Friday, April 26, 2024
12:25 AM (GMT +5)

Go Back   CSS Forums > Off Topic Section > Poetry & Literature > Sindhi Poetry

Reply Share Thread: Submit Thread to Facebook Facebook     Submit Thread to Twitter Twitter     Submit Thread to Google+ Google+    
 
LinkBack Thread Tools Search this Thread
  #1  
Old Friday, March 16, 2012
innocent fairy's Avatar
Member
 
Join Date: Sep 2011
Location: sindh
Posts: 38
Thanks: 195
Thanked 44 Times in 27 Posts
innocent fairy is on a distinguished road
Default ustaad bukhari

استاد بخاري جي شاعري

سنڌ جو قصيدو

ساڃهه سرمو پاءِ، پوءِ پَسجِ سنڌ کي،
’جنّت عدن تجري مِن تحتِه الانهار‘، ساري سيِم سُهاءِ
جُوءِ نه ڪنهنجي جاءِ، بخاري هِن ڀُون ۽ سان.

نعمت، ڪوهستان، جنت، لاڙ، سرو، ٿر،
هِتي حُور، قصور جو سمورو سامان،
’فَبِاَيّ آلآءِ رَبِّڪُما تُڪذّبِن‘، جاچيو، جوءِ جهان،
ڪعبو، نبي، قرآن، بخاري سڀ ڀونءِ تي.

مون لئي ’مازاغَ البَصَر‘، پڻي تنهنجي پاڪ،
ڪوثر ڪڻيون موڪليون، مٿان گلن ماڪ،
ستئي باغ بهشت جا، اٿئي، تر جا ٿاڪ،
بخاري بيباڪ ڪهيو ڪلمو حق جو.

پَسو، سنڌو پاڪ، اک کڻي استاد جان،
جھِرمِر جھِرمِر ڪهڪشان، خوشبو خوشبو خاڪ،
هميشه حنساڪ، سونهارِي سنسار ۾.

سهيڙي سڀ روشنيون، ميڙي سڀ سرهاڻ،
وجھي سنڌوءَ سير ۾، مَسُ ڪري مهراڻ،
لکي مون واکاڻ، بخاري هن ڀونءِ جي.

هِن تر جي تعريف، ادا ڇا استاد ٿئي!
رمزون سڀ ربيع ڪريان، خوبيون سڀ خريف،
تڏهن بي تعريف، پتي پوري ڪانه ٿئي.

سنڌوءَ جي ساراهه، انت نه ٿئي استاد کان،
هوءَ جا بوِ بهشت جي، سرها تُنهنجا ساهه،
هو جو دونهون دوزخي، اهنجي تنهنجي آهه،
پسيو ٺاهه ۽ ڊاهه ٻهڪيو هانءُ ٻريو پوي.

نِت نِت نئين نيڪي، جيڏي ڪريان جوُءِ جي،
تارن جوتون موڪليون، ڦُلن بوءِ ڦينڪي،
سو سڀ منهنجي سنڌ ۾، جڳت ۾ جيڪي،
ڏات، اڃا ڏي ڪِي، بات ڀوُنءِ جي.

استاد آخرڪار، مرڻ ناهي ميهڻو،
همّت جي هڪ ڏينهن تان، صدقي سال هزار،
غيرت ڪِج نه غار، بوتو ڀينڊ ڀريو ته ڇا!

ڌرتي تنهنجو ڌيان، ائين آ استاد کي،
ٻُڌا جئين لوچي لڌو، گمراهي مان گيان،
هُن ڳوليو نروان، آءٌ آجايون ڳوليان.

بي حد ڀونءِ بيان، ادا ڇا استاد ٿئي!
ڳوهيان ظرف زمان ۾، موهيان منجھه مڪان،
مِٽيءَ مانُ مهان، اڃا آڳاهون گھڻو.

بي حد ڀونءِ بيان، ادا ڇا استاد ٿئي!
هڪڙي ذرڙي زندگي، هڪڙي ضعيف زبان،
جان جان جِيءَ ۾، تان تان وطن جي.

سنڌوءَ جي ساراهه، ادا ڇا استاد ٿئي!
منهنجو ساهه مُني صدي، سندس سونهن اٿاهه،
اسان کي اللهَ، ڏني سنڌڙي ڏاڻ ۾.

سنڌوءَ جي ثنا، ادا ڇا استاد ٿئي!
ڪِرڙ، ڪنڊيون ڪلڪون ڪيان“ پَڌر پَٽ پَنا،
ڇَپر، ڪَک، ڇنا ڳائِن ته به ڳالهيون گھڻيون.

وطن ۽ ويساهه، سمجھان، ساڳي ڳالهه ٿو،
آزادي، الله، هوندا هڪڙي هنڌ تي.

جيڏو سچّو، سلڇڻو ايڏو سياڻو
جيڏو ارڏو، بي ڊپو، ايڏو نماڻو
ناتو اباڻو، سَگھو منهنجو سنڌ سان.

هو جو مون سپنو ڏٺو، اهو هو آفاق،
تتو ٿر جو ٿاڪ، سو مون ساڀيان ماڻيو.

شاعري چانڊاڻ ٿي، موسيقي سرهاڻ
مون توسان مهراڻ، آفاقي ناتا ڳنڍيا.

هينئون توڙي هوش، ڏِياري هِن ڏيهه جي،
جيڪو جذبو، جوش، وطن تان واري ڇڏيان.

سنڌي منهنجو ساهه، سنڌي منهنجو سَتُّ،
رڳون، ٻوٽيون، رَتُّ، منهنجون هِن مٽيءَ مان.

تن ۾ جا طاقت، سَڀَ بخاري سنڌ جي،
”مران مران، مات نه کان“، اها اشرافت،
اهم عبادت، اٿم ورد وطن جو.

سوچون، لوچون، سَگھ سڀُ حوالي سنڌ جي،
امل ٿِيَن اگھه، مران، جيئان ماڳ تي!

وطن سان ايمان، اٿم قائم، مولوي!
رسالي کي سنڌ جو، سمجھان ٿو قرآن،
مران مسلمان، اکئين آجائي ڏسي.

سِنڌو منهنجي ماءُ، ٻڌي ڇڏ هي ٻول تون!
پاپيءَ سان پرچاءَ، پرچڻ آب ۽ آڳ جو.

ٻُڌ او، ماءُ ــــــ ٻولي، ڪوي قول ڪري چُڪو!
ڄاڙيءَ تي گولي، سنڌي ٻولي ڄڀّ تي.

ڪيڏو آءٌ ڪوي مگر، ڪريان ڳالهه سچي،
سنڌي قوم بچي، بچيس، نه ته مري ويس!
Reply With Quote
The Following 2 Users Say Thank You to innocent fairy For This Useful Post:
Ali Mallah (Saturday, March 31, 2012), kaneezfatimasahar (Monday, February 24, 2014)
Reply


Posting Rules
You may not post new threads
You may not post replies
You may not post attachments
You may not edit your posts

BB code is On
Smilies are On
[IMG] code is On
HTML code is Off
Trackbacks are On
Pingbacks are On
Refbacks are On


Similar Threads
Thread Thread Starter Forum Replies Last Post
Translation of Imam An-Nawawi's Forty Hadiths Zulfiqar Shah Islam 0 Wednesday, June 22, 2011 11:41 AM
Sahih Bukhari marwatone Islam 0 Thursday, May 22, 2008 12:21 PM
Description of the Prophet Mohammed Hafsah Islam 2 Wednesday, April 18, 2007 06:24 PM
250 Signs Of The End Times... Chilli Islam 0 Thursday, May 04, 2006 09:36 PM
Words of Wisdom from Prophet Mohammad (pbuh) Hafsah Islam 1 Friday, February 10, 2006 07:29 AM


CSS Forum on Facebook Follow CSS Forum on Twitter

Disclaimer: All messages made available as part of this discussion group (including any bulletin boards and chat rooms) and any opinions, advice, statements or other information contained in any messages posted or transmitted by any third party are the responsibility of the author of that message and not of CSSForum.com.pk (unless CSSForum.com.pk is specifically identified as the author of the message). The fact that a particular message is posted on or transmitted using this web site does not mean that CSSForum has endorsed that message in any way or verified the accuracy, completeness or usefulness of any message. We encourage visitors to the forum to report any objectionable message in site feedback. This forum is not monitored 24/7.

Sponsors: ArgusVision   vBulletin, Copyright ©2000 - 2024, Jelsoft Enterprises Ltd.