View Single Post
  #47  
Old Sunday, July 28, 2013
shahid kalroo shahid kalroo is offline
Member
 
Join Date: Mar 2011
Location: SINDH
Posts: 92
Thanks: 37
Thanked 16 Times in 14 Posts
shahid kalroo is on a distinguished road
Default

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان لاءِ عمر جي حد ۾ 3 سالن جي رعايت منظور

ڪراچي (رپورٽ: اختيار کوکر)سنڌ جي وڏي وزير سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي سال 2013ع واري گڏيل مقابلي واري امتحان لاءِ اميدوارن جي عمر جي مقرر آخري حد ۾ 3 سال رعايت ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ذميوار ذريعن موجب سنڌ جي وڏي وزير کان سروسز ۽ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي پاران اماڻيل اها سمري منظور ٿي واپس کاتي ۾ پهچي وئي آهي، جنهن ۾ تجويز ڪيو ويو هو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران صوبائي حڪومت جي مختلف کاتن ۾ خالي گزيٽيڊ گريڊ جي جاين جي ڀرتي جي سليڪشن لاءِ گڏيل مقابلي واري امتحان لاءِ درخواستون ڏيندڙ اميدوارن کي عمر جي حد جي گهٽ ۾ گهٽ 3 سالن جي رعايت ڏني وڃي، سمري ۾ چيو ويو ته سنڌ حڪومت سال 2013ع واري ان امتحان جي درخواست ڏيڻ لاءِ سرڪاري نوڪري نه ڪندڙ اميدوارن لاءِ عمر جي وڌ ۾ وڌ حد 28 سال ۽ سرڪاري نوڪري ڪندڙ اميدوارن لاءِ وڌ ۾ وڌ حد 35 سال مقرر ڪئي آهي، سنڌ حڪومت کي هر ٽن سالن کانپوءِ اهڙين ڀرتين لاءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي امتحان وٺي اميدوارن جي سليڪشن ڪرڻي آهي، جڏهن ته ان کان پهرين سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي گڏيل مقابلي وارو امتحان وٺڻ لاءِ سال 2008ع ۾ اميدوارن کان درخواستون گهرايون ويون هيون، جيڪو امتحان سال 2009ع ۾ ٿيو، شيڊيول موجب سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو نئون گڏيل مقابلي وارو امتحال سال 2011ع ۾ ٿيڻ گهربو هو، پر اهو هاڻي ٿي رهيو آهي، ان ڪري انهيءَ عرصي دوران صوبي جي ڪيترن ئي نوجوانن جي عمر وڌي وڃڻ سبب کين ڪميشن جي نئين امتحان ۾ ويهڻ جو موقعو نه پيو ملي، ان بنياد تي سمري ۾ تجويز ڪيو ويو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي سال 2013ع واري گڏيل مقابلي واري امتحان ۾ ويهڻ جي درخواست ڏيڻ لاءِ سرڪاري نوڪري ڪندڙ اميدوارن جي عمر جي آخري حد 28 سالن مان 3 سال وڌائي 31 سال ڪرڻ ۽ سرڪاري نوڪري ڪندڙ اميدوارن جي عمر جي حد 35 سالن مان وڌائي 38 سال ڪئي وڃي.
Reply With Quote
The Following User Says Thank You to shahid kalroo For This Useful Post:
Copy Culture (Wednesday, July 31, 2013)