هُن نواب جي حد مان، اڇي ڏاڙهي وارن کي ڏٽا سٽا ڏيئي، کين مقرر سَراءِ ۾ آڻي ڪڍندو هو، جتي انهن کان چَڪي پيهڻ جو ڪم ورتو ويندو هو.
هڪڙي ڏينهن پوڙهي ۽ ڇوڪري جو هڪ ٻئي سان پَلئه پيو. پوڙهي پَههُ پچايو ته، ”آئون، هن ڇوڪري کي هيٺاهيون مٿاهيون ڏئي، پنهنجي حد ۾ وٺي وڃان.“ ڇوڪري خيال ڪيو ته ”آءُ، هن پوڙهي کي پاڻ سان وٺي وڃان.“
ٻئي پنهنجي پَهن گَهن ۾ مست ۽ مگن!
نيٺ جڏهن هڪ ٻئي جي ڊهَه بَڊهَه (روبرو) ٿيا، تڏهن ڇوڪرو ٽاڙهه ڏيئي، رئندو رئندو، چاچا سائين، چاچا سائين، ڪندو، اچي پوڙهي جي پيرن تي پيو. روئي جو روئي پيو زارو زار! پوڙهي کي هن جي روئڻ تي رحم آيو. سو ڳرٽڙي پائي، پڇيائينس ته، ”ابا، روءُ نه، خبر ڪر ته روئين ڇو ٿو؟“ . ڇوڪري ڏاڍي ڍنَگَ پيچ ۽ ڦَند سان ڇَند ڪري، چيو ته ”بابو ويچارو راه رباني وٺي ويو، اما ۽ ٽي ڀينرون ڇڏي ويو آهي. ڏوڪڙ پيسو، ۽ ٻني ٻارو به آهي، پر سنڀالي ڪير؟ اما چيو ته، ”پٽ، تنهنجو چاچو هتان رُسي ويو آهي، اُن کي ڳولي ڦولهي اچ. ڏَسَ پَنڌَ ۽ پار پَتا، جيڪي ڏنا اٿس، سي سڀ چاچا، تو ۾ آهن، سو مهرباني ڪري هاڻي هَل، ۽ هلي سار سنڀال لَههُ. ، مطلب ته ڇوري، اهڙا ته حيلا هلايا، جو پوڙهو فريب ۾ ڦاسي ويو. ڇوڪري کي چيائين ته، ”پُٽ، ماٺ ڪر، روءُ رڙ نه، مون سڀ ڪاوڙ ڇڏي، هل ته هاڻي ئي هلون ٿا.“ ڇوڪر اڳيان، پوڙهو پويان. جڏهن مقرر سراءِ جي ڀرسان آيا، تڏهن ڇوڪري، پوڙهي کي چيو ته، ”چاچا، تون هل، انهيءَ جاءِ ۾، ته آئون جھنگ جو خيال لاهيو ٿو اچان.“ پوڙهو خوشيءَ سان سراءِ ۾ گهڙيو. اُتي ته اڳيئي جوان انتظار ۾ ويٺا هئا، جن پوڙهي کي پهچندو ڏسي، جھلي، چَڪَيءَ (جنڊ) تي ويهاري، ڪاسو اَن جو ڏيئي، چيائونس ته، ”پيھُ اَنُ، نه ته سِر جو خير نه ٿيندءِ“ . اتي پوڙهي سمجھيو ته، ”مار، ڇوڪرو راند هڻي ويو !“.
ڀلا هڪ پيرسن، ٻيو جنڊ ڳورو ۽ اَن گهڻو، ويچارو سو ڪري به ڪري ڇا! جي تڪڙو ٿو هلائي ته اَنُ ڏارو پيو ٿئي، جي هوريان ته اَٽو نه پيو نِبري، اچي ويو سورن ۾! مٿانئس بيٺل ماڻهو، ٿورو ۽ ڏڏريل اَٽو ڏسي، کيس چون ته، ”پوڙها، هي ڇا ٿو ڪرين؟ اَڇي ڏاڙهي ۽ اَٽو خراب!“.
مطلب: جڏهن ڪو ڪم، ڪنهن لياقت مطابق ڪيل نه ڏسڻ ۾ ايندو آهي، تڏهن ائين چئبو آهي.

آيا مير، ڀڳا پِير:
جڏهن ڏاڍا اچن، تڏهن هيڻا بيهي نه سگهن.
سنڌ ۾ ”ڪلهوڙن“ جي صاحبي 1701ع کان 1782ع تائين هلي. ڪلهوڙن کي ”ميان“ ۽ ”پِير“ به ڪري سڏيندا هئا، ڇاڪاڻ ته کين ڪيترائي مريد هئا. ميرن جي اچڻ بعد ڪلهوڙن جو زوال اچي ويو. تنهن تي ڪنهن ائين چيو ته : ”آيا مير، ڀڳا پِير“ .

اَبو گسي، ڌيءَ وسي:
هندن ۾ رواج آهي ته ڌيءَ کي جھجھو (وڌيڪ) ڏاج ڏين. ڪنهن سيٺئي، ڌيءَ کي ايترو ته ڏاج ڏنو، جو پاڙي وارن کي ڏندين آڱريون اچي ويون. تنهن تي ڪنهن پاڙي واري ائين چيو: ” اَبو گسي، ڌيءَ وسي.“
مطلب: اَبي جي کٽي، اَدي کپائي، ڪمائي هڪڙو ته کائي ٻيو،

اُٺ نه پڄي، هڻي ٻورون لتوُن:
هڪ جي باھ، ٻئي مان ڪڍڻ.
جَت، اُٺن تي مال لَڏيو، پاڻ ٻورن مٿان چڙهيو پيا وڃن. اُٺن کي تيز هلڻ لاءِ خوب لتون پيا هڻن، پر لتون ته اُٺن تائين پهچن ئي نه پيون، تنهنڪري اُٺن جي تيزيءَ ۾ خيرڪو فرق نه پئي آيو. وري زور سان لتون پيا هڻڻ، ته به اُٺن تائين نه پيو پهچن، ۽ ٻورن کي پيون لڳن. تڏهن ڪنهن ڏسي ائين چيو.

اَپڻا مال هي، روسُون ڀي، کائسُون ڀي، (سرائڪي):
پنهنجي ڪيل ڳالھ، کلي به قبولبي ۽ روئي به.
جَت، بصر سان ماني پيا کائين. بصرن جي بانس ۽ ڪَڙاڻ کان، سندن اکين مان پاڻي پيو وهي. ڪنهن چيو ته ”رو به پيا ته کائو به پيا!“ کلي چيائون ته ” اَپڻا مال هي، روسُون ڀي، کائسُون ڀي.“

اَڍائي گهرن جو خير:
سڀ جو خير، سڄي جھان جو خير.
قديم زماني ۾، ڀارت ورَش ۾ اڍائي گهر ليکيندا هئا: گهر برهمڻ جو، گهر کَتريءِ جو ۽ اڌ گهر وَيش جو. عربن ۾ وري گهر مسلمانن جو، گهر اهل ڪتاب(يهودين ۽ عيسائين جو*، ۽ اڌ گهر ٻئي مذهب وارن جو شمار ڪيو ويندو هو.
سنڌ ۾ اسلام اچڻ کانپوءِ گهر ”هندو“ گهر ”مسلمان“ ۽ باقي اڌ گهر ”ٻاليشاهيءَ“ جو ڳڻجڻ ۾ آيو. ۽ اڄ تائين سنڌ ۾ اهي ئي اڍائي گهر شمار ڪيا ويندا آهن.
ماڻهو عام طرح دعا گهرڻ وقت، الله تعالى جي حضور ۾ عرض ڪندا آهن ته، ”خدايا! اڍائي گَهرن جو خير گذارج، ۽ انهن جي صدقي اسان جو به!“

انڌير نگري، چرٻٽ راجا ٽڪي سير ڀاڄي، ٽڪي سير کاڄا:
جڏهن ڪو ظالم يا بي عقل حاڪم ٿيندو آهي، تڏهن ان جي حڪومت جو جلد ئي زوال اچي ويندو آهي، يا جڏهن ڪو حاڪم، رعيت جي حال کان غافل ۽ بي پرواھ رهندو آهي، تڏهن ان جي دور ۾ ظلم ۽ مصيبت حد کان وڌيڪ لنگهي ويندا آهن. اهڙي وقت لاءِ ائين چئبو آهي.
ڳالھ ڪندا آهن ته هڪڙو گُرو، پنهنجي چيلي سان گڏ، تيرٿ ڪندو، هڪڙي ڳوٺ ۾ اچي پهتو، جنهن جو نالو ”انڌيري نگري“ هو. گروءَ، پنهنجي چيلي کي کاڌي پيتي جي شين خريد ڪرڻ لاءِ بازار ڏانهن موڪليو چيلي وڃي ڏٺو ته مار! هتي ”ڀاڄي“ به ٽَڪي سير ته ”کاڄا“ به ٽڪي سير! هن ڇا ڪيو، جو ٽڪي ۾ کاڄن جو سير خريد ڪري، پنهنجي گُروٰٰءَ کي اچي، چيائين ته ”گُرو جِي، هت ڏاڍو مزو آهي،
__________________
Allah (SWT) says: “And there should be a group amongst you who invite towards good, order for acknowledged virtues, forbid from sin and these it is that are the successful ones” (Ale Imran: 104).
Reply With Quote
The Following 2 Users Say Thank You to Zulfiqar Shah For This Useful Post:
newindividual (Wednesday, February 27, 2013), shoaibbaloch (Tuesday, September 27, 2011)
Reply


Posting Rules
You may not post new threads
You may not post replies
You may not post attachments
You may not edit your posts

BB code is On
Smilies are On
[IMG] code is On
HTML code is Off
Trackbacks are On
Pingbacks are On
Refbacks are On


Similar Threads
Thread Thread Starter Forum Replies Last Post
Sheikh Ayaz G Poetry Only zuhaib amed Sindhi Poetry 20 Wednesday, August 08, 2012 05:20 PM
CCE-2003 Exam papers of 2555 candidates to be rechecked - SPSC Source Raz SPSC Other Examinations 11 Thursday, February 10, 2011 01:38 AM
Shah jo Risalo Zulfiqar Shah Sindhi Poetry 29 Thursday, January 13, 2011 12:24 PM
سنڌ جي حق ۽ انصاف جو سوال؟؟ sara soomro News & Articles 3 Wednesday, May 20, 2009 05:58 PM


CSS Forum on Facebook Follow CSS Forum on Twitter

Disclaimer: All messages made available as part of this discussion group (including any bulletin boards and chat rooms) and any opinions, advice, statements or other information contained in any messages posted or transmitted by any third party are the responsibility of the author of that message and not of CSSForum.com.pk (unless CSSForum.com.pk is specifically identified as the author of the message). The fact that a particular message is posted on or transmitted using this web site does not mean that CSSForum has endorsed that message in any way or verified the accuracy, completeness or usefulness of any message. We encourage visitors to the forum to report any objectionable message in site feedback. This forum is not monitored 24/7.

Sponsors: ArgusVision   vBulletin, Copyright ©2000 - 2024, Jelsoft Enterprises Ltd.