CSS Forums

CSS Forums (http://www.cssforum.com.pk/)
-   News & Articles (http://www.cssforum.com.pk/general/news-articles/)
-   -   سنڌ جي حق ۽ انصاف جو سوال؟؟ (http://www.cssforum.com.pk/general/news-articles/23916-1587-1606-1676-1580-1610-1581-1602-1789-1575-1606-1589-1575-1601-1580-1608-1587-1608-1575-1604-1567-1567-a.html)

sara soomro Wednesday, May 20, 2009 05:34 PM

سنڌ جي حق ۽ انصاف جو سوال؟؟
 
[FONT=MB Lateefi]ماضي ۾ ته سنڌ سان اهو ڪلور رهيو آهي جو سنڌ ۾ سنڌ جي ماڻهن جي نمائينده حڪومت چونڊجي اچڻ بجاءِ اسلام آباد پنهنجي مرضي جي حڪومت ۽ ماڻهو سنڌ تي ٿاڦيندو رهيو آهي جنهن صورتحال جو نتيجو اهو نڪري ٿو ته اهي اهل حڪمران سنڌ جي ماڻهن ڏانهن پنهنجو پاڻ کي جوابده ئي نٿا سمجھن ۽ سدائين اهي اسلام آباد جي، جي حضوري ۾ پورا ۽ سنڌ جي مفادن کي وڪڻي اسلام آباد کي وفادار هئڻ جو يقين ڏياريندا رهندا آهن. ان جي ڪري سنڌ ڪافي عرصي کان وٺي ڀوڳنائن جي هڪ اهڙي سفر جي مسافر بڻيل آهي جنهن جي سفر جو نه ڪو آند آهي ۽ نه ئي ڪو پاند[/FONT]
[FONT=MB Lateefi]پر هن وقت صورتحال ان کان ڪجھ مختلف ضرور آهي حڪومت انهي پارٽي جي آهي جيڪا سنڌ جي ماڻهن جي ووٽ جي وڏي طاقت سان چونڊجي آئي آهي ۽ پنهنجو پاڻ کي سنڌ جي ماڻهن جي نمائينده ۽ عوامي حڪومت چورائي ٿي. سنڌ جا ماڻهو ماضي جي ٻن ڏهاڪن کان وٺي سورن سوائي جنهن صورتحال مان گذريا آهن ان صورتحال کي ڏسندي سنڌ جي ماڻهن موجوده حڪومت مان ڪافي اميدون رکيون هيون ته پيپلز پارٽي جي حڪومت ايندي ته سندن سورن ۾ به ڪجھه ٺاپر ايندي، جڏهن پيپلز پارٽي جي حڪومت آئي ته اهو چيو ويو ته اسان جي نئين نئين حڪومت آهي ڪجھه پير مضبوط ڪرڻ ڏيو ته اسين سڀ مسئلا حل ڪنداسين پر هاڻ جڏهن حڪومت کي تقريبن سال جو عرصو ٿي چڪو آهي ۽ وقت جي ڦرندڙ ڦيٿي سان اهي اميدون روز بروز پنهنجي موت مري رهيون آهن ۽ سنڌ جي ماڻهن جي سپنن ۽ خوابن جا لاش اُٿي رهيا آهن سنڌ جي ماڻهن جنن کي بهتري[/FONT][FONT=MB Lateefi]۽ تبديلي جا خواب ڏيکاريا ويا هئا انهن کي تعبير ۾ بدتري ۽ بدحالي ڏني ويئي آهي اميدون آخر دم ڇو نه ٽوڙين جڏهن غريب هاري کي 650 واري يوريا ڀاڻ جي ٻوري سيٺين ۽ ڪارخانيدارن جي ملي ڀڳت سان 1100 سئو ۾ وڪرو ڪئي وڃي ۽ نتيجي ۾ سرڪاري قدم ندارت بڻيل هجي، سنڌ جو ماڻهو اڄ به پاڻي لپ لاءِ احتجاج ڪرڻ تي مجبور هجي ۽ صوبي ۾ هڙ کائو آفيسرشاهي هر اڇي ڪاري ۽ ٻڌي ڇوڙي جي مالڪ بڻيل هجي صوبي ۾ پوليس هٿان بيگناهن جو قتل عام ائين جاري هجي جهڙي طرح اڳ ٿيندو هو ۽ ڏوهاري بي ڊپا ٿي ڪاروايون ڪري رهيا هجن امن امان خود امان جي خيرات پني رهيو هجي. سنڌ جي اترئين علائقن ۾ ڌاڙيل ڀنگ ۽ تاوان خاطر ماڻهن کي اغوا ڪري رهيا آهن ته ڏاکڻي سنڌ ۾ وري ڀاڳيا ماڻهو ٻهراڙين ۾ راتيون جاڳي گذارڻ تي مجبور آهن روز ڪنهن جو ڍڳو ته ڪنهن جي مينهن ۽ ٻڪري چور ڪاهيو وڃن ماڻهو جان توڙي مال جي حوالي سان اڄ به عدم تحفظ واري صورتحال ۾ آهن ۽ ان اهڙي ماحول کي سڌارڻ جي لاءِ ڪٿان ڪو شروعاتي قدم به کڄندو نظر نه پيو اچي ۽ حسب دستور و روايت اهل اقتدار سڀ ٺيڪ جو راڳ آلاپڻ ۾ پورا آهن ته ڇا اتي اميدون دم گھٽجڻ تي مري نه وينديون آهن. سنڌ جي اهو نوجوان جيڪو ڪالهه به ڊگرين جا بنڊل هٿ ۾ کنيو روزگار جي لاءِ پريشان هو سو اڄ به دربدري جي حالت ۾ ئي آهي، جهڙي طرح ڪالهه هن جي لاءِ سنڌ جي ڪارخانن، فيڪٽرين ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنين توڙي آئل اينڊ گئس فيلڊس ۾ داخلا شجر ممنوع هئي اهڙي طرح اڄ به کيس نو ويڪينسي جو جواب ئي مقدر بڻيل آهي. سنڌ جيڪڏهن ڪالهه ارباب غلام رحيم جي حڪومت ۾ خودڪشين جو ديس بڻيل هو ته اڄ به خوابن جو مقتل گاهه ئي بڻيل آهي اڄ به مائيٽ پنهنجا ٻچا وڪرو ڪرڻ تي مجبور آهن اهي حالتون اهڙي علائقي ۾ پيدا ٿينديون آهن جتي ماڻهن کي اميدن جي موٽ مايوسي جي صورت ۾ ڏني وڃي. ڇا پيپلز پارٽي پنهنجي سياسي مستقبل جي لاءِ موجوده صورتحال کي برداشت ڪرڻ جي طاقت رکي ٿي خاص طور تي ان وقت جڏهن ان وٽ محترمه بينظير جهڙي سياسي ليڊر ناهي رهي ان صورت ۾ سڀاڻي اقتدار کان ٻاهر ٿيڻ جي صورت ۾ پيپلز پارٽي سنڌ جي ماڻهن ۾ پنهنجو اهو ساڳيو گرائونڊ قائم رکي سگھندي. جيڪو کيس اڳ ۾ عوامي پارٽي جي حيثيت ۾ حاصل هو. خاص طور تي ان وقت جڏهن سنڌ جي ماڻهن جو محترمه جي قاتلن جي گرفتاري وارو مطالبو سندس مڙس جي صدر ۽ سندس ئي پارٽي جي حڪومت هوندي به عملي روپ نه وٺي سگھيو آهي ان صورت ۾ سنڌ جي ماڻهن وٽ محترمه کان بغير پيپلز پارٽي موجوده ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي قابل قبول هوندي؟ ان صورتحال تي سوچڻ پيپلز پارٽي جي قيادت جو ڪم آهي[/FONT]

sara soomro Wednesday, May 20, 2009 05:35 PM

[size=5]۽ سنڌ جيڪا پيپلز پارٽي جو مضبوط قلعو رهي آهي جتان هميشه پيپلز پارٽي وڏي تعداد ۾ ماڻهن کان ووٽ پئي ورتا آهن اتي سنڌ جي بهتري جي لاءِ ڪجھه ڪرڻ پيپلز پارٽي جي اهم ذميداري آهي هاڻ صرف خالي نعرن ۽ اخباري بيانن سان ڪم نه هلندو. اقتدار گھڻن شين تي پردو لڳائي ڇڏيندو آهي ۽ حڪمرانن جي ارد گرد صرف قصيده گو ئي هوندا آهن تنقيد ڪرڻ وارا گھڻو ڪري انهن کان ڪجھه فاصلي تي ئي رهندا آهن پر اقتدار کان پوءِ جڏهن حقيقت تان پردا کڄي ويندا آهن تڏهن حڪمرانن لاءِ سندن وڏي ڳالهه ڪارڪردگي ئي هوندي آهي. سو هي وقت آهي ته پيپلز پارٽي جنهن سدائين سنڌ جي ماڻهن کان ووٽ ورتا آهن ۽ سدائين سنڌ جي سورن جو پٽڻو پٽيو آهي ۽ سنڌ ڪارڊ استعمال ڪيو آهي سا عملي طرح سنڌ جي نمائينده هئڻ جو به ثبوت ڏئي سنڌ جي ماڻهن جي معاشي سياسي ۽ مالي حقن جي لاءِ هن جيڪي سنڌ جي عوام سان واعدا ڪيا هئا انهن پنهنجن واعدن کي پاڻي ڏيئڻ لاءِ عملي طور تي ڪجھه ڪري ۽ هن وقت هو ڪجھه ڪرڻ جي پوزيشن ۾ به آهي. سدائين اسلام آباد سنڌ جي سياسي معاشي ۽ اقتصادي حقن تي راتاهو هنيو آهي پر هاڻ ان وقت جڏهن اسلام آباد ۾ ايوان صدر ۾ ويٺل هڪ سنڌي آهي صورتحال تبديل ٿيڻ گھرجي نه ته تاريخ ڪابه تاويل قبول نه ڪندي. ڏٺو وڃي ته سنڌ جي ماڻهن خاص ڪري سنڌ جو اهو علائقو جنهن کي اندورنِ سنڌ سڏيو وڃي ٿو ان گذريل ڏهن ٻارنهن سالن ۾ ڀوڳيو ئي ان ڪري آهي ته اتي پيپلز پارٽي جي لاءِ همدردي آهي جيڪا ڳالهه نه فوجي حاڪمن ۽ نه ئي انجي منظور نظر حڪمرانن کي پسند هئي تنهن جي ڪري انهن علائقن کي هر طرح سان نظرانداز ڪري پٺتي ڌڪيو ويو. باقي رهيا سنڌ جا شهري بابو انهن ته ڪالهه مشرف جي دور ۾ به اقتدار جا خوب مزا ورتا ۽ هن وقت به جڏهن پيپلز پارٽي جي حڪومت آهي ته تڏهن سندن لاءِ ساڳئي سخاوت جي نوازش جاري آهي. سنڌ جي انهن علائقن جنن پيپلز پارٽي جي ڪري ڀوڳيو آهي انهن کي اڳتي آڻڻ جو موقعو ڏيئڻ بجاءِ هن وقت به سنڌ جي ٻهراڙي جي معشيت کي جيڪا گھڻي ڀاڱي زراعت تي مشتمل آهي کي هٿرادو ڀاڻ ۽ پاڻي کوٽ ڪري ۽ غير مناسب اگھ ڏيئي تباهه ڪيو پيو وڃي ان صورتحال ۾ حڪمران صرف اهي بيان ڏئي پنهنجي ذميواري کان آجا ٿي ويندا آهن ته اها ”پيپلز پارٽي جي حڪومت جي خلاف سازش ٿي رهي آهي“[/size]

sara soomro Wednesday, May 20, 2009 05:38 PM

[FONT=MB Lateefi]حڪومت کي سال کان مٿي جو عرصو ٿي چڪو آهي جڏهن ته سنڌ جو عوام اڄ به انهن ئي مسئلن جو شڪار بڻيل آهي جيڪي چند بنيادي مسئلن جي ئي پيداوار آهن جيڪڏهن اهي بنيادي نوعيت جا مسئلا حل ٿي وڃن ته سنڌ جي هر روز پيچيده ٿيندڙ صورتحال ڪي قدم بهتري ڏانهن اچي سگھي ٿي يعني وسيلن جي مالڪي ۽ انهن جي منصفاڻي ورڇ توڻي جو هن وقت تقريبن سڀئي پارٽيون صوبائي خودمختياري ۽ گھڻ رخي مالياتي ايوارڊ تي متفق نظر اچي رهيون آهن پر پوءِ به گذريل ڪيترن ئي سالن کان وٺي اهي مسئلا حل نه ٿي سگھيا آهن جنهن سان خاص طور تي سنڌ ۽ بلوچستان غربت ۽ محرومي جي هڪ شديد لهر هيٺ آيل آهن ان کان سواءِ عوامي حڪومت اچڻ جي باوجود به پاليسي ساز ادارن ۾ سنڌ جي ڪوٽا تي مقرريون يقيني بنائڻ جهڙا ڪيترائي مسئلا اڃان تائين حل نه ٿي سگھيا آهن ۽ سنڌ جي عوام جي ماضي جي شديد احتجاج کي ڏسندي موجوده حڪومت طرفان اهو اعلان ڪيو ويو هو ته ڪالاباغ ڊئم جو منصوبو هميشهه جي لاءِ ختم ڪيو پيو وڃي پر اڃان ان اعلان کي ڪي هڪ ٻه مهينا ئي گذريا ته ان جي خاتمي جو اعلان ڪندڙ وزير خود پنهنجي بيان تان ڦرندي ڪالاباغ جي مئل گھوڙي ۾ ٻيهر ساهه ڦوڪڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هيستائين پيپلز پارٽي جي حڪومت جو پاليسيون پرويز مشرف جي غير نمائينده دورِ حڪومت جو هڪ تسلسل ئي محسوس ٿي رهيون آهن. ۽ هن وقت جيتوڻيڪ پيپلز پارٽي جي حڪومت کي سال ٿي چڪو آهي پر پوءِ به سنڌ جي حق ۽ انصاف جو سوال ساڳئي شدت سان موجود آهي.[/FONT]
[FONT=MB Lateefi]پيپلز پارٽي کي اها ڳالهه سمجھڻ کپي ته سنڌ ۾ هاڻ ساڳيو ماحول برقرار نه رهيو آهي صورتحال هاڻ جذبات کان حقيقت ڏانهن منتقل ٿي چڪي آهي جتي ڪارڪردگي به ماڻهن جي نظرن مان گذري رهي آهي ۽ ماڻهن هاڻ شهيدن جي خون سان گھڻو نڀاهيو آهي ۽ سدائين شهيدن جي نالي سان ساڻن دوکو ڪيو ويو آهي سو هاڻ نه اهي واڳون وارا ڳوڙها ڳاڙهڻ سان، نه شهيدن جي نالي استعمال ڪرڻ سان ۽ نه ئي وري پر فريب نعرن سان جان ڇٽي سگھندي بلڪه هاڻ ايندڙ وقت ۾ جيڪڏهن پنهنجو سياسي وجود برقرار رکڻو آهي ته پوءِ حقيقي معنيٰ ۾ ڪپڙا روٽي اور مڪان جي پنهنجي نظرئي جو ڀرم رکڻ سان گڏوگڏ سنڌ جي عوام جي حقيقي امنگن ۽ خواهشن کي به سمجھڻو پوندو[/FONT]

jaguar Wednesday, May 20, 2009 05:58 PM

our dilemma
 
Very true, whenever the elected representatives of sindh (so-called) are elected to the high echelon of powers, they consider sindh forgranted and turn deaf ear to its problems (because it takes guts to fight against pre-established norms).

I agree with the writer in last paragraph that sindh is not going to take this anymore as the genaral political intellect of sindhi populace is transforming and above all, the uniting force (BB) is no more.


12:34 PM (GMT +5)

vBulletin, Copyright ©2000 - 2024, Jelsoft Enterprises Ltd.