|
Share Thread: Facebook Twitter Google+ |
|
LinkBack | Thread Tools | Search this Thread |
#11
|
||||
|
||||
Zuhaib Ahmed Odho
شيخ اياز جي شاعري
اکڙيون جو پُل لاءِ پُوريون سي ڪيئي پيارا ويجھو ها وڇڙي ويا جي ورهين کان سي جيءَ جيارا ويجھو ها پو به اسان جي روح نه پاتو ڀٽڪي ڀٽڪي چين تنهنجون اکڙيون مڌ جون پياليون ڪيئي سهارا ويجھو ها ڪئين چوان ڇا لاءِ ڇڪن ٿيون لهريون ۽ لسن ليٽ پوءِ به اونهي سان ٽڪيا سي گرچه ڪنارا ويجھو ها ڪئين چوان او ڪئين چوان ڇا لاءِ ٽِليا سي ٽانڊن تي جيءَ اسان جي ۾ هئي جھِر مِر چنڊ ستارا ويجھو ها دُور ويا مجبور هُيا، ويا سُپرين پنهنجو ساٿ ڇڏي پو به ’اياز‘ اسان جي دل کي هو دل وارا ويجھو ها[/size] |
The Following User Says Thank You to zuhaib amed For This Useful Post: | ||
Capricorn of Thar (Wednesday, August 08, 2012) |
#12
|
||||
|
||||
Just two poems are enough for a day. .................................
__________________
The Me you have always known, the Me that's a stranger still. |
#13
|
||||
|
||||
شيخ اياز جي شاعري ڪنهن جي ناهي هيءَ سراء،ِ رات گُذاريئه، هاڻي هَل. اُن تي مَڌ جو مينهن وساءِ، ٽِڙندو ٽانگر جئن پَل پَل. اُڏري ڪائي لات ڪيان، ڪيسين روڪيندو اَڻ ــ جَل. تاڙي مار نه، جي آيو، تنهنجي ماڙيءَ تي طوطل. تنهن جيوَن کي آگ لڳاءِ، جنهن ۾ ناهه ڪرم جو ڦَل. ڪيچ هجي ڪيڏو به پري، آريءَ پُٺيان آءُ اَٽل. ٿَر ۾ ٿانئيڪو نه ٿيو، ڪوئي ڪوئي ڪارايَل. آخر ڪارونڀار ڪري، برسي ٿو بُٺ تي بادل. هي واريءَ تي وڏ ڦُڙو، هي ساوڻ جو سُر منڊل. اي ڪوئل! هي ننڊ ـــ فنو، تو جھڙو ڪو ڪُوڪ ڪُٺَل. ٻگھڻ ٻولي تنهنجي لاءِ، منهنجي ڪوتا آهه ڪَجل. سنڌڙيءَ کي سيباءِ، ’اياز‘، پنهنجو گيڙو ويس غزل |
The Following 2 Users Say Thank You to zuhaib amed For This Useful Post: | ||
ABDUL JABBAR(JB) (Monday, January 03, 2011), Capricorn of Thar (Wednesday, August 08, 2012) |
#14
|
||||
|
||||
Zuhaib Ahmed Odho
شيخ اياز جي شاعري
ڪو ئي اُنتيءَ جو اِمڪان! سڏ، پڙاڏو ٻئي حيران. تڙپي ٿي تهذيب اڃا، ڪيڏو وحشي آ انسان! ساڳيا پاپيءَ جا پنجوڙ، ساڳيو زر جو آ زندان. ساڳيو ڏاڍي جو ڏهڪاءُ، هيڻو اڳ جھڙو حيران. ساڳيءَ سوريءَ تي منصور، ساڳيو سَرمد تي بهتان. ساڳي ڳانڌيءَ لئه گولي، ساڳيو لال لهوءَ سان گيان. ساڳي چارڻ جي چکيا، ساڳيو شاعر جو شَمشان. اڄ ڀي _ڏات مُصور جي، رت ۾ ٻوڙي کائي نان. جاري ساڳي جنگ جَدل، عاري ساڳيو اَمن اَمان. اڄ ڀي ويڙهه نٿي سوچي، ڪنهن جو ويڙهو ٿيو ويران. ڪنهن ماتا جي مَمتا مُئي، ڪنهن ننگر جو نِڪتو پان. ناگا ساڪي ڪافي ناهه، سڀڪجھ ناس ڪندو نادان! ميخاني ۾ پيو نه پتو، ٻاهر رات هُيو طوفان. هاريو مَي جو جام ”اياز“، ساڳيو نه رهيو هي انسان |
The Following User Says Thank You to zuhaib amed For This Useful Post: | ||
Capricorn of Thar (Wednesday, August 08, 2012) |
#15
|
||||
|
||||
Zuhaib Ahmed Odho
شيخ اياز جي شاعري
سوچي قاتل جو قاتل، آيو قاتل تي ڪهڪاءُ. پر جي ڪوئي نانگ هُجي، تنهن کان ڪهڙو آهه بچاءُ! سِر جي بدلي ڏين ٿو سون، پو ڀي تو وٽ ناهه وِڪاءُ! او وڻجارا وائيءَ جا، مَن جو موتي ڪهڙي ڀاءُ! گھايل مَن جا گھايل گيت، جِن ۾ پيڙا جو پَڙلاءُ. جِن ۾ ڌَرتيءَ ڌرتيءَ دُک، جِن ۾ ماڻهوءَ ماڻهوءَ گھاءُ. ڀنڀٽ بڻبا نيٺ ’اياز‘ جُڳ جُڳ جلندا منهنجا ڀاءُ |
The Following User Says Thank You to zuhaib amed For This Useful Post: | ||
Capricorn of Thar (Wednesday, August 08, 2012) |
#16
|
||||
|
||||
Zuhaib Ahmed Odho
شيخ اياز جي شاعري
ميلي ۾ تُون تنها تنها، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟ اک ۾ ڳوڙها، هٿ ۾ گجرا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟ سَر سوتيءَ جي مندر ڀرسان بيٺو واجھائين، ڪنهن لئه ترسي تنهنجي وِينا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟ تُنهنجون اکڙيون پو به اُڃايون، تَل تَرايون سَوَ، هرڻيءَ جھڙا منهنجا هِردا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟ سانجھيءَ ٽاڻي ڪارا ڪڻڇي آکيري آيا، پرڙا کولي پيار ـــــ پکيئڙا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟ ساري جيون مايا سپنو، تنهن ۾ سَوَ سپنا، او سپنا، سپني جا سپنا! ڪنهن کي ڳولين ٿو؟ پير پَٽيءَ تي ناهي تُنهنجو، ڪهڙو تنهنجو ماڳ؟ رستي مان نڪتا سَوَ رستا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟ او رکوالا! کوٽين ڇو ٿو هيءَ جيون جي رکَ، آڻي اگنيءَ جھڙي آشا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟ اونهاري جو سِجُ ته ناهي، آهه ازل جي اکَ، هاءِ، ڇڏي ڇَنَ جا ڇانورڙا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟ دانهون ٿو درياهُه ڪري، ٻُڌ ڪُن ڪُن جا ڪڙڪا، ٻيڙيءَ ٻيڙيءَ ۾ او ٻوڙا! ڪنهن کي ڳولين ٿو؟ ڪاري رات، ڪَتيءَ ڏي ڪَرڪِي، ڪائي ڪُونج اُڏي، پيارا تُون به تڪيندي تارا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟ وَسندو رهندو آهي تو وٽ، سانَوَڻ ساري رات، ڳوڙها ڳوڙها نيڻ نماڻا! ڪنهن کي ڳولين ٿو؟ ڪوبه نه ايندو ، ڪوبه نه ايندو، ڪوبه نه تُنهنجي دُوار! بند ڪري ڇڏ هي دروازا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟ اَڻ ٿيڻيءَ کي چاهين، تنهنجي ٿِڻيءَ سان نه پَوي، ڏِس ٿيڻيءَ جا ٿوڻيون ٿنڀا! ڪنهن کي ڳولين ٿو؟ هي مَٿرا جا مندر، سانجھيءَ ويلي جمنا گھاٽَ، مَنَ ۾ سِنڌوءَ جا سَوَ سپنا، ڪنهنن کي ڳولين ٿو؟ برندا بَن ۾ آيو آهين، ڪنهن جي لاءِ ڪَوي، ڪنهن جي بنسي! ڪهڙي راڌا؟ ڪنهن کي ڳولين ٿو؟ شايد تُون ئي پاڳل پُري پاڳل خاني ۾ ــــــ پاڳل گڏجي توتي کِلندا! ڪنهن کي ڳولين ٿو؟ هارُ هندوري ۾ ڪيرايو، جيڪو مُنڌَ مُئيءَ، موتي موتي ٿي ويو پيارا! ڪنهن کي ڳولين ٿو؟ خاڪ اُڏاڻي، ڪاڪ ڪري پئي، پوئين پهر ’اياز‘! ڪهڙي مُومل منهنجا راڻا! ڪنهن کي ڳولين ٿو؟ |
The Following User Says Thank You to zuhaib amed For This Useful Post: | ||
Capricorn of Thar (Wednesday, August 08, 2012) |
#17
|
||||
|
||||
Zuhaib Ahmed Odho
شيخ اياز جي شاعري
اسان جي دل اوهان جو حُسن، جي ملندا ته ڇا ٿيندو ڪٿي جنت ڪندا آباد پنهنجي ڪا، ته ڇا ٿيندو جهانِ نو! اوهان جي زُلفِ برهم جا هي سودائي جڏهن دار و رسن تي جھومندا ويندا، ته ڇا ٿيندو خوشيءَ جا راڳ ڳائيندا به ڪيسين آشيان وارا! قفس آه و فغان سان گُونجندا رهندا، ته ڇا ٿيندو اسان جو عشق هاڻي مثلِ مؤجِ پُرسڪون آهي اگر اُٿلي پيو هُو حُسن جو دريا، ته ڇا ٿيندو جڏهن تون دُور آهين، ايتري بي چين آهي دل قريب آئين اگر تون اي پرين پيارا، ته ڇا ٿيندو اجايو زندگانيءَ ڀر سپون سُونجھيون سي ساحل تي نه ملندو جيڪڏهن هو گوهِر يڪتا، ته ڇا ٿيندو وطن تنهنجي تصور جو ”اياز“ آخر ڪٿي آهي چئي ڏيندين اگر پُڇندا وطن وارا، ته ڇا ٿيندو |
The Following User Says Thank You to zuhaib amed For This Useful Post: | ||
Capricorn of Thar (Wednesday, August 08, 2012) |
#18
|
||||
|
||||
Zuhaib Ahmed Odho
شيخ اياز جي شاعري اچڻو آهين جي تون، آءُ، ڪيسين سانڍيان مان سوداءَ! ڪنهن ٿي ڄاتو، اي انسان، تو کي ڪُهندو تنهنجو ڀاءُ! جِيون پو به ڪري ٿو چونڊ، توڙي ڏئي ٿو موت چتاءُ. اندر سيخون، ڪوٽ ڪڙا، ٻاهر ڪُونجون، هِير ــ هُڳاءُ،. اونهاري جي اوجل باک، آءُ، اڱڻ ۾ منهنجي آءُ! او زندان جي ڪارِي ولهه! تو ۾ آهيان آءُ اُلاءُ. وڃ وڃ موٽي، وڃ وڃ، ويڄ! گهايل ڄاڻي منهنجو گهاءُ. مون کي ڪوئي ڪونه پَلي، پيار نه ڄاڻي ٿو پڇتاءُ |
The Following User Says Thank You to zuhaib amed For This Useful Post: | ||
Capricorn of Thar (Wednesday, August 08, 2012) |
#19
|
||||
|
||||
تون جو مونکي ڪونه مڃيندين
مونکي ڪا پرواهه نه آهي آءٌ سڀاڻي لاءِ لکان ٿو جيڪو نيٺ ته اچڻو آهي مون تي ميلو مچڻو آهي شيخ اياز
__________________
"our lives begin to end the day we become silent about things that matter" Martin Luther king |
The Following 3 Users Say Thank You to tanveersaeed For This Useful Post: | ||
Capricorn of Thar (Wednesday, August 08, 2012), Miss khoso (Thursday, May 26, 2011), zuhaib amed (Monday, December 31, 2012) |
#20
|
||||
|
||||
Sach wado Dohari Ahay.......!!
Sach Wado Dohari Ahay
Sach Wado Dohari Ahay, Sach Wado Dohari Aahay. ROzE awal khan Pakrio Wiyo Aa, Zanjeerun mein Jakrio Wayo Aa, Golhay Golhay Mario Wiyo Aa, Teel Karhaeea Karhiyo Wiyo Aa, Ghane Mein Peerayo Wiyo aa, Phahee te Latkayo wiyo Aa, ChotiYe Ta Uchlayo Wiyo Aa, Per Pao be Unheeya Ji Sagi, Rahandi Aaee Aa Reet Abhagi, Jenh Je Mann Mein Khat Hane Tho, Tinhjo Saro Chain Khane Tho, Per To Hee Ba Kadenh Socho, Kenh Saan Tunhji Yaari Aahay, Sach Wado Dohari Aahay, Sach Wado Dohari Aahay
__________________
For me it is enough that I am different from others. |
The Following 2 Users Say Thank You to Irtika For This Useful Post: | ||
Capricorn of Thar (Wednesday, August 08, 2012), zuhaib amed (Monday, December 31, 2012) |
|
|
Similar Threads | ||||
Thread | Thread Starter | Forum | Replies | Last Post |
English Poetry | DANISH_KHAN | English Poetry | 2 | Sunday, October 13, 2019 02:26 PM |
History of English literature | Naseer Ahmed Chandio | English Literature | 18 | Saturday, October 20, 2012 03:03 PM |
The Poetry of Confession | free thinker | English Literature | 0 | Friday, May 26, 2006 07:17 AM |
S. T. Coleridge: Function of Poetry | Last Island | English Literature | 0 | Tuesday, June 28, 2005 02:27 PM |