تعليم جي تباهي انتظامي نه پر سياسي مسئلو آهي
نصير ميمڻ
سنڌ جي تعليم جي برباديءَ جا ايترا ته گهڻا پاسا آهن، جو انهن سمورن کي هڪ مضمون ۾ سمائڻ ممڪن ناهي. اسڪولن ۾ فرنيچر ۽ ڪتابن جي کوٽ کان وٺي استادن جي غير حاضريءَ تائين انيڪ رخ آهن، جن تي بحث جي ضرورت آهي. ان بحث کان اڳ اچو ته سنڌ جي تعليمي صورتحال سان لاڳاپيل ڪجهه بنيادي انگن اکرن وسيلي سنڌ ۾ تعليمي برباديءَ جي صورتحال جي سنگينيءَ کي سمجهون.
پاڪستان ۾ تعليمي صورتحال بابت 2011ع جي جاري ڪيل هڪ رپورٽ ۾ هيٺيون حقيقتون ڌيان ڇڪائيندڙ آهن:
. پنجن کان سورنهن سالن جي ڄمار وارن ٻارن ۾ مادري زبان بابت سکيا جي سطح ۾ سنڌ، پاڪستان اندر ستين نمبر تي آهي. رڳو فاٽا جي قبائلي علائقن جا ٻار ان معاملي ۾ سنڌ کان پٺتي آهن، باقي جنگي حالت وارن صوبن يعني بلوچستان ۽ پختونخوا جا ٻار به ان معاملي ۾ سنڌ جي ٻارن کان اڳڀرا آهن.
. پنجين درجي جي ٻارن ۾ پڙهڻ جي صلاحيت جي حوالي سان سنڌ ڇهين نمبر تي آهي. رڳو خيبر پختونخوا ۽ فاٽا جا قبائلي علائقا سنڌ کان ان ڏس ۾ پٺتي آهن.
. پنجين درجي ۾ رياضيءَ جي سکيا ۾ سنڌ، ملڪ اندر سڀني کان آخري يعني اٺين نمبر تي آهي. ان اهڃاڻ هيٺ سنڌ جي 42 سيڪڙو ٻارن ۾ صحيح نموني سان ڪٽ ۽ ونڊ ڪرڻ جي صلاحيت آهي، جڏهن ته بلوچستان جهڙي صوبي ۾ به اها شرح 74 سيڪڙو ٻارن ۾ آهي.
. ٽئين درجي جي ٻارن ۾ انگريزي جا لفظ ۽ جملا پڙهڻ جي صلاحيت جي معاملي ۾ به سنڌ سڀني کان آخري يعني اٺين نمبر تي آهي. سنڌ ۾ اها صلاحيت 25.3 سيڪڙو ٻارن ۾ آهي، جڏهن ته بلوچستان ۾ 36.7 سيڪڙو ٻارن ۾ ۽ فاٽا ۾ 46.4 سيڪڙو ٻارن ۾ اها صلاحيت آهي.
. ساڳي طرح پنجين درجي جي ٻارن ۾ انگريزيءَ جا لفظ ۽ جملا پڙهڻ جي صلاحيت ۾ به سنڌ سڄي ملڪ اندر آخري نمبر تي آهي. صوبي اندر اها صلاحيت 48 سيڪڙو ٻارن ۾ آهي، جڏهن ته بلوچستان اندر اها صلاحيت 64.5 سيڪڙو ٻارن ۾، پختونخوا ۾ 68.6 سيڪڙو ۽ فاٽا جي 67.8 سيڪڙو ٻارن ۾ اها صلاحيت آهي.
20 مارچ 2011ع جي هڪ انگريزي اخبار موجب، تڏهوڪي تعليم کاتي جي سيڪريٽري ناهيد دراني هڪ سيمينار کي خطاب ڪندي هيٺيون حقيقتون بيان ڪيون:
. سنڌ ۾ هڪ ڪروڙ 10 لک ٻار اسڪول وڃڻ جي ڄمار ۾ آهن، پر انهن مان رڳو 64 لک ٻار اسڪول ۾ داخل آهن، يعني لڳ ڀڳ 46 لک ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن.
. سنڌ جي تعليم کاتي جي سالياني بجيٽ 70 ارب رپيا آهي، جنهن جو 85 سيڪڙو يعني لڳ ڀڳ 59.5 ارب رپيا رڳو پگهارن تي خرچ ٿي وڃن ٿا. ان ۾ ڏيڍ لک استاد به شامل آهن.
. صوبي اندر 49600 اسڪولن مان 61 سيڪڙو يعني 3200 اسڪولن ۾ رڳو هڪ استاد پڙهائڻ لاءِ مقرر آهي. ان نوعيت جي ٻين انيڪ شاهدين ۽ انگن اکرن سان سنڌ ۾ تعليم خاص طور پرائمري تعليم جي تباهيءَ کي ثابت ڪري سگهجي ٿو. ان برباديءَ جا نتيجا ڪهڙا نڪرن ٿا، ان لاءِ هيٺين حوالن تي غور ڪرڻ جي ضرورت آهي:
. فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي سربراهه جسٽس رٽائرڊ راڻا ڀڳوان داس طرفان جاري ڪيل هڪ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو ته گهربل معيار جا اميدوار نه هجڻ سبب فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن ۾ سنڌ صوبي جي 19 سيڪڙو ڪوٽا جي ابتڙ صرف 6 سيڪڙو سيٽون ڀرجي سگهن ٿيون.