| |
 |
 |
Wednesday, May 22, 2013
04:41 AM (GMT +5) |
|
|

Thursday, July 29, 2010
|
|
Junior Member
|
|
Join Date: Jul 2010
Location: Hyderabad
Posts: 2
Thanks: 0
Thanked 1 Time in 1 Post
|
|
جي جيون تو م سند نه آ ــ پوءِ منهنجي تو کان دوري آ
هي جيون جيون آهي ڇا ــ ڪٿ جيل زهر ڪٿ سوري آ
هن ڪاڪ منڊل کي ڊاهيندي ڪنهن آس نگر جا ساٽ سٽيون
اُس کان ته اجھو ٿو گھرجي، هي سنسار ته تپندڙ کوري آ
هن ڪوڙ قلعي جو ڀرم ٽٽو سڀ سانگ رچاءِ به سمجھون ٿا
تو ٺوري ٺاهي آڏ رکي مون ڪالهه جا ڍونڍي ٻوري آ.
ڏاڍو ڏاڍو ڪريو ڇو؟ ڇا لاءِ ڊڄان مان سمجھان پيو
جي ڏاڍو اڪ جي ماکي آ پوءِ ڪهڙي باغ جي موري آ.
قاتل جي هٿ ۾ لرزش آ، خنجر به سنڀالي ڪير ڀلا
هي منهنجي خون جو تقدس ٿيو جلاد جي لئه مجبوري آ
اڄ ڌرتيءَ ماءُ جي ڳل لڳي هر باغيءَ پئي ٿي هيئن چيو
مان ڪسجان تنهنجي راهن ۾، منظوري آ منظوري
Haleem Baghi....
Last edited by marwatone; Thursday, July 29, 2010 at 02:21 PM.
Reason: Avoid using red color.
|

Thursday, July 29, 2010
|
|
Junior Member
|
|
Join Date: Jul 2010
Location: Hyderabad
Posts: 2
Thanks: 0
Thanked 1 Time in 1 Post
|
|
ڪو ڪيئن نھ ڊوڙي مقتل ڏي،
آ رت ۾ خوشبو مينهدئ جي،
ڪو ڪيئن نھ موٽي زانداه ڏي،
ٿا زلف ڇڪين زنجيرن جا..!
شيخ اياز
English Translation
Why someone one does not run towards death doom,
As the fragrance of blood is like that of Hina(mehnde),
why someone does not rereturn to the prison,
As the chains attracts like hairs of beloved.
|
|
The Following User Says Thank You to Mangrio For This Useful Post:
|
|

Monday, September 27, 2010
|
 |
Junior Member
|
|
Join Date: Oct 2009
Location: Hyderabad
Posts: 22
Thanks: 12
Thanked 46 Times in 18 Posts
|
|
نـ گناهـ آهيون نـ ثواب آهيون،
هڪ رات جا اسين خواب آهيون،
جي اکيون پوري ڏسين تـ ڪنڊا آهيون،
جي اکيون کولي ڏسين تـ گلاب آهيون،
نـ پڙهين تـ ڪورا ڪاغذ آهيون،
جي پڙهين تـ ڪي ئيين ڪتاب آهيون،
جي پنهنجو غلام سمجهين تـ سهي آ ،
نـ تـ اسين پاڻ نواب آهيون....
|

Sunday, November 28, 2010
|
 |
Senior Member
|
|
Join Date: Jan 2008
Location: pakistan
Posts: 814
Thanks: 232
Thanked 1,070 Times in 488 Posts
|
|
پکـــــي ويا اڏامي
پکـــــي ويا اڏامي فضـــــــائـون ٿيــــون ڦٿڪن
ڏســـــــي باغ خالي نگاهـــــون ٿـــــيون ڦٿڪن
آبـــــــاد رســـــــتن کـــــــي ويـــــــران ڏســـــندي
پرينءَ کي پَسڻ لئه پڇائون ٿيــــــون ڦٿــــڪن
هــــتان هُن جـــــو هاڻــــــي گـــــــذر ٿيڻو ناهي
ٻُڌي اهڙيون ڳالهيون دعائون ٿيون ڦٿــــڪن
وري گـــــل ٽاريــــــن ۾ شــــــــايد نه ٽـــڙنــــــدا
رابـــــيل رُت ۾ ڪــــي راهون ٿيون ڦٿڪن
الئه ڪنـــــهن فضــــــا ۾ ڪا بنـــدوق ڇوڙي
سنــــڌڙيءَ جـــــون اڄـــــڪلهه صدائون ٿيون ڦٿڪن
لڳــــي ٿو ته ڪــــنهن ســينڌ سنڌوءَ جي ڊاٿي
وري ڪهڪشان ۾ ڪٿائون ٿيون ڦٿڪن
وڏا گــــڏ رهڻ جــــا وچن ڪــــي ڪــــيل ها
وري قـول واعدا وفـــــائون ٿيــــون ڦٿــــــڪن
مــــلن شال مشـــــــتاق جو مـــــرض گهـٽجي
دُکي دل دُکي ٿي ۽ دانهون ٿــــيون ڦٿــــڪن
__________________
Kami kis shae ki hai tere khazaane me mere Allah
Jhukaa ke sar jo maangun teri rehmat mil hi jaaegi...
|

Wednesday, May 16, 2012
|
 |
Senior Member
|
|
Join Date: Feb 2012
Location: Hyderabad
Posts: 1,433
Thanks: 464
Thanked 1,330 Times in 801 Posts
|
|
zindagi ja mahal hi barbaad disjan tha
ditha jin haseen khuwab se na shaad disjan tha
hi dastoor kehro a safaa ko gaar jehro aa
hit qaid me bhagya aen chor sab azaad disjan tha
__________________
Your attitude, not your aptitude, will determine your altitude...Zig Ziglar
|

Wednesday, May 16, 2012
|
 |
Member
|
|
Join Date: Aug 2011
Location: Rural Sindh
Posts: 93
Thanks: 72
Thanked 39 Times in 29 Posts
|
|
آءُ گهڙي کن
هيٺ لهي آءُ
مونکي هڪڙي ڳالهه ڏسي وڃ
منهنجي هڪڙي
ڳالهه ٻڌي وڃ!
آءُ گهڙي کن هيٺ لهي آءُ
پنهجو جوڙيل
ڏيهه ُ ڏسي وڃ!
هڪڙ ا ماڻهو ننڍا ماڻهو
هڪڙ ا ماڻهو وڏا ماڻهو!
ڪهڙ ا ماڻهو،
تنهنجا ماڻهو،
پنهنجن تي نيشان هڻي وڃ!
ليڙون لوئي،
ڦاٽل چولو،
انگ اگهاڙي ڪنهنجي نياڻي،
غيرن آڏو جهول جهلي آ،
پنهنجن کي خيرات ڏئي وڃ!
نيراني ۽ پير اگهاڙي،
نٽهڻ اُسَ ۾ هَر هلائي،
ڪاري ڳڙ سان،
سُڪل ڀورا ،
هڪڙو ويلو تون به چکي وڃ!
آسيءَ کي جا ڏات ڏني تو
سائي ڪڇي ٿي،
سائي لڇي ٿي،
پوءِ ڇو دهريو ڪافر سڏجان،
مونکان پنهنجي ڏات وٺ
__________________
For me it is enough that I am different from others.
|

Wednesday, May 16, 2012
|
 |
Junior Member
|
|
Join Date: Jan 2012
Location: sindh
Posts: 13
Thanks: 17
Thanked 1 Time in 1 Post
|
|
انٽرنيٽ
آڪاش انصاري
تون جڏهين جوڳين جِيان رَولاڪ هُئين!
ڪيترو وِشال ۽ حُسناڪ هُئين!
پَرَ، هاڻِ پيار جون مڙيئي مُندون،
تو ويب سائيٽن مٿي وڃائي ڇڏيون،
پنهنجي عِشق جون شرميلون ڌُنون،
جيڪي تو کي صرف،
نديءَ کي ٻُڌائڻيون هُيون،
سي تو انٽرنيٽ جي، بي حجاب پيانو تي،
ڳائي ڇڏيون، ٻُڌائي ڇڏيون!!
ڪمپيوٽر جَي بَي انت ساگر جَي،
پاتال ۾ لهندي، لهندي،
توکي چانڊوڪين جي دريا ۾ تَرڻ،
مُگري جي مَهڪَ کي ماڻڻ،
پوپٽن کي پاٻوههَ مان ڏسندو رَهڻ،
۽ کُلي هوا ۾ ساهه کڻڻ، وِسري ويو آ.
چَيٽنگ، تومان چِڪورَ جِي چَنچلتا
چُوسي وَرتي آهي.
جهنگ تومان وڃائجي ويو آ،
هاڻ تون ڄڻ گھريلو مور ٿي پيو آهين!
گيم، ان ڊور ٿي پيو آهين
__________________
All life is an experiment. The more experiments you make the better.
|

Wednesday, May 16, 2012
|
 |
Junior Member
|
|
Join Date: Jan 2012
Location: sindh
Posts: 13
Thanks: 17
Thanked 1 Time in 1 Post
|
|
مگر دل هي پاڳل مڃي ڪين مور
ڊاڪٽر آڪاش انصاري
هاڻي ته آڪاش جي اوٽ ۾،
آسماني ڏيئا پڻ وسامي ويا.
سمهي پيا ستارا، ٿي جھيڻا جھڪا،
ڪڏهانڪر ڪتين ڪَر موڙي ڇڏيا،
مگر انتظارن سندا قافلا،
ٿيا ڪين ٿڪجي ڪڏهين چُور چُور،
تون ايندين تون ايندين، تون ايندين ضرور.
ساگر جي هن پار ٻيڙيءَ ۾ ملاح،
سامونڊيءَ جا سڀ بيت ڳائي ڇڏيا،
۽ ڪناري جي واريءَ جي لهرن اندر،
هوائن به سرگم لڪائي ڇڏيا،
ولھ ورڇي ڇڏيو پنهنجو سارو سُرور،
مگر دل هي پاڳل مڃي ڪين مور،
تون ايندين، تون ايندين، تون ايندين ضرور.
ڪو پنڇي اڪيلو اڪيلو اُڏامي،
ڪينجھر ڪنڌي تي لهي پيو ٿڪجي،
نڪو چنڊ چمڪيو نه چهڪي چڪور،
انهن لاءِ پڻ رات گذري چُڪي،
۽ ڪنولن مٿان ننڊ نائي وئي نور،
مگر دل هي پاڳل مڃي ڪين مور،
تون ايندين، تون ايندين، تون ايندين ضرور.
__________________
All life is an experiment. The more experiments you make the better.
|

Wednesday, May 16, 2012
|
 |
Junior Member
|
|
Join Date: Jan 2012
Location: sindh
Posts: 13
Thanks: 17
Thanked 1 Time in 1 Post
|
|
تلاش آ. . .
عيني سنڌو
پرهه جي ٿڌري هير ۾ ڪنهن دل سوز جهونڪي جي
تلاش آ . . . .
هر خواهش ۾ ڪنهن اڻ پوري خواهش جي
تلاش آ . . . .
هر ياد ۾ ڪنهن گمنام ياد جي،
تلاش آ . . . .
هر خواب ۾ ڪنهن سچي خواب جي
تلاش آ . . . .
ستارن ڀري آڪاش ۾ ڪنهن روشن ستاري جي
تلاش آ . . . .
هن بي وفا دنيا ۾ ڪنهن وفا جي
تلاش آ . . . .
هن خاموش زندگي ۾ ڪنهن آواز جي تلاش آ
تلاش آ . . . .
هن نفرتن جي ديس ۾ ڪنهن پيار جي
تلاش آ . . . .
هن ويرين جي نگر ۾، ڪنهن دوست جي
تلاش آ . . . .
هن فريب جي دنيا ۾ ڪنهن سچائي جي،
تلاش آ . . . .
هن ارمانن جي سمنڊ ۾، ڪنهن حقيقي لهر جي
تلاش آ . . . .
__________________
All life is an experiment. The more experiments you make the better.
|
Posting Rules
|
You may not post new threads
You may not post replies
You may not post attachments
You may not edit your posts
HTML code is Off
|
|
|
Similar Threads
|
| Thread |
Thread Starter |
Forum |
Replies |
Last Post |
|
History of English literature
|
Naseer Ahmed Chandio |
English Literature |
18 |
Saturday, October 20, 2012 03:03 PM |
|
English Poetry
|
DANISH_KHAN |
English Poetry |
0 |
Friday, January 11, 2008 08:48 AM |
|
The Poetry of Confession
|
free thinker |
English Literature |
0 |
Friday, May 26, 2006 07:17 AM |
|
Sindh Province (Introduction)
|
Naseer Ahmed Chandio |
General Knowledge, Quizzes, IQ Tests |
0 |
Friday, May 05, 2006 10:20 AM |
|
|