|
Share Thread: Facebook Twitter Google+ |
|
LinkBack | Thread Tools | Search this Thread |
#1
|
||||
|
||||
Sheikh Ayaz G Poetry Only
شيخ اياز جي شاعري
جي پنهنجو پنهنجو نور نچائي ويا، ۽ تنهنجي جوت جلائي ويا، سي لُڙڪ مٽيءَ ۾ لـــــوئــــي ويا، پر ڇا ڇا موتي پائي ويا! سي وڻ وڻ لوڏي واءُ ٿيا ، سي پَن پَن ۾ پرلاءُ ٿيا، جي بَن بَن بِينَ وڄائي ويا ، جي تن من واري ڳائي ويا. مون ڌرتي تُنهنجا ڌِڱ ڏٺا ، مون تن جا لويل لڱ ڏٺا، جن وڙهندي وڙهندي جان ڏني ، سي وارا وير وڄائي ويا. اڄ ڪو به ڳچيءَ ۾ ڳٽ نه آ ، ڪو مُڙس انهن جو مٽ نه آ، جي سارا ڪوٽ اَڏائي ويا ، سي گھوٽ اسان کي گھائي ويا. مون اڻ ٿيڻا انسان ڏٺا ، مون سوريءَ تي سو مان ڏٺا، اي ڌرتي! ڇا ڇا ڪونڌر ها ، جي پنهنجا ڪنڌ ڪَپائي ويا! مون ويندي تن جا پير ڏٺا ، مون ڇا ڇا مُڙس مٿير ڏٺا ! جي ڪيئي سِج اڀاري ويا ، جي ڪيئي سِج سمائي ويا. مون ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌ ڏِٺا ، مون ساڻا ساڻا سَنڌَ ڏٺا، مون ڇا ڇا مائيءَ لال ڏٺا ، جي لوئيءَ لڄ بچائي ويا! سي جيءَ جيارا ماڻهو ها ، سي سڀ کان پيارا ماڻهو ها، جن ساهه ڏئي ، ويساهه ڏنو ، جي دل ۾ درد دُکائي ويا. هو بادل بادل آيا ها ، جن جَل ٿَل ڀال ڀَلايا ها ! اي کيت کِڙو ، او شال ٽِڙو ! هُو پنهنجا مينهن وسائي ويا. ويا پريت ڏئي هُو پاڻيارا ، اڄ ڪينجھر تن جا ڪاڻيارا، ڇا راڱا تن سان رُڃ ڪيا ، جي تنهنجي اڃ اجھائي ويا! هُو پيار پتنگا کامي ويا ، ۽ ڪيڏو دُور اڏامي ويا ! پر تنهنجي منهنجي ڏيئي ۾ ، هُو پنهنجي جوت سمائي ويا. ڪلهه رات مسافر آيا ها ، جن پنهنجا جيءَ جلايا ها، ٿي ڇا ڇا ڄرڪا ڄاڻَ ڪري ، هُو ڪيڏا مَچ مچائي ويا! ڇا ڇا نه وسيِهَر ـــــــــــــــ وَنگَ هُيا ! پر نانگا يار نسنگ هُيا، ڪي تُنهنجو رُوپ نِکاري ويا ، جي تنهنجي سينڌ سَجائي ويا. ڇا نعرا ها ڇا نينهن هُيا ! هئه مڙس هُيا يا شينهن هُيا! جي ڏونگر ــ ڏيل ڏڪائي ويا ، گجگوڙ ڪري گرمائي ويا. آ ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه مڻيا ، پر مون کي اهڙا مڙس وڻيا، جي سارو جڳُ جرڪائي ويا ، پر پنهنجو پاڻ ملهائي ويا . جِن پاسو ورتو ڪُوڙ ڪنان ، هي مُڙس نه ويندا مُور مَنان، جن واڪي واڪي وَس ڪيا ، جي سارو سچ ٻُڌائي ويا. اڄ ڇوهَه انهن جا ڇوليءَ ۾ ، اڄ ٻولَ انهن جا ٻوليءَ ۾ اي ڌرتي! تُنهنجيءَ جھوليءَ ۾ ، جي سُورهيه سِيس ڇُپائي ويا. هي چوٽيءَ چوٽيءَ تي مشعل ، هي جھوليءَ جھوليءَ ۾ گُل ڦُل، ويا سانول ڇا ڇا سَڳ ڇڏي! ڇا جَندڙيءَ کي جَرڪائي ويا ! ڇا سمجهي تن کي جيءَ جَڏي ، آ تِن جي ڳاڙهي ڳالهه وڏي، ها ڇا ڇا ارڏا ڪَنڌ اَڏي ! جي تو کي مَيندي لائي ويا. هي بِرهه به ڪوئي بَڙُ آهي! ڇا جانٺي اُن جي جَڙَ آهي! مون اُن ۾ ڪيڏا ڏار ڏٺا ، جي ڇانو ڪري ، مَن ڀائي ويا. اي آري! تنهنجي آڍَ هُئي ، پر ڏونگر ڏاڍا ڏاڍ ڪيا! هِي تُنهنجا پيارا پيرا ها ، جي پنهنجو پنڌ پُڄائي ويا. ڪِئن تو کي ڪاري ٻاٽَ مڃان ، ٿي چڻنگ ڪري چمڪاٽ اڃا، آ ٽِم ٽِم ٽِم ٽِم لاٽ اڃا ، جا جوڳي ڪالهه جلائي ويا . هيءَ جان ته اچڻي وڃڻي آ ، پر مرندي مات نه مڃڻي آ، مون اهڙا سو ساونت ڏٺا ، جي پنهنجو هَٺ هلائي ويا. ڏسُ! باک ڀليري آئي آ ، ڏِسُ! سَنڌُ مٿان سَرهائي آ! ڇو تن جي لاءِ ”اياز“ رُنين ، جي مارُو ماڳُ مَٽائي ويا! |
The Following 2 Users Say Thank You to zuhaib amed For This Useful Post: | ||
Copy Culture (Monday, August 19, 2013), Mori (Tuesday, March 10, 2015) |
#2
|
||||
|
||||
Zuhaib Ahmed Odho
شيخ اياز جي شاعري
اي قوم! ٻُڌايا ٿي قِصا ڪـــــــلھ تونـــــــــکي مون تقـــــديرن جا، اڄ باغيءَ باغيءَ جي سِــــر تـــي، ٿو ڏســــان تـــاج تعـــزيــــزن جـــا. ڪو ڪيئن نه ڊوڙي مقتل ڏي، آ رَتَ ۾ خوشبو مينديءَ جي، ڪو ڪيئن نه موٽي زندان ڏي، ٿا زُلف ڇِڪن زنجيرن جا ! . هُو ڪُوڙا ڪانئر ڪَـــــــڙڪَــــن ٿا، ۽ لاش هوا ۾ لَڙڪن ٿا، پر ڳاڙها جھنڊا ڦَڙڪـــــــــــن ٿا ، ڇا رنگ ڏِٺم رهگيرن جــــا ! . اڄ لال لَهوءَ جي سَرگم تي، ٿــــي مُنهنـــجي ڌرتي رقص ڪَـــري، مُنـــــهن هيڊ ٿيا غَـــــــدارن جا، بي شـــــرم وڏيــــــرن پـــيـــرن جا. هِي ماڻــــــهو وِھَه جـــــو ڍُڪّ ٿيا، جئن لُڪ لڳي تئن رُڪ ٿيا، اڄ آزاديءَ جي نـــــــعري ســـــان، ســـــڀ درد ويا دلـــــگـــيـــرن جا. هَر دوکي جي ديوار ڊَٺي ۽ اُن جــــــي سِـــــرَ ســــــِرَ ســـــان نه ملي، اڄ ڊوڙي هـــــــر ڪــــــــــو ديــــــــوانو ٿــو کـــــولي بند اسيرن جا. اڄ هر ڪــــــــــــنهن جو هـــــي رايو آ، تو نينهنُ ’ايــاز‘ نڀــــايو آ، تو ڳــــــــاتا گيت بغاوت جا ، تو لاٿا زنگَ ضميرن جا . |
The Following User Says Thank You to zuhaib amed For This Useful Post: | ||
tanveersaeed (Friday, March 04, 2011) |
#3
|
||||
|
||||
Zuhaib Ahmed Odho
شيخ اياز جي شاعري
بـــي مــوت مُــئــا ، تـو لاءِ ڪُــٺـــا انـســان هــزاريــن مــان نــه رڳـــو، هـــــن دنـيـا ۾ اي ديــس ! هُـيـا نــادان هــزاريــن مــان نــه رڳــو. جــي راهــهِ اجــل ڪــنــهــن ورتـــي آ ، هــن ڀـــونءِ ڪئي ٻي ڀرتي آ، هيءَ ڌرتــي تو کــي پرتي آ ، مـهــمــان هــزاريــن مــان نـــه رڳـــو. اک ســاري رات نـــه جھــپـڪي آ ، ۽ شبنم شبنم ٽَپڪــي آ، جي باک گُهري ٿي بُک ، ته اي زنــدان ! هــــزاريـــن مـــان نـــه رڳــــو. ٿـــو ســــاري ڪـــو بــه نــه سُــــڃ ـــــ مُـئا، هُو رُڃ ــــــ مُئا جي اُڃ ــ مُئا ڇا پاپِي پَـر کــي پُــڃ ــــــــ مُــئــا ، ارمــــان هـــزاريــن مــان نــه رڳـــو . ڇو چنڊ اسان کي رات ٺري ، ڏي چــانـــڊوڪــيءَ جــــو زهـــر ڀَــــري؟ آ ڪـــيڏو پـــويــــون پَـــهر پـــري ! حــيــران هـــزاريــن مــــان نــه رڳـــو. تون چئه نه ڪُڇان، تُون چئه نه لُڇان، پر تونکان هڪڙي ڳالهه پڇان؟ تُون ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪندين، اعلان هزارين مان نه رڳو. هـــــي دٗؤر ” ايــاز “ گُــذرڻــو آ ، ۽ پــنــهـــنـــجــو وارو ورڻـــــو آ، ڪــــــــو ٻـــارڻُ ته ٻرڻو آ ، امڪــــــان هزارين مــان نــه رڳـــو. |
#4
|
||||
|
||||
شيخ اياز جي شاعري
قــدم قــدم تــي هـجـومِ زنـــدان ، نــظـر نظر ۾ شراب خانا ڪـــري ويــو ڪــير بــارشِ مَيءِ ، خمار آلود ٿيا زمانا شعورِ هستي جتي ڪٿي آ ، شعارِ هستي ڪٿي ڪٿي آ پيئو پـيـئاريــو ، جـيــئو جيـئـاريـو ، مـــــگر به اندازِ عارفانا اسان جو چاهيو ته روح تنهنجو چپن مان چُوسي وٺون ته ساقي گهڙي نه گذري خلاف پنهنجي ٿيا سمورا شراب خـــــــانا ڪڏهن ڪڏهن مؤج مَيءِ مان اُڀري خودي وري غرقِ جام ٿي وئي ڪـــــنـدو رهـيو ســـاحــلِ تمنا سوين اشارا ، سوين بهانا مثالِ سيلاب وقت گذري ، لُٽي ڇڏيو قصرِ عاشقيءَ کي ڪٿي جبينون جھڪيون آلائي ، جٿي هيو سنگِ آستانا اڙي! اڙي! ترس ترس، ڪنهن کي مٽائين ٿو بي خبر ، نظر ڪر ” ايــــــاز “ آ شاعـــرِ محبـــــت ، اڙي زمـــانا ، اڙي زمانا ! |
#5
|
||||
|
||||
Zuhaib Ahmed Odho
شيخ اياز جي شاعري
ڇا لاءِ مرن ۽ مارن ٿا ، هي جڳ جا جھيڙا ڇا معنى ؟ ڪنهن ساڻ وڙهين ٿو سپني ۾ ، هي گوڙ بکيڙا ڇا معنى ؟ هي ساٿي ڪهڙا ساٿي ها ؟ آ هر ڪنهن پنهنجي راھه ورتي، هو هَر ڪنهن کي هيکل وڃڻو ، هِي سارا ميڙا ڇا معنى ؟ هي چوڳو آهي چار گهڙيون ، پو پَنک پکيڙي اُڏرين ٿو ، ويا هر ڪنهن جا ڪيڏانهن وَلر ؟ هي واءُ وِکيڙا ڇا معنى ؟ آ ڪيڏو سمنڊ ۾ اَجھاڳُ پرين، هت ناهي ڪنهن جو ماڳُ پرين! ڪو ئي به ڪنارو ڪو نه آهي ، هي تُنهنجا ٻيڙا ڇا معنى؟ تو مَڌُ پيتو هن وَستيءَ ۾ ، ۽ واڳ وٺين ٿو مستيءَ ۾ ، پَر تنهنجو ماڳُ ” ايـــــــــاز “ ڪٿي ؟ هي سارا ليڙا ڇا معنى ؟ |
#6
|
||||
|
||||
شيخ اياز جي شاعري
جي تون اَڃا نه ڄاتو ، آ ڪير دُيس واسي ، تُنهنجو جَنم اَجايو ، تُنهنجي مٽي اَڻاسي ! آيو ويو سڪندر ، سيوهڻ اَڃا اُتي آ ، هُو کير ٿر کڙو آ ، وِيندا رهيا وِناسي . لالَڻ ! نوان لَڪن ۾ نِڪتا نِياڻَ آهن ، ايندا جِتي لُڪن ۾ ، پانڌيئڙا پِياسي . هِي شام جو مياڻي ، هِي سونَ رنگ پاڻي ، تَڙ تي ٻه چار ڏيئا ، نَڙ تي ٻه چار لاسي ! منهنجي اُڪير ڇا هي؟ هي چِٽ چيت من ۾، مندرِ ، اُداس ڏيئو ، اَڌ راتِ ، ديوداسي . جي وک کي وڌائين ، اَڄ ماڳُ ڏور ناهي ، ڏُونگر ڏريِ پَيو آم ساهَس ته ڌارِ ساسِي ! |
#7
|
||||
|
||||
Zuhaib Ahmed Odho
شيخ اياز جي شاعري
ساڳُ پنهنجو پَلي ، سِنڌ پو ڀي ڀَلي، ڀاڳ وارِي سَدا ڀونءِ تي ڀَر جھلي. تو چيو ” سنڌڙي “ مون چيو ” جندڙي “، مون پرولَي سَلي ! مون پرولَي سَلي! پِريتَ ليلا به آ ، پِريت ڪَؤنرُو به آ، پِريت پَرکي ته ڪا مون جيان دل جَلي! وک وِتَري ڪيو ٿي اَچي ، ٿي اَچي، هُو جھُڙالي هوا ، هُو گلابي گلي! سِنڌُ مَرڻي نه آ ، اي ” اياز “ آ اڃا ، اُڃ جو آسرو ، ڪا ته پاڻيءَ کَلي! |
#8
|
||||
|
||||
Zuhaib Ahmed Odho
شيخ اياز جي شاعري
نه تَڙَ تي تماچي ، نـه گـنـدريءَ گُــذارا ، اَسـارا اَسـارا ڪـينجـھر جـا ڪـنارا . اُتر واءُ اوتـي ، جتـي عـطر تـو تـي ، هَـيـا هـنـج ! تُـنـهـنـجـا اُتـان هِـي اُڏارا ! ڳُنڌي وارَ ڪنهن لاءِ آئينءَ ڳهيلي ؟ چَري! چاڳ ڪهڙا! ڪٿي چاهه وارا! جڏهن کان وئين تُن وِرهَه، راس آيون، نه گهر تي گهٽائون نه سر تي ستارا. اڃا رُڃ مان رڙ اچي ٿي ، اچي ٿي، متان ائين سمجهين مُئا مور سارا ! وَڏا وَڙ ڪيا نَڙ ، ڀلــي آئين چارڻ ! جَڏا جيءِ جـاڳـي پـيــا او جـــيــارا ! اڙي هي اُمارا ! مُــئي ناهه مَڪلي ، ’ ايـــــاز ‘ اڄ وتاســين پَٿــر جـا پنـارا. |
#9
|
||||
|
||||
شيخ اياز جي شاعري
ڪري ڪير ٿو هِي پکن مان پُڪارون، نه منهنجو ملير آ، نه ڪي منهنجا مارون! رهي گونجندي ڪوُڪ ڪائي فضا ۾ اُڏامي ويون ڪُونجڙين جون قطارون وِرَهه تنهنجي وستي ورهيه ٿيا وساڻي کڻي چڻنگ چوليءَ هليو ڪير پارون؟ وڃون ٿا پيا سِير جي اڄ سهاري نه تُرهو ئي تاڻيو، نه ڪي آهيون تارون ”اياز“ اُن سبب مَي پرستي ڇڏيندو؟ ميان، تون به ڪنهن کي ڏئين ٿو ميارون! |
#10
|
||||
|
||||
Zuhaib Ahmed Odho
شيخ اياز جي شاعري
پرينءَ سان پکا ڪير ويهي اڏي گھڙي لنئو لڳائي، هلون ٿا لڏي جھڙاليون لڳائي وئين جيءَ ۾ اڙي جيءُ آئين اسان جي تڏي اُتر کان اچي ٿي اُٺي جي هوا ڀَري آ، ڀَري آ، نصيحت نه ڏي ميان، ڪير مَي جون ميارون سهي اسان کي ڇڏي ڏي، ڇڏي ، ڇڏي ڏي نه ٿيندي نه ٿيندي محبت فنا هلي آ، ڀلي ويهه گوڏو گڏي ”ڀٽائي“ به هو ميڪدي ۾ ”اياز“ ڏنائين پئي مَي اسان کي سڏي |
|
|
Similar Threads | ||||
Thread | Thread Starter | Forum | Replies | Last Post |
English Poetry | DANISH_KHAN | English Poetry | 2 | Sunday, October 13, 2019 02:26 PM |
History of English literature | Naseer Ahmed Chandio | English Literature | 18 | Saturday, October 20, 2012 03:03 PM |
The Poetry of Confession | free thinker | English Literature | 0 | Friday, May 26, 2006 07:17 AM |
S. T. Coleridge: Function of Poetry | Last Island | English Literature | 0 | Tuesday, June 28, 2005 02:27 PM |