View Single Post
  #402  
Old Saturday, February 09, 2013
Zaheer Qadri's Avatar
Zaheer Qadri Zaheer Qadri is offline
Optimist
 
Join Date: Mar 2012
Location: Sindh R
Posts: 901
Thanks: 585
Thanked 461 Times in 346 Posts
Zaheer Qadri will become famous soon enough
Default Teachers interview/documents verification schedule

سنڌ حڪومت کي استادن جي 20 هزار جاين تي ڀرتين جي اجازت

ڪراچي (رپورٽ اختيار کوکر) اليڪشن ڪميشن پاران سرڪاري کاتن ۾ نين ڀرتين لاءِ جاري ڪيل نين رهنما اصولن جي نتيجي ۾سنڌ حڪومت کي تعليم کاتي ۾ استادن جي خالي پيل 20 هزار جاين سميت خوراڪ، ايڪسائيز ۽ ٻين کاتن ۾ نئين ڀرتيءَ جي اجازت ملي وئي. جڏهن ته پوليس، پبلڪ هيلٿ انجينئرنگ، اوقاف ۽ ڪجهه ٻين کاتن جي 8 هزارن کان وڌيڪ خالي جاين تي ڀرتي نه ٿي سگهندي. سنڌ حڪومت جي ذميوار ذريعن کان ”ڪاوش“ کي مليل رپورٽ موجب اليڪشن ڪميشن پاران سرڪاري کاتن ۾ نئين ڀرتيءَ جي پابنديءَ جي حوالي سان جاري ڪيل اصولن موجب سرڪاري کاتن ۽ ادارن ۾ خالي انهن جاين تي نئين ڀرتي ٿي سگهي ٿي جنهن ڀرتيءَ لاءِ اميدوارن کان درخواستون 31 آگسٽ 2012ع کان پهرين گهرايون ويون هيون. صوبائي تعليم کاتي ۾ نئين ڀرتين واري عمل جي نگراني ڪندڙ ريفارم سپورٽ يونٽ (آر ايس يو) جي چيف پروگرام مئنيجر پرويز احمد سيهڙ موجب استادن جي خالي 20 هزار جاين جي ڀرتيءَ لاءِ اميدوارن کان درخواستون گهرائڻ لاءِ فيبروري 2012ع ۾ اشتهار ڏيئي درخواستون ڏيڻ جي آخري تاريخ 20 اپريل مقرر ڪئي هئي، جيڪا بعد ۾ وڌائي 20 جون 2012ع ڪئي وئي. اهڙي طرح تعليم کاتي ۾ 11 سئو ايڇ ايس ٽي، 6500 جي ايس ٽي ۽ 12500 پرائمري استادن جي ڀرتي اليڪشن ڪميشن جي پابندي کان آجي ٿي وڃي ٿي. هن ”ڪاوش“ سان ڳالهائيندي هن ٻڌايو ته نيشنل ٽيسٽنگ سروس پاران ان ڀرتي لاءِ اميدوارن جي جاري ڪيل نتيجي موجب ڀرتيءَ لاءِ بنيادي ميرٽ گهٽ ۾گهٽ 60 سيڪڙو مارڪون مقرر ڪئي وئي آهي. نئين ڀرتيءَ لاءِ ميرٽ لسٽ جي تياري ۽ڪامياب اميدوارن جي تعليمي سندن جي تصديق لاءِ لاڳاپيل ڊائريڪٽرن ۽ ڊي اي اوز تعليم کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، هوڏانهن تعليم کاتي جي ذميوار ذريعن موجب تعليم کاتي پاران استادن جي نئين ڀرتيءَ لاءِ وفاقي اداري نيشنل ٽيسٽنگ سروس پاران اميدوارن کان ورتل لکت واري امتحان جي جاري ڪيل نتيجي موجب ايڇ ايس ٽي جي خالي جاين لاءِ 4000 اميدوارن، جي ايس ٽي جي خالي جاين لاءِ 30000 اميدوارن جڏهن ته پرائمري استادن جي خالي جاين لاءِ 70000 اميدوارن کي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي. ذريعن ٻڌايو آهي ته ڀرتيءَ لاءِ ميرٽ لسٽ ٺاهڻ جي حوالي سان تعليم کاتي جي انتظاميا لاڳاپيل ڊائريڪٽرن ۽ ڊي اي اوز کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن ۽ کين ميرٽ لسٽ جي تياري جو شيڊول پڻ ڏيئي ڇڏيو آهي جنهن موجب ايڇ ايس ٽي جي خالي عهدن جي ميرٽ لسٽ لاءِ ڪامياب اميدوارن جي سندن جي تصديق جو عمل 11 فيبروري 2013ع کان شروع ڪيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايڇ ايس ٽي جي ميرٽ لسٽ ضلعي سطح تي سڀ کان وڌيڪ نمبر کڻندڙ اميدوارن ماڻ ٺاهي ويندي. جڏهن ته جونيئر اسڪول ٽيچرز (جي ايس ٽي) جي خالي جاين جي ميرٽ لسٽ يونين ڪائونسل سطح تي جوڙي ويندي پر ان ۾ 10 سيڪڙو جاين جي ميرٽ تعلقي ۽ ٽائون سطح تي ٺاهي ويندي. ساڳي وقت اقليتن لاءِ مخصوص ٿيل 7 سيڪڙو ۽ معذورن لاءِ مخصوص ٿيل 2 سيڪڙو جاين تي ڀرتيءَ واري ميرٽ لسٽ پڻ تعلقي ۽ ٽائون سطح تي جوڙي ويندي. جڏهن ته پرائمري استادن جي ڀرتيءَ لاءِ ميرٽ لسٽ يونين ڪائونسل سطح تي خالي جاين جي بنياد تي جوڙي ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊائريڪٽرن ۽ ڊي اوز کي هدايتون ڏنيون ويون آهن ته اين ٽي ايس پاران جاري ڪيل نتيجي موجب جيڪي اميدوار ان ڀرتيءَ لاءِ ميرٽ تي لهن ٿا انهن کي طلب ڪري سندن تعليمي سندن ۽ ٻين ضروري دستاويزن جي تصديق ڪري ڀرتيءَ واري حتمي لسٽ جوڙي کين آفر ليٽر جاري ڪيا وڃن. ذريعن موجب جي ايس ٽي جي عهدن جي ڀرتيءَ لاءِ ميرٽ لسٽ ۽ اميدوارن جي تصديق وارو عمل 18 فيبروري، جڏهن ته پرائمري استادن جي ميرٽ لسٽ ۽ اميدوارن جي تصديق وارو عمل 25 فيبروري يا پهرين مارچ کان شروع ڪرڻ جو شيڊول جوڙيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته انهيءَ ڀرتيءَ مان 20 سيڪڙو جاين تي عورت اميدوارن کي ڀرتي ڪيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀرتيءَ لاءِ ميرٽ لسٽ جي تياريءَ جي سلسلي ۾ اميدوارن جي تعليمي سندن يا ڪنهن ٻئي معيار کي ڪوبه وزن ناهي ڏنو ويو، صرف لکت واري امتحان ۾ سڀ کان وڌيڪ مارڪون کڻندڙ اميدوارن کي پنهنجي پنهنجي علائقي جي خالي جاين جي تعداد موجب ميرٽ لسٽ جوڙي ڀرتي ڪيو ويندو. هوڏانهن ذريعن اهو پڻ ٻڌايو آهي ته اليڪشن ڪميشن پاران نئين ڀرتيءَ لاءِ اهڙي رعايت ڏيڻ جي نتيجي ۾ پوليس کاتي ۾ 6 هزار سپاهين، پبلڪ هيلٿ کاتي ۾ 208 خالي جاين ۽ اوقاف کاتي ۾ خالي اٽڪل 85 جاين جي ڀرتي نه ٿي سگهندي. ڇاڪاڻ جو انهن ڀرتين لاءِ اشتهار 31 آگسٽ 2012ع کان بعد ۾ ڏنا ويا هئا. ساڳي وقت ذريعن اهو پڻ ٻڌايو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي ڏنل رعايت سبب سنڌ حڪومت کي مڪاني ادارن، ورڪس اينڊ سروسز، خوراڪ، روينيو سميت ٻين سڀني اهڙن کاتن ۾ وڌيڪ ڀرتيون ڪرڻ جو موقعو ملي ويندو جن ڀرتين لاءِ اميدوارن کان گهڻو پهريان درخواستون گهرايون ويون هيون ۽ ڀرتين جو عمل گذريل تقريبن هڪ سال کان پهريان هلندڙ آهي.

Source: Todays kawish newspaper.
__________________
Live and Let Live!
Reply With Quote
The Following 5 Users Say Thank You to Zaheer Qadri For This Useful Post:
Ali Mallah (Saturday, February 09, 2013), Aslam lakho (Saturday, February 09, 2013), Asma Mayo (Saturday, February 09, 2013), humkhan (Saturday, February 09, 2013), inayatali (Sunday, February 10, 2013)