View Single Post
  #1  
Old Wednesday, December 27, 2017
Wonderworld Wonderworld is offline
Senior Member
 
Join Date: Jul 2017
Posts: 215
Thanks: 91
Thanked 34 Times in 31 Posts
Wonderworld is on a distinguished road
Default CCE-2017 updates

#سنڌ #پبلڪ #سروس #ڪميشن انتظامي مونجهاري ۽ اندرونين مسئلن جو شڪار،اڻ پوري تياري ۽ مالي کوٽ جي سبب #گڏيل #چٽاڀيٽي #2017# وارو #اشتهار #2018# جي مهيني جنوري جي آخر ۾ ايندو.
(فالحال ڪميشن جو اسٽاف وغيره ٻيهر ورتل2013 واري امتحان جي چڪاس ۾ مصروف جلد نتيجا ظاهر ڪيا ويندا فيبروري جي آخر تائين، ڪاپين جي روانگي، چڪاس شروع!)
گڏوگڏ نئين ڪمبائينڊ اليڪشن جي ويجهو پيپر وغيره وٺبا ته جيئن ڪجهه فائدو ووٽ آسري وٺي سگهجي.
نئين 2018 واري ڪمبائينڊ ۾ اسڪريننگ ٽيسٽ پڻ ورتي ويندي ليڪن ان ۾ ٿوري نرمي رکي ويندي پاس ٿيڻ جي مارڪن جي شرح ۾.
مطلب ته هڪ دفعو ٻيهر ايس پي ايس سي ، سپريم ڪورٽ جي هر سال امتحانن وٺڻ وارن حڪمن کي ٿڏي ڇڏيو!
2013 کانپوءِ هاڻي 2018 ۾ اهو گڏيل چٽاڀيٽي جو امتحان ورتو ويندو ،نوجوانن ۾ سخت ڪاوڙ جي لهر !
تحريڪ هلائڻ جو چتاءُ.
پنج سالن جو فاصلو ۽ عمر حد ۾ ڪا به رعايت نه ؟
هزارين درخواستون پهرين ڪميشن وٽ جمع ٿيل ۽ ڪروڙين رپين جا چالان ليڪن سالن کا انتظار ۾ نوجوان ته ڪڏهن ٽيسٽ وٺندي ڪميشن!
جلد کان جلد گهرايل درخواستن جون ٽيسٽون ورتيون وڃن نه ته ڪميشن جي آفيس ٻاهران اڻ اعلانيل مدي تائين ڌرڻو هڻي ويهي رهنداسين.
جلد هڪ نئين پيٽيشن داخل ڪئي ويندي ۽ گڏوگڏ
استادن جيان ڪراچي ۾ گڏجي هڪ ڌرڻو هنيو ويندو ، بعد ۾ بک هڙتال شروع ڪئي ويندي.
Reply With Quote