Friday, April 19, 2024
02:57 AM (GMT +5)

Go Back   CSS Forums > Off Topic Section > Humorous, Inspirational and General Stuff

Reply Share Thread: Submit Thread to Facebook Facebook     Submit Thread to Twitter Twitter     Submit Thread to Google+ Google+    
 
LinkBack Thread Tools Search this Thread
  #1  
Old Wednesday, June 03, 2009
sara soomro's Avatar
Senior Member
 
Join Date: Jan 2008
Location: pakistan
Posts: 808
Thanks: 232
Thanked 1,099 Times in 496 Posts
sara soomro has a spectacular aura aboutsara soomro has a spectacular aura about
Default Watayo Fakir

سُڻئي سَهي پر سمجهئي ڪونه!

وتايو فقير ڪنهن مسافريءَ تان موٽي رهيو هو، پنڌ تمام گهڻو هو، سو الله کي سوال ڪيائين ته مولا، ڪا سواري ڏيار ته پنڌ کان ڇُٽان ۽ جهٽ پهچان. اهو خيال ڪري اڳڀرو ٿيو ته هڪ سپاهي بيٺو هو. جنهن جي گهوڙي تازي ويائي هئي. سپاهي حيران هو ته ڪيڏي مهل ڦَرُ اُٿي هلڻ جهڙو ٿيندو جو ٿاڻي تي پهچندس. اوچتو جو وتايي کي اٻالين حالين رستي تان ايندو ڏٺائين ته سڏ ڪري چيائينس ته سگهو ٿيءُ هي ڦر ڪنڌ تي کڻ ۽ مون کي ٿاڻي تي پهچائي پوءِ وڃ! وتائي چيو آءٌ غريب مسافر آهيان پري وڃڻو اٿم، مون کي ڇڏ، پر سپاهيءَ هڪ ٻه چهبڪ ڪشي ڪڍيس ۽ زوريءَ ڦر کڻي ڪنڌ تي رکيائينس. فقير لاچار ٿي ڦر کڻي اٿي هليو. واٽ تي نماڻيون اکيون کڻي چيائين ته: ”اي موليٰ سڻئي سهي، پر سمجهئي ڪونه!“ مون چيو ته مون کي ڪنهن وهٽ تي سوار ڪر، پر تو وري ماڳهين منهنجي مٿان وهٽ چاڙهي ڇڏيو.




تنهنجي ماڻهوءَ ۽ رئيس جي ماڻهوءَ ۾ فرق!

ڪو واهه ڀڄي پيو هو. ڳوٺ جي وڏيري ڪمدار کي چيو ته ڇيڙ وٺي وڃي واهه ٻَڌائي اچ. وڏيرو تمام ڪڙڪ ماڻهو هو، سو ڪمدار ڇيڙ وٺي ڪم کي وڃي لڳو، پر ٿورن ماڻهن هئڻ ڪري ڳنڍي ٻَڌڻ ۾ دير لڳي رهي هئي. ڪمدار به جيڪو ٿي لنگهيو، تنهن کي بيگر ۾ ٿي وهايو. ٿيو ائين جو وتايو فقير به ڪن ٻن واٽهڙن سان گڏ اتان اچي مٽيو. ڪمدار کين هڪل ڪئي ته ڪير آهيو ۽ ڪيڏانهن ٿا وڃو؟ هنن ٻن ماڻهن چيو: اسين فلاڻي رئيس جا ماڻهو آهيون. مينهون ڪاهڻ پيا وڃون. پوءِ وتايي کان پڇيائين ته تون ڪير آهين ۽ ڪيڏانهن ٿو وڃين؟ وتايي چيو ته آءٌ الله جو ماڻهو آهيان، ۽ پنهنجي ڳوٺ پيو وڃان. ان تي ڪمدار بگڙي چيس، تون الله جو باقي ٻيا چورن جا ماڻهو آهن، ها نه! هيڏانهن اچ، کڻ ڏلهو! مُلڪ ٿو ٻُڏي، هي الله جو ماڻهو ٿيو چڪر هڻندو وتي. وتايي ڏلهو کنيو ۽ خدا کي چيائين: ”ڏٺئه تنهنجي ماڻهوءَ سڏائڻ ۽ رئيس جي ماڻهوءَ سڏائڻ ۾ فرق!“




پڻهين جو گهر اهو اٿئي؟

وتايو ڪـٿان پري کان مسافري ڪري گھر ڏانهن پئي آيو. سندس گھر جي کڙهه لـڳ هڪ ڇوڪر پئي حاجت ٿي ڪئي. فقير کي چڙ آئي، ته ٻيو هنڌ ڇڏي ماڳهين لنگهه وٽ ويٺو آهي، سو دڙڪو ڏيندي پڇيائينس ته ڇورا ڪير آهين؟ ڪنهن جو پٽ آهين؟ ڇوڪر اچي ڊنو، سو ڊپ ۾ رڳو خدا خدا ڪرڻ لڳو. (هُو خدا بخش جو پٽ هو.) وتايي خدا خدا ٻُڌي کڻي ڪنڌ ۾ هٿ وڌس ۽ ڇڪي مسجد تائين آيس ۽ چيائين ته: ”خدا... خدا پيو ڪرين ته اهو اٿئي پڻهين جو گهر.“





ٽڪي وارو به ڏس ۽ تنهنجي نالي وارو به ڏس!

هڪڙي دفعي وتايو فقير ڪنهن مارڪيٽ مان اچي مَٽيو. اتي هڪڙو هاري گدرن جي ٻوري ڇنڊي وڪڻڻ لاءِ ٺَهي ٺُڪي ويٺو هو. ڳاڙها ڳاڙها گدرا ڏسي وتايي کي طلب ٿي. هاريءَ کي الله جي نالي تي سوال ڪيائين ته ڪو گدرو خدا ڪارڻ کاراءِ. هاريءَ ٻوٿ بڇڙو ڪيو. چيو ته اڃا ويٺا ئي ڪونه آهيون ته اجهو فقير اچي ڪڙڪيو آهي. ائين چئي هڪڙو ڪِونئرَو ۽ ڦِٽل گدرو هن کي ڏنائين. فقير کيسي ۾ هٿ وڌو ته ٽَڪو پيو هوس، سو ڪڍي هاريءَ کي ڏنائين ۽ چيائينس ته يار اچي ڪر ٻُهڻي، هن جو ڪو گدرو ڏي. هاريءَ ڳولي ڳولي ٺاهوڪو موچارو گدرو کڻي ڏنس. پوءِ ٻئي گدرا هڪڙو هڪڙي هٿ ۾ ٻيو ٻئي هٿ ۾ جهلي ڪنڌ آسمان ڏانهن ڪري چوڻ لڳو ته: تون پاڻ پنهنجو قدر ڏس. ”هي ٽڪي وارو به ڏس، هيءَ تنهنجي نالي وارو به ڏس.“



هڪ ڳالهه امان جي وس ۾ به آهي!

ڪنهن ڪچهريءَ ۾ ڳالهه اچي ڇڙي ته سڀ ڪجهه الله سائين جي وس ۾ آهي. ڪرڻ ڪرائڻ وارو پاڻ پروردگار آهي. روزي به سندس وس ۾ آهي. گهڻي ڏي يا ٿوري. پاڻ رزاق آهي، سندس ئي حڪم سان دنيا جو ڪارخانو پيو هلي. وتايو فقير به ان ڪچهريءَ ۾ ويٺو هو، ڳالهيون جڏهن دنگ ٿيون ته امالڪ چيائين ته: جيڪي چئو ٿا سو سڀ سچ آهي، پر هڪڙي ڳالهه امان جي وس ۾ به آهي. ماڻهن پڇيو ته اها ڪهڙي ڳالهه آهي؟ فقير چيو ته اِهو امان جي مرضي تي ڇڏيل آهي، وڻيس ته ڀَت رڌي، وڻيس ته ماني پچائي


__________________
Kami kis shae ki hai tere khazaane me mere Allah
Jhukaa ke sar jo maangun teri rehmat mil hi jaaegi...
Reply With Quote
Reply

Thread Tools Search this Thread
Search this Thread:

Advanced Search

Posting Rules
You may not post new threads
You may not post replies
You may not post attachments
You may not edit your posts

BB code is On
Smilies are On
[IMG] code is On
HTML code is Off
Trackbacks are On
Pingbacks are On
Refbacks are On


Similar Threads
Thread Thread Starter Forum Replies Last Post
does islam allow the murshid system? Waqar Abro Discussion 9 Monday, September 10, 2007 10:03 AM


CSS Forum on Facebook Follow CSS Forum on Twitter

Disclaimer: All messages made available as part of this discussion group (including any bulletin boards and chat rooms) and any opinions, advice, statements or other information contained in any messages posted or transmitted by any third party are the responsibility of the author of that message and not of CSSForum.com.pk (unless CSSForum.com.pk is specifically identified as the author of the message). The fact that a particular message is posted on or transmitted using this web site does not mean that CSSForum has endorsed that message in any way or verified the accuracy, completeness or usefulness of any message. We encourage visitors to the forum to report any objectionable message in site feedback. This forum is not monitored 24/7.

Sponsors: ArgusVision   vBulletin, Copyright ©2000 - 2024, Jelsoft Enterprises Ltd.