Saturday, April 20, 2024
04:56 AM (GMT +5)

Go Back   CSS Forums > CSS Optional subjects > Group VII > Sindhi

Reply Share Thread: Submit Thread to Facebook Facebook     Submit Thread to Twitter Twitter     Submit Thread to Google+ Google+    
 
LinkBack Thread Tools Search this Thread
  #11  
Old Tuesday, June 14, 2011
Zulfiqar Shah's Avatar
Senior Member
 
Join Date: Feb 2006
Location: KARACHI
Posts: 182
Thanks: 0
Thanked 236 Times in 130 Posts
Zulfiqar Shah will become famous soon enough
Default

اکڙيون جو پُل لاءِ پُوريون سي ڪيئي پيارا ويجھو ها
وڇڙي ويا جي ورهين کان سي جيءَ جيارا ويجھو ها

پو به اسان جي روح نه پاتو ڀٽڪي ڀٽڪي چين
تنهنجون اکڙيون مڌ جون پياليون ڪيئي سهارا ويجھو ها

ڪئين چوان ڇا لاءِ ڇڪن ٿيون لهريون ۽ لسن ليٽ
پوءِ به اونهي سان ٽڪيا سي گرچه ڪنارا ويجھو ها

ڪئين چوان او ڪئين چوان ڇا لاءِ ٽِليا سي ٽانڊن تي
جيءَ اسان جي ۾ هئي جھِر مِر چنڊ ستارا ويجھو ها

دُور ويا مجبور هُيا، ويا سُپرين پنهنجو ساٿ ڇڏي
پو به ’اياز‘ اسان جي دل کي هو دل وارا ويجھو ها
__________________
Allah (SWT) says: “And there should be a group amongst you who invite towards good, order for acknowledged virtues, forbid from sin and these it is that are the successful ones” (Ale Imran: 104).
Reply With Quote
  #12  
Old Tuesday, June 14, 2011
Zulfiqar Shah's Avatar
Senior Member
 
Join Date: Feb 2006
Location: KARACHI
Posts: 182
Thanks: 0
Thanked 236 Times in 130 Posts
Zulfiqar Shah will become famous soon enough
Default

ڪنهن جي ناهي هيءَ سراء،ِ
رات گُذاريئه، هاڻي هَل.

اُن تي مَڌ جو مينهن وساءِ،
ٽِڙندو ٽانگر جئن پَل پَل.

اُڏري ڪائي لات ڪيان،
ڪيسين روڪيندو اَڻ ــ جَل.

تاڙي مار نه، جي آيو،
تنهنجي ماڙيءَ تي طوطل.

تنهن جيوَن کي آگ لڳاءِ،
جنهن ۾ ناهه ڪرم جو ڦَل.

ڪيچ هجي ڪيڏو به پري،
آريءَ پُٺيان آءُ اَٽل.

ٿَر ۾ ٿانئيڪو نه ٿيو،
ڪوئي ڪوئي ڪارايَل.

آخر ڪارونڀار ڪري،
برسي ٿو بُٺ تي بادل.

هي واريءَ تي وڏ ڦُڙو،
هي ساوڻ جو سُر منڊل.

اي ڪوئل! هي ننڊ ـــ فنو،
تو جھڙو ڪو ڪُوڪ ڪُٺَل.

ٻگھڻ ٻولي تنهنجي لاءِ،
منهنجي ڪوتا آهه ڪَجل.

سنڌڙيءَ کي سيباءِ، ’اياز‘،
پنهنجو گيڙو ويس غزل.
__________________
Allah (SWT) says: “And there should be a group amongst you who invite towards good, order for acknowledged virtues, forbid from sin and these it is that are the successful ones” (Ale Imran: 104).
Reply With Quote
  #13  
Old Tuesday, June 14, 2011
Zulfiqar Shah's Avatar
Senior Member
 
Join Date: Feb 2006
Location: KARACHI
Posts: 182
Thanks: 0
Thanked 236 Times in 130 Posts
Zulfiqar Shah will become famous soon enough
Default

ڪو ئي اُنتيءَ جو اِمڪان!
سڏ، پڙاڏو ٻئي حيران.

تڙپي ٿي تهذيب اڃا،
ڪيڏو وحشي آ انسان!

ساڳيا پاپيءَ جا پنجوڙ،
ساڳيو زر جو آ زندان.

ساڳيو ڏاڍي جو ڏهڪاءُ،
هيڻو اڳ جھڙو حيران.

ساڳيءَ سوريءَ تي منصور،
ساڳيو سَرمد تي بهتان.

ساڳي ڳانڌيءَ لئه گولي،
ساڳيو لال لهوءَ سان گيان.

ساڳي چارڻ جي چکيا،
ساڳيو شاعر جو شَمشان.

اڄ ڀي _ڏات مُصور جي،
رت ۾ ٻوڙي کائي نان.

جاري ساڳي جنگ جَدل،
عاري ساڳيو اَمن اَمان.

اڄ ڀي ويڙهه نٿي سوچي،
ڪنهن جو ويڙهو ٿيو ويران.

ڪنهن ماتا جي مَمتا مُئي،
ڪنهن ننگر جو نِڪتو پان.

ناگا ساڪي ڪافي ناهه،
سڀڪجھ ناس ڪندو نادان!

ميخاني ۾ پيو نه پتو،
ٻاهر رات هُيو طوفان.

هاريو مَي جو جام ”اياز“،
ساڳيو نه رهيو هي انسان.
__________________
Allah (SWT) says: “And there should be a group amongst you who invite towards good, order for acknowledged virtues, forbid from sin and these it is that are the successful ones” (Ale Imran: 104).
Reply With Quote
  #14  
Old Tuesday, June 14, 2011
Zulfiqar Shah's Avatar
Senior Member
 
Join Date: Feb 2006
Location: KARACHI
Posts: 182
Thanks: 0
Thanked 236 Times in 130 Posts
Zulfiqar Shah will become famous soon enough
Default

سوچي قاتل جو قاتل،
آيو قاتل تي ڪهڪاءُ.

پر جي ڪوئي نانگ هُجي،
تنهن کان ڪهڙو آهه بچاءُ!

سِر جي بدلي ڏين ٿو سون،
پو ڀي تو وٽ ناهه وِڪاءُ!

او وڻجارا وائيءَ جا،
مَن جو موتي ڪهڙي ڀاءُ!

گھايل مَن جا گھايل گيت،
جِن ۾ پيڙا جو پَڙلاءُ.

جِن ۾ ڌَرتيءَ ڌرتيءَ دُک،
جِن ۾ ماڻهوءَ ماڻهوءَ گھاءُ.

ڀنڀٽ بڻبا نيٺ ’اياز‘
جُڳ جُڳ جلندا منهنجا ڀاءُ!
__________________
Allah (SWT) says: “And there should be a group amongst you who invite towards good, order for acknowledged virtues, forbid from sin and these it is that are the successful ones” (Ale Imran: 104).
Reply With Quote
  #15  
Old Tuesday, June 14, 2011
Zulfiqar Shah's Avatar
Senior Member
 
Join Date: Feb 2006
Location: KARACHI
Posts: 182
Thanks: 0
Thanked 236 Times in 130 Posts
Zulfiqar Shah will become famous soon enough
Default

ميلي ۾ تُون تنها تنها، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟
اک ۾ ڳوڙها، هٿ ۾ گجرا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟

سَر سوتيءَ جي مندر ڀرسان بيٺو واجھائين،
ڪنهن لئه ترسي تنهنجي وِينا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟

تُنهنجون اکڙيون پو به اُڃايون، تَل تَرايون سَوَ،
هرڻيءَ جھڙا منهنجا هِردا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟

سانجھيءَ ٽاڻي ڪارا ڪڻڇي آکيري آيا،
پرڙا کولي پيار ـــــ پکيئڙا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟

ساري جيون مايا سپنو، تنهن ۾ سَوَ سپنا،
او سپنا، سپني جا سپنا! ڪنهن کي ڳولين ٿو؟

پير پَٽيءَ تي ناهي تُنهنجو، ڪهڙو تنهنجو ماڳ؟
رستي مان نڪتا سَوَ رستا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟

او رکوالا! کوٽين ڇو ٿو هيءَ جيون جي رکَ،
آڻي اگنيءَ جھڙي آشا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟

اونهاري جو سِجُ ته ناهي، آهه ازل جي اکَ،
هاءِ، ڇڏي ڇَنَ جا ڇانورڙا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟

دانهون ٿو درياهُه ڪري، ٻُڌ ڪُن ڪُن جا ڪڙڪا،
ٻيڙيءَ ٻيڙيءَ ۾ او ٻوڙا! ڪنهن کي ڳولين ٿو؟

ڪاري رات، ڪَتيءَ ڏي ڪَرڪِي، ڪائي ڪُونج اُڏي،
پيارا تُون به تڪيندي تارا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟

وَسندو رهندو آهي تو وٽ، سانَوَڻ ساري رات،
ڳوڙها ڳوڙها نيڻ نماڻا! ڪنهن کي ڳولين ٿو؟

ڪوبه نه ايندو ، ڪوبه نه ايندو، ڪوبه نه تُنهنجي دُوار!
بند ڪري ڇڏ هي دروازا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟

اَڻ ٿيڻيءَ کي چاهين، تنهنجي ٿِڻيءَ سان نه پَوي،
ڏِس ٿيڻيءَ جا ٿوڻيون ٿنڀا! ڪنهن کي ڳولين ٿو؟

هي مَٿرا جا مندر، سانجھيءَ ويلي جمنا گھاٽَ،
مَنَ ۾ سِنڌوءَ جا سَوَ سپنا، ڪنهنن کي ڳولين ٿو؟

برندا بَن ۾ آيو آهين، ڪنهن جي لاءِ ڪَوي،
ڪنهن جي بنسي! ڪهڙي راڌا؟ ڪنهن کي ڳولين ٿو؟

شايد تُون ئي پاڳل پُري پاڳل خاني ۾ ــــــ
پاڳل گڏجي توتي کِلندا! ڪنهن کي ڳولين ٿو؟

هارُ هندوري ۾ ڪيرايو، جيڪو مُنڌَ مُئيءَ،
موتي موتي ٿي ويو پيارا! ڪنهن کي ڳولين ٿو؟

خاڪ اُڏاڻي، ڪاڪ ڪري پئي، پوئين پهر ’اياز‘!
ڪهڙي مُومل منهنجا راڻا! ڪنهن کي ڳولين ٿو؟
__________________
Allah (SWT) says: “And there should be a group amongst you who invite towards good, order for acknowledged virtues, forbid from sin and these it is that are the successful ones” (Ale Imran: 104).
Reply With Quote
  #16  
Old Tuesday, June 14, 2011
Zulfiqar Shah's Avatar
Senior Member
 
Join Date: Feb 2006
Location: KARACHI
Posts: 182
Thanks: 0
Thanked 236 Times in 130 Posts
Zulfiqar Shah will become famous soon enough
Default

اچڻو آهين جي تون، آءُ،
ڪيسين سانڍيان مان سوداءَ!

ڪنهن ٿي ڄاتو، اي انسان،
تو کي ڪُهندو تنهنجو ڀاءُ!

جِيون پو به ڪري ٿو چونڊ،
توڙي ڏئي ٿو موت چتاءُ.

اندر سيخون، ڪوٽ ڪڙا،
ٻاهر ڪُونجون، هِير ــ هُڳاءُ،.

اونهاري جي اوجل باک،
آءُ، اڱڻ ۾ منهنجي آءُ!

او زندان جي ڪارِي ولهه!
تو ۾ آهيان آءُ اُلاءُ.

وڃ وڃ موٽي، وڃ وڃ، ويڄ!
گهايل ڄاڻي منهنجو گهاءُ.

مون کي ڪوئي ڪونه پَلي،
پيار نه ڄاڻي ٿو پڇتاءُ
__________________
Allah (SWT) says: “And there should be a group amongst you who invite towards good, order for acknowledged virtues, forbid from sin and these it is that are the successful ones” (Ale Imran: 104).
Reply With Quote
  #17  
Old Tuesday, June 14, 2011
Zulfiqar Shah's Avatar
Senior Member
 
Join Date: Feb 2006
Location: KARACHI
Posts: 182
Thanks: 0
Thanked 236 Times in 130 Posts
Zulfiqar Shah will become famous soon enough
Default

اسان جي دل اوهان جو حُسن، جي ملندا ته ڇا ٿيندو
ڪٿي جنت ڪندا آباد پنهنجي ڪا، ته ڇا ٿيندو

جهانِ نو! اوهان جي زُلفِ برهم جا هي سودائي
جڏهن دار و رسن تي جھومندا ويندا، ته ڇا ٿيندو

خوشيءَ جا راڳ ڳائيندا به ڪيسين آشيان وارا!
قفس آه و فغان سان گُونجندا رهندا، ته ڇا ٿيندو

اسان جو عشق هاڻي مثلِ مؤجِ پُرسڪون آهي
اگر اُٿلي پيو هُو حُسن جو دريا، ته ڇا ٿيندو

جڏهن تون دُور آهين، ايتري بي چين آهي دل
قريب آئين اگر تون اي پرين پيارا، ته ڇا ٿيندو

اجايو زندگانيءَ ڀر سپون سُونجھيون سي ساحل تي
نه ملندو جيڪڏهن هو گوهِر يڪتا، ته ڇا ٿيندو

وطن تنهنجي تصور جو ”اياز“ آخر ڪٿي آهي
چئي ڏيندين اگر پُڇندا وطن وارا، ته ڇا ٿيندو
__________________
Allah (SWT) says: “And there should be a group amongst you who invite towards good, order for acknowledged virtues, forbid from sin and these it is that are the successful ones” (Ale Imran: 104).
Reply With Quote
Reply


Posting Rules
You may not post new threads
You may not post replies
You may not post attachments
You may not edit your posts

BB code is On
Smilies are On
[IMG] code is On
HTML code is Off
Trackbacks are On
Pingbacks are On
Refbacks are On


Similar Threads
Thread Thread Starter Forum Replies Last Post
شيخ اياز Zulfiqar Shah Sindhi 0 Tuesday, June 14, 2011 12:23 PM
پهاڪن جي پاڙ Zulfiqar Shah Sindhi 0 Tuesday, June 14, 2011 12:16 PM
CCE-2003 Exam papers of 2555 candidates to be rechecked - SPSC Source Raz SPSC Other Examinations 11 Thursday, February 10, 2011 01:38 AM
سنڌ جي حق ۽ انصاف جو سوال؟؟ sara soomro News & Articles 3 Wednesday, May 20, 2009 05:58 PM


CSS Forum on Facebook Follow CSS Forum on Twitter

Disclaimer: All messages made available as part of this discussion group (including any bulletin boards and chat rooms) and any opinions, advice, statements or other information contained in any messages posted or transmitted by any third party are the responsibility of the author of that message and not of CSSForum.com.pk (unless CSSForum.com.pk is specifically identified as the author of the message). The fact that a particular message is posted on or transmitted using this web site does not mean that CSSForum has endorsed that message in any way or verified the accuracy, completeness or usefulness of any message. We encourage visitors to the forum to report any objectionable message in site feedback. This forum is not monitored 24/7.

Sponsors: ArgusVision   vBulletin, Copyright ©2000 - 2024, Jelsoft Enterprises Ltd.