View Single Post
  #115  
Old Wednesday, January 18, 2012
redmax's Avatar
redmax redmax is offline
40th CTP (DMG)
Medal of Appreciation: Awarded to appreciate member's contribution on forum. (Academic and professional achievements do not make you eligible for this medal) - Issue reason: CSP Medal: Awarded to those Members of the forum who are serving CSP Officers - Issue reason: CE 2011 - Merit 73Diligent Service Medal: Awarded upon completion of 5 years of dedicated services and contribution to the community. - Issue reason:
 
Join Date: Jan 2007
Location: Inaccessible
Posts: 1,012
Thanks: 1,335
Thanked 2,480 Times in 622 Posts
redmax has much to be proud ofredmax has much to be proud ofredmax has much to be proud ofredmax has much to be proud ofredmax has much to be proud ofredmax has much to be proud ofredmax has much to be proud ofredmax has much to be proud of
Post

سنڌ جي ڪوٽا تي وفاقي ڪميشن جو امتحان پاس ڪندڙ پنجاب جي ڪاموري جي 2 ٻارن جي ڊوميسائيل جي تصديق نه ٿي

ڪراچي (رپورٽ: اختيار کوکر) سنڌ حڪومت پنجاب جو ڊوميسائيل رکندڙ اڳوڻي وفاقي سيڪريٽري ۽ پنجاب پبلڪ سروس ڪميشن جي ميمبر همايون فرشوريءَ جي سنڌ جي ڪوٽا تي وفاقي پبلڪ سروس ڪميشن جي گڏيل مقابلي واري امتحان ۾ ڪامياب قرار ڏنل ٻن ٻارن جي ڊوميسائيلن جي تصديق ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ وفاقي پبلڪ سروس ڪميشن کي لکي ڇڏيو آهي ته سنڌ جي شهري علائقي جي ڊوميسائيل جي بنياد تي پبلڪ سروس ڪميشن جي سال 2011ع واري امتحان ۾ ڪامياب قرار ڏنل مسعود همايون فرشوري ۽ مس ثنا همايون فرشوريءَ پاران ڪراچي جي جمع ڪرايل ڊوميسائيلن جي جاري ٿيڻ بابت ضلعي سينٽرل ڪراچيءَ جي ڊپٽي ڪمشنر غير اطمينان بخش رپورٽ ڏني آهي، ان ڪري انهن ٻنهي اميدوارن جي ڪراچيءَ وارن ڊوميسائيلن جي سنڌ حڪومت تصديق نٿي ڪري سگهي، 4 جنوري 2012ع تي صوبائي گهرو کاتي پاران وفاقي پبلڪ سروس ڪميشن کي لکيل جوابي خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته همايون فرشوريءَ جي ٻنهي ٻارن جي ڊوميسائيلن ۽ پي آر سيز جي تصديق ڪرڻ لاءِ بهتر ٿيندو ته ٻارن جي والد همايون فرشوريءَ جي ڊوميسائيل ۽ پي آر سي جي تصديق ڪئي وڃي ته ڪٿان جاري ٿيل آهن يا جيڪڏهن وفاقي پبلڪ سروس ڪميشن چاهي ته ان معاملي جي وڌيڪ جاچ لاءِ صوبائي حڪومت ڪا جاچ ڪاميٽي جوڙي سگهي ٿي، جيڪا جاچ جي سلسلي ۾ اميدوارن ۽ انهن جي والد کي پڻ طلب ڪري ڪري سگهي ٿي. ياد رهي ته وفاقي پبلڪ سروس ڪميشن 11 آڪٽوبر 2011ع تي سنڌ جي چيف سيڪريٽريءَ کي خط لکي چيو هو ته لاهور جي رهندڙ ۽ پرائمريءَ کان وٺي پوري تعليم لاهور ۾ حاصل ڪندڙ وفاقي پبلڪ سروس ڪميشن جو سال 2011ع جو گڏيل مقابلي وارو امتحان پاس ڪندڙ ٻن اميدوارن مسعود همايون فرشوري ۽ ثنا همايون فرشوري امتحان لاءِ جمع ڪرايل پنهنجي درخواستن سان گڏ 10 مئي 2010ع تي جاري ٿيل قومي سڃاڻپ ڪارڊن ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته هو لاهور ۾ ٿا رهن پر سندن مستقل پتو نارٿ ناظم آباد ڪراچي آهي. هنن ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽ پڻ ڪراچيءَ جا پيش ڪيا آهن، جيڪي 12 ڊسمبر 2010ع تي جاري ٿيل آهن، جڏهن ته هنن جو والد وفاقي سيڪريٽري رهيو آهي ۽ هن وقت پنجاب حڪومت ۾ اهم عهدي تي مقرر ٿيل آهي، ان ڪري ٻنهي اميدوارن پاران ڪراچيءَ جا پيش ڪيل ڊوميسائيل مشڪوڪ بڻجي ويا آهن. سنڌ حڪومت جاچ ڪري انهن ڊوميسائيلن جي اصل حقيقت کان ڪميشن کي آگاهه ڪري. ذريعن موجب سنڌ حڪومت انهيءَ خط جي جواب ۾ وفاقي پبلڪ سروس ڪميشن کي هڪ هفتو اڳ اماڻيل رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته ضلعي سينٽرل ڪراچيءَ جي ڊپٽي ڪمشنر سنڌ حڪومت کي ڏنل پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته ڊپٽي ڪمشنر جي آفيس رڪارڊ ۾ انهن ٻنهي ڊوميسائيلن ۽ ڊوميسائيلن ۾ ڏنل ايڊريس واري گهر جي ملڪيت جي وارثيءَ بابت ڪوبه رڪارڊ موجود ڪونهي، ڊي سي آفيس پاران اميدوارن جي هڪ ويجهي عزيز معين الدين روميءَ سان پڻ رابطو ڪري ڊوميسائيلن جي تصديق لاءِ ضروري رڪارڊ طلب ڪيو پر اميدوار به پنهنجي ڊوميسائيلن جي تصديق لاءِ ضروري رڪارڊ نه ڏئي سگهيا آهن، ان ڪري ڊي سي آفيس جو عملو ٻنهي ڊوميسائيلن جي جاري ٿيڻ جي تصديق نه ڪري سگهيو آهي، جنهن جي بنياد تي سنڌ حڪومت وفاقي پبلڪ سروس ڪميشن کي مٿيون جواب اماڻي ڏنو آهي، همايون فرشوري گذريل 25 سالن دوران سنڌ ۾ ڪنهن به عهدي تي فائز ناهي رهيو ۽ نه ئي سندس خاندان ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو پر پوءِ به سنڌ جي ڪوٽا تي وفاقي پبلڪ سروس ڪميشن جي گڏيل مقابلي واري امتحان ۾ سليڪٽ ٿيڻ لاءِ هنن رهائش جي مستقل ايڊريس ڪراچي واري ڄاڻائي ڪراچيءَ مان هڪ سال اڳ جاري ٿيل ڊوميسائيل جمع ڪرائي ڇڏيا آهن.
__________________
Verily, His command, when He intends a thing, is only that He says "Be!" - and it is! (Al-Quran)
Reply With Quote
The Following 3 Users Say Thank You to redmax For This Useful Post:
ABDUL JABBAR KATIAR (Saturday, January 21, 2012), sajidnuml (Wednesday, January 18, 2012), wraith (Wednesday, January 18, 2012)