sindhi gazal jabbarbozdar
غزل
جبار بوزدار نيڻ چپ ڳل رهيا اداس اداس پيار جا پل رهيا اداس اداس رات راڻو به ڪينڪي وريو ڪيڏا ڪاڪل رهيا اداس اداس روشني رنگ محبتون نه مليون دل جا سڀ گل رهيا اداس اداس نيڻ آگم جيان نڪي برسيا رات بادل رهيا اداس اداس تنهنجي هڪڙي نهار جي خاطر تنهنجا پاڳل رهيا اداس اداس ڪين جبار تون وري آئين تو لئي آنچل رهيا اداس اداس |
05:46 AM (GMT +5) |
vBulletin, Copyright ©2000 - 2024, Jelsoft Enterprises Ltd.