|
Share Thread: Facebook Twitter Google+ |
|
LinkBack | Thread Tools | Search this Thread |
#21
|
||||
|
||||
ڪنهن لاءِ تڪين تو ڪانڌيءَ تان، ٻي ٻيڙي ڪابه نه اچڻي آ،
جي تون به اچين او وڻجھارا! توکي به اُڪاري وينداسين۔ درياھ اندر جا دهشت آ، ڪنهن وقت قيامت ٿي ويندي، تون مان ته رڳو هن سنڌوءَ تي، ڪا لهر اُڀاري وينداسين۔ ڪا جھِرمِر جھِرمِر جگنوءَ جي، ڪا ٽِم ٽِم ٽِم ٽِم تاري جي، گھنگھور گھَٽا جو گھيرو آ، ڪنهن جي ته سهاري وينداسين۔ آ مرڻو هر هڪ ماڻهوءَ کي، پر آئين نه مرنداسين ساٿي، ڪا آگ لڳائي وينداسين، ڪو ٻارڻ ٻاري وينداسين۔ تون آءُ ته اوريون او راڻا، ڇو جيءُ سهي هي جھوراڻا، تون ڇا کان ڇرڪين ٿو راڻا! اڄ ڪاڪِ ڪناري وينداسين۔ ڇو گھٻرائين ٿو ڪوٽ ڏسي، هي اُوچي اُوچي اوٽ ڏسي، زندان اڏائي وينداسين، زنجير پِگھاري وينداسين۔ تنهن وقت به مون هي ڄاتو هو، هي ڪاريهر سان ناتو هو، جي ساٿي ساٿ سڃاتو هو، هي مارِي ماري وينداسين۔ تون ڪر، جو تو کي ڪرڻو آ، هي دور به نيٺ گذرڻو آ، ڪنهن وقت ڏهيسر مرڻو آ، بنواس گذاري وينداسين۔ شيخ اياز |
|
|
Similar Threads | ||||
Thread | Thread Starter | Forum | Replies | Last Post |
English Poetry | DANISH_KHAN | English Poetry | 2 | Sunday, October 13, 2019 02:26 PM |
History of English literature | Naseer Ahmed Chandio | English Literature | 18 | Saturday, October 20, 2012 03:03 PM |
The Poetry of Confession | free thinker | English Literature | 0 | Friday, May 26, 2006 07:17 AM |
S. T. Coleridge: Function of Poetry | Last Island | English Literature | 0 | Tuesday, June 28, 2005 02:27 PM |