#21
|
||||
|
||||
Jay pandh paya seen’ ta jhalay ko bi na saghando
Ae panhijo patto tokhay dasay ko bi na saghando. Palkun khay karay band ko oondah bhalee karay, Sooraj khay ta ubhran khaan’ jhalay ko bi na saghando. Jay rang unhi pal main huya panhiji Dilyun ja, Say rang ta photo main bharay ko bi na saghando. Mehboob saa her shaam Milan bhal na thiye per, Mehboob joo yaadon ta khasay ko bi na saghando............... |
#22
|
||||
|
||||
زندگاني جو پرين! وهنوار رڪجي ٿو وڃي،
تون ملين ٿو ۽ سڄو سنسار وهنوار رڪجي ٿو وڃي. تنهنجي نيڻن ۾ جڏهن ٿو عڪس مان پنهنجو ڏسان، منهنجو هن سنسار سان تڪرار رڪجي ٿو وڃي
__________________
Kami kis shae ki hai tere khazaane me mere Allah Jhukaa ke sar jo maangun teri rehmat mil hi jaaegi... |
The Following User Says Thank You to sara soomro For This Useful Post: | ||
kmsoomro (Monday, September 28, 2009) |
#23
|
|||
|
|||
Nice poetry...
thats really a nice poetry...
plz keep sharing... Im sending my own SINDHI poetry... hope u will enjoy reading... نيڻ آهن ڀنل ڇو ڀلا؟ چپ رهي ڪيترو ڪو ڀلا؟ زندگي رات آ ديس ۾ ٻاريو ڪو ته ڏيئو ڀلا سوچ جون ٻيڙيون تاريون ڌاريون هاڻ جذبو ڀلا ڪامران ٿو لڇي،ٿو پڇي ڪيترو ظلم وٿيندو ڀلا؟ ڪامران اڪبر سومرو |
The Following User Says Thank You to kamran akber For This Useful Post: | ||
Dr.G.AsgharMemon (Thursday, June 04, 2009) |
#24
|
||||
|
||||
Quote:
Kamran it was nice attempt. Your poetry seems impressed by Ustad Bhukhari and Shaikh Ayaz.
__________________
"Tumhary nafs ki qeemat Janat hay isy Janat say kam qeemat pey na bechna." "Jiyo to istarh ky log tum sy milny ko tarsy; maro to istrah k log tumharee mot par royain" |
#25
|
|||
|
|||
thanx
Thanks for appreciation,
actualy i am impressed by their thoughts and expressions... |
#26
|
||||
|
||||
اسان بن ۾ جيڪي به راتيون لُٽايون
پرهه مک تي جھومڪ جيان سي سجايون نه پاتي اسان ڪا به مالها نه پاتي چنبيليءَ وليون هر اڱڻ تي لڳايون. اها ماٺ مڪلي! چئي ڏي چئي ڏي اسان تو ۾ ڪيڏيون ڪهاڻيون لڪايون. تون اڄ بڻج ڪينجھر، مان بڻجان ٿو ٻيڙي وري ڇولين ۾ سمنڊ ڪو سمايون. پئي چنڊ تڙپيو ستارا پئي مڇريا اسان تنهنجيون پلڪون چپن تي گھمايون. هي لڙڪن جا موتي هي آسن جا کنڊر هي پنهنجيون ڪمايون هي پنهنجيون لٽايون. اسين جوڳي نيريءَ نگر جي ڪنڌيءَ تي پيا جوڻ ڪنهن چنڊ چمڻ لاءِ مٽايون
__________________
Kami kis shae ki hai tere khazaane me mere Allah Jhukaa ke sar jo maangun teri rehmat mil hi jaaegi... Last edited by Viceroy; Saturday, May 30, 2009 at 05:54 PM. |
The Following 2 Users Say Thank You to sara soomro For This Useful Post: | ||
kamran akber (Monday, June 01, 2009), kmsoomro (Monday, September 28, 2009) |
#27
|
||||
|
||||
اڙي شهرِ جانان، ڪي تو کي سنڀارون،
اڙي شهرِ جانان، ڪي تو کي سنڀارون، ته شاعر جون گذريون، هتي پنج بهارون. هي جوڌن جي سينن جا فراخ رستا، هي يوڪلپٽس جون نه کٽندڙ قطارون هي تنهنجي گلين ۾، اسان جا حوالا هي تنهنجي پٽن تي اسان جون پچارون. هتي ٻن دلين جي به ڌڙڪن هئي گونجي هيون جل پريءَ ڪنهن جھڪايون نهارون اڃان ڪجھه نه بدليو آهي اڙي دل! تصور ۾ اڀرن ٿيون ساڳيون پڪارون. هي وک وک تي منهنجيءَ پياريءِ جا پاڇا ۽ دڳ دڳ تي آنچل سندس جون اُڏارون اٿلندڙ اکين ۾ ڪنهن چاهت جي پوڄا ۽ پنبڻين ۾ اٽڪيل ڪي سجدا سپارون ۽ هن جي هلڻ ۾ هئي سارنگ جي رم جھم کلڻ ۾ ته ميران جي سرندي جون تارون ڇڙيون ۽ اسان کي ڪري ويون ويراڳي ”او بلما! ڪنهيا! ڪي اٻلا جيون سارون“ اڃان ڀي ته ساڳي ئي آ فارميسي سپر هاءِ وي لڳ هو پيليون ديوارون صبح پهريان ڪرڻا جھٽي سنڌالاجي هوائن ۾ مهڪن گلابن جون ڏارون اُتر واءُ آڻي ٿو گينڊي تي جوڀن ڪري ماڪ ڏاڙهون پنن تي پسارون چڪائي وجھن چاڪ ٿا سارا مارڳ وري ڪنهن لنگهه تان سڏن هن جون سارون نه مٽجي سگھيون سي ته دل جي پٽيءَ تان ڪنهن شرميليءَ وينگس جون چُڪندڙ نهارون نه ڀلجي سگهيس هن جي گونگي ڪلپنا نه وسري سگھيس هن جيءَ اک جون الارون تصور ۾ اڀري اچن ٿا سي ڏينهڙا جڏهن هن جي چوٽيءَ مان ڦٽيون به ڌارون نه اُڪليل محبت جا رنگين جذبا نه سليل تنهن چاهت جون ڳجهيون ميارون اڃان ڀي ته هردو اسان جو ڇِلن ٿيون نه پوري ٿيل پيار جون سي پچارون ”سو اڙي شهر دلدار، تنهنجي دڳن تي ڪا سفيد ڪپڙن سان ايندي ته هوندي.“ ۽ هوءَ اپسرائن جي ٽولي جي راڻي ڏسي تو کي اداس ٿيندي ته هوندي.“
__________________
Kami kis shae ki hai tere khazaane me mere Allah Jhukaa ke sar jo maangun teri rehmat mil hi jaaegi... Last edited by Viceroy; Saturday, May 30, 2009 at 05:55 PM. |
#28
|
||||
|
||||
عجب رنگ آهن اونهان جي ڏسڻ جا، نه ڌاريا لڳو ۽ نه پنهنجا سڏايو
__________________
Kami kis shae ki hai tere khazaane me mere Allah Jhukaa ke sar jo maangun teri rehmat mil hi jaaegi... |
The Following 2 Users Say Thank You to sara soomro For This Useful Post: | ||
Dr.G.AsgharMemon (Thursday, June 04, 2009), kmsoomro (Monday, September 28, 2009) |
#29
|
||||
|
||||
اسين بس رھيا سين اڌورا اڌورا!
ن ئي ِعشق آتش فشان ٿي اٿاميو، ن ئي ديپ دل مان اونھان جو اجھاميو، ن سورن جي شدت کان شِعلو بڻيا سين، ن سگريٽ جو ڪوُڦلوٿي ڇڻيا سين، دکيا سين جليا سين اڌورا اڌورا! ڏکن سان ب دل پنھنجو رشتو ن ٺاھيو، سکن ۾ ب من کي سڪون ڪون آيو، کليا سين ت خلقت جي دردن ٿي روڪيو، رنا سين ت دنيان جي نظرن ٿي ٽوڪيو، ن خوش ٿي کليا سين ن رڄ ٿي رنا سين، کليا سين رنا سين اڌورا اڌورا ھي ڦاھئ جا ڦندا چمڻ کان ب وياسين، ۽ دنيان جا ڌنڌا ڪرڻ کان ب ويا سين، ن تون ئي ملين ۽ ن ڪنھن جا ٿيا سين، ِھتان کان ب ويا سين ُھتان کان ب ويا سين، مرڻ جي مزي کان ب محروم ٿيا سين، ۽ جيئندا رھيا سين اڌورا اڌورا!
__________________
Kami kis shae ki hai tere khazaane me mere Allah Jhukaa ke sar jo maangun teri rehmat mil hi jaaegi... |
The Following 3 Users Say Thank You to sara soomro For This Useful Post: | ||
Dr.G.AsgharMemon (Thursday, June 04, 2009), kamran akber (Monday, June 01, 2009), Raz (Monday, June 01, 2009) |
#30
|
||||
|
||||
Quote:
Very impressive collection.
__________________
"Tumhary nafs ki qeemat Janat hay isy Janat say kam qeemat pey na bechna." "Jiyo to istarh ky log tum sy milny ko tarsy; maro to istrah k log tumharee mot par royain" |
|
|
Similar Threads | ||||
Thread | Thread Starter | Forum | Replies | Last Post |
English Poetry | DANISH_KHAN | English Poetry | 2 | Sunday, October 13, 2019 02:26 PM |
History of English literature | Naseer Ahmed Chandio | English Literature | 18 | Saturday, October 20, 2012 03:03 PM |
The Poetry of Confession | free thinker | English Literature | 0 | Friday, May 26, 2006 07:17 AM |
Sindh Province (Introduction) | Naseer Ahmed Chandio | General Knowledge, Quizzes, IQ Tests | 0 | Friday, May 05, 2006 10:20 AM |