View Single Post
  #2  
Old Wednesday, May 20, 2009
sara soomro's Avatar
sara soomro sara soomro is offline
Senior Member
 
Join Date: Jan 2008
Location: pakistan
Posts: 808
Thanks: 232
Thanked 1,099 Times in 496 Posts
sara soomro has a spectacular aura aboutsara soomro has a spectacular aura about
Default

۽ سنڌ جيڪا پيپلز پارٽي جو مضبوط قلعو رهي آهي جتان هميشه پيپلز پارٽي وڏي تعداد ۾ ماڻهن کان ووٽ پئي ورتا آهن اتي سنڌ جي بهتري جي لاءِ ڪجھه ڪرڻ پيپلز پارٽي جي اهم ذميداري آهي هاڻ صرف خالي نعرن ۽ اخباري بيانن سان ڪم نه هلندو. اقتدار گھڻن شين تي پردو لڳائي ڇڏيندو آهي ۽ حڪمرانن جي ارد گرد صرف قصيده گو ئي هوندا آهن تنقيد ڪرڻ وارا گھڻو ڪري انهن کان ڪجھه فاصلي تي ئي رهندا آهن پر اقتدار کان پوءِ جڏهن حقيقت تان پردا کڄي ويندا آهن تڏهن حڪمرانن لاءِ سندن وڏي ڳالهه ڪارڪردگي ئي هوندي آهي. سو هي وقت آهي ته پيپلز پارٽي جنهن سدائين سنڌ جي ماڻهن کان ووٽ ورتا آهن ۽ سدائين سنڌ جي سورن جو پٽڻو پٽيو آهي ۽ سنڌ ڪارڊ استعمال ڪيو آهي سا عملي طرح سنڌ جي نمائينده هئڻ جو به ثبوت ڏئي سنڌ جي ماڻهن جي معاشي سياسي ۽ مالي حقن جي لاءِ هن جيڪي سنڌ جي عوام سان واعدا ڪيا هئا انهن پنهنجن واعدن کي پاڻي ڏيئڻ لاءِ عملي طور تي ڪجھه ڪري ۽ هن وقت هو ڪجھه ڪرڻ جي پوزيشن ۾ به آهي. سدائين اسلام آباد سنڌ جي سياسي معاشي ۽ اقتصادي حقن تي راتاهو هنيو آهي پر هاڻ ان وقت جڏهن اسلام آباد ۾ ايوان صدر ۾ ويٺل هڪ سنڌي آهي صورتحال تبديل ٿيڻ گھرجي نه ته تاريخ ڪابه تاويل قبول نه ڪندي. ڏٺو وڃي ته سنڌ جي ماڻهن خاص ڪري سنڌ جو اهو علائقو جنهن کي اندورنِ سنڌ سڏيو وڃي ٿو ان گذريل ڏهن ٻارنهن سالن ۾ ڀوڳيو ئي ان ڪري آهي ته اتي پيپلز پارٽي جي لاءِ همدردي آهي جيڪا ڳالهه نه فوجي حاڪمن ۽ نه ئي انجي منظور نظر حڪمرانن کي پسند هئي تنهن جي ڪري انهن علائقن کي هر طرح سان نظرانداز ڪري پٺتي ڌڪيو ويو. باقي رهيا سنڌ جا شهري بابو انهن ته ڪالهه مشرف جي دور ۾ به اقتدار جا خوب مزا ورتا ۽ هن وقت به جڏهن پيپلز پارٽي جي حڪومت آهي ته تڏهن سندن لاءِ ساڳئي سخاوت جي نوازش جاري آهي. سنڌ جي انهن علائقن جنن پيپلز پارٽي جي ڪري ڀوڳيو آهي انهن کي اڳتي آڻڻ جو موقعو ڏيئڻ بجاءِ هن وقت به سنڌ جي ٻهراڙي جي معشيت کي جيڪا گھڻي ڀاڱي زراعت تي مشتمل آهي کي هٿرادو ڀاڻ ۽ پاڻي کوٽ ڪري ۽ غير مناسب اگھ ڏيئي تباهه ڪيو پيو وڃي ان صورتحال ۾ حڪمران صرف اهي بيان ڏئي پنهنجي ذميواري کان آجا ٿي ويندا آهن ته اها ”پيپلز پارٽي جي حڪومت جي خلاف سازش ٿي رهي آهي“
__________________
Kami kis shae ki hai tere khazaane me mere Allah
Jhukaa ke sar jo maangun teri rehmat mil hi jaaegi...
Reply With Quote