Sindhi poetry collection
هي عشق ڏسو منهنجي جوڀن جي نشاني آ۔
مرحوم امنگن جي جيون جي نشاني آ۔ ڪنهن ڪنهن کي وجهان ڇلڙا، ڪنهن ڪنهن کي مکيان خوشبو، هن شهر کي آڇي مون شعرن جي نشاني آ۔ گهوُري ته جگر گهائي،مُرڪي ته مکي مرهم، هر سونهن کي سمجهان ٿو سڄڻن جي نشاني آ۔ ڏس جوش ڏڪي ٿو پيو ء هوش بڪي ٿو پيو، ته به تن ۾ تمنائون، جشنن جي نشاني آ۔ احساس جي الماڙي، هر رئڪ تي تقريرون، شاعر جي اڪيلائي، جشنن جي نشاني آ۔ اٿ ميڙ اهي ٺڪريون، دل ڪنهن جي ٽُٽي پئي آ، هي خاڪ به کڻ ڪنهنجي، نيڻن جي نشاني آ۔ مايوس هوائن کان اٿ منهنجون اميدون وٺ، دانهن جي پلاندن ۾ نغمنجي نشاني آ۔ استاد جي البم ۾ گُل ٽاڪ ڀلي دلبر، هي خار به رک تنهنجي گلشن جي نشاني آ۔ [B] Poet: Unknown[/B] |
[B][SIZE="3"][COLOR="Navy"]akelo akelo safar zindagi jo
thiyo be asar aa asr zindagi jo wari ubhri rahmat ja badal waso aj pukare piyo wiraan thar zindagi jo na amrit ji dhaara na ulfat jo zam zam piyoon piya tha har dam zahar zindagi jo na raah na rasto na ki maag manzil na koi thikano na ghar zindagi jo[/COLOR][/SIZE][/B] |
[center][b][size="3"][color="darkslateblue"]
جَلَ ٿَلَ جھولي، ڏونگر ڏولي، او لوءِ لوئان لولي! آمر نه ٻوليون ٻي ڪا ٻولي. منڇر، ڪينجھر سنڌو، ساگر، گج گج لهرون، ڇم ڇم ڇولي. او لوءِ لوئان لولي! آمر نه ٻوليون ٻي ڪا ٻولي. پَٽَ جو پَٽڪو، پَٽَ جي پوتي، ڍَٽَ جو ڍولو، ڍٽ جي ڍولي، او لوءِ لوئان لولي! آمِر نه ٻوليون ٻي ڪا ٻولي. شهر وارن سيني سانڍي، ڳوٺن ۾ ڳڻوانن ھولي، او لوءِ لوئان لولي! آمِر نه ٻوليون ٻي ڪا ٻولي. پنهنجي ٻولي، ٻول بخاري، سُهڻي سُرهي سچي سولي، او لوءِ لوئان لولي! آمِر نه ٻوليون ٻي ڪا ٻولي.[/color][/size][/b][/center] |
[B][SIZE="7"]
اسين پيٽ بکيا، اُگهاڙا اُگهاڙا اَروکا اَروکا، اَٻالا اَٻالا وساريل وساريل، ڌڪاريل ڌڪاريل نماڻا نماڻا، نرالا نرالا اڪيلا اڪيلا، توائي توائي سدا چاڪ دامن، سدا نيڻ آلا[/SIZE] [SIZE="4"](امداد Imdad Hussaini)[/SIZE][/B] |
[B][SIZE="7"]محبت پائي من ۾، رنڍا روڙيا جن
تن جو صرافن، اڻ توريوئي اگھائيو[/SIZE][/B] -- [B][SIZE="5"]شاھ لطيف Shah Latif[/SIZE][/B] |
[b][size="6"]ٿو سِڄُ لهي ، ڄڻ ڍاڪؤن ۾
ڪنهن ريٽو رت ڀريو آهي ! ۽ هر ڪو ڍُڪ ڍُڪ پيئي ٿو ۔ ائين جيئي ٿو ! ٿي رات اچي هر تارؤن ۾ ڪنهن تاري تير هنيو آهي پر هرڪو لوڇَ ڇُپائي ٿو ! ۽ ڳائي ٿو ! تون ، تون ناهين ! مان ، مان ناهيان تون ڇا آهين ؟ مان ڇا آهيان ؟ [/size] [size="2"]شيخ اياز[/size] [/b] |
[b][size="5"][center]عجب آهي زماني جا اهي اطوار مٽجي ويا؛
و_ڏا سردار مٽجي ويا ، وڏا ڀوتار مٽجي ويا. اهواخلاق ، اها الفت ، اها تهذيب ڪانهي ڪا؛ غريبن ۾ اڃان ڪجهه آهي پر زردار مٽجي ويا. ويو ويچارو سچ گم ٿي رڳو ئي ڪچ وڪامي ٿو؛ لڏي ويا وِير واپاري خود واپار مٽجي ويا. پِتل کي سون سمجهن ٿا ، چون ٿا هيرو شيشي کي؛ ڏسو ڇا ٿي ويو هڪدم جو سڀ وينجهار مٽجي ويا. نه عزت هاڻ اشرافت جي محفوظ آهي اي يارو؛ وڏن تي ڇا ميار آهي جو ننڍڙا ٻار مٽجي ويا. جي ليلا اڄ هجي ها ، ور مٽي ها ڪين مڻين تي؛ قسم رب جو ته هيرن جا اڄوڪا هار مٽجي ويا. پرا ون تي ڀلا ڪهڙيون ميارون ”طالب المولى“؛ هو ننڍپڻ جا ئي ساٿي نيٺ ڪارا وار مٽجي ويا [/center][/size][/b] |
Sir can you please give me the link of Sachal Sarmast's poetry? Thanks.
|
05:40 AM (GMT +5) |
vBulletin, Copyright ©2000 - 2024, Jelsoft Enterprises Ltd.