View Single Post
  #96  
Old Sunday, July 28, 2013
Raz's Avatar
Raz Raz is offline
Senior Member
Qualifier: Awarded to those Members who cleared css written examination - Issue reason: CE 2009 - Roll no. 2638Medal of Appreciation: Awarded to appreciate member's contribution on forum. (Academic and professional achievements do not make you eligible for this medal) - Issue reason: Elite CSP Medal: Members who previously received (CSP Award  and Member of the Year Award ) OR (CSP award + Gold Medal + Medal of Appreciation) are eligible for this award. - Issue reason: Member of the Year: Awarded to those community members who have made invaluable contributions to the Community in the particular year - Issue reason: Diligent Service Medal: Awarded upon completion of 5 years of dedicated services and contribution to the community. - Issue reason:
 
Join Date: Sep 2007
Location: In the hearts of friends and heads of foes.
Posts: 1,858
Thanks: 2,166
Thanked 3,870 Times in 1,441 Posts
Raz has a brilliant futureRaz has a brilliant futureRaz has a brilliant futureRaz has a brilliant futureRaz has a brilliant futureRaz has a brilliant futureRaz has a brilliant futureRaz has a brilliant futureRaz has a brilliant futureRaz has a brilliant futureRaz has a brilliant future
Default

http://www.thekawish.com/www3/home_page/News-24.html

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي 2003ع واري امتحان ۾ 54 من پسند اميدوارن کي هٿرادو مارڪون ڏئي پاس ڪرڻ جو انڪشاف

ڪراچي(رپورٽ رشيد ميمڻ)سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي 2003ع واري چٽا ڀيٽي جي امتحان ۾ ٿيل فراڊ تان پردو کڄي ويو، امتحان ۾ پاس ٿيل 54 اميدوارن جون مارڪون گهٽائي کين فيل ڪيو ويو، ڪامورن جي ٻارن ۽ من پسند فيل ٿيل 54 اميدوارن جون جوابي ڪاپيون تبديل ڪري مارڪون وڌائي کين ڪامياب قرار ڏنو ويو، جعلسازي ذريعي ڪامياب ڪيل اميدوار هن وقت اسسٽنٽ ڪمشنرن، ڊپٽي سيڪريٽرين، سيڪشن آفيسرن جي عهدن تي مقرر ٿيل آهن، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي جاچ ٽيم ۽ اينٽي ڪرپشن جي رپورٽ ڪاوش کي حاصل ٿي وئي آهي. تفصيل موجب سنڌ جي سڀ کان وڏي امتحان ۾ تاريخ جو سڀ کان وڏو فراڊ سامهون آيو آهي، جنهن ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ان وقت جي چيئرمين محمد حسن ڀٽو ۽ ان وقت جي امتحانن جي ڪنٽرولر عمر زنئور ۽ ٻين عملدارن جي ملي ڀڳت سان مختلف ڪامورن جي اولادن ۽ من پسند اهڙن اميدوارن کي ڪامياب قرار ڏئي سيٽون به الاٽ ڪيون ويون، جن پاسنگ مارڪون به نه کنيون هيون ۽ اهي پيپرن ۾ فيل ٿيا هئا، جڏهن ته انهن من پسند اميدوارن کي پاس ڪرائڻ ۽ اعليٰ نوڪريون ڏيارڻ خاطر چٽا ڀيٽي جي امتحان جي لکت واري ٽيسٽ ۾ پاسنگ مارڪون 50 سيڪڙو ۽ ان کان وڌيڪ مارڪون کڻندڙ حقي اميدوارن جون مارڪون جوابي ڪاپي (آنسر شيٽ) ۽ مارڪ شيٽ ۾ تبديلي ڪري گهٽائي کين ناپاس ڪيو ويو هو، اهڙي فراڊ جي متاثر ٿيل هڪ پاس ٿيل اميدوار سليم شيخ اهڙي فراڊ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي هئي، ان کان پوءِ معاملي جي جاچ لاءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي 3 ميمبرن ابرار حسين مرزا، شاهه منصور عالم ۽ نواز علي لغاري تي مشتمل هڪ جاچ ڪاميٽي ٺاهي وئي هئي، جنهن جو چيئرمين شاهه منصور عالم کي بڻايو ويو هو، جنهن ڪاميٽي جاچ مڪمل ڪري رپورٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، اينٽي ڪرپشن کاتي پاران به معاملي جي الڳ انڪوائري ڪرائي وئي آهي، جاچ ڪاميٽي ۽ اينٽي ڪرپشن جون جاچ رپورٽون ڪاوش اخبار کي ملي ويون آهن، جاچ ڪاميٽي رپورٽ ۾ ان 2003ع واري چٽا ڀيٽي واري امتحان ۾ ٿيل وڏي فراڊ بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا آهن، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪاميٽي امتحان ۾ پاس ٿيل اميدوارن مان 77 اميدوارن جون جوابي ڪاپيون ۽ مارڪ شيٽون چيڪ ڪيون ويون جن مان ٻن اميدوارن ايحان ڀٽو رول نمبر 259 ميرٽ نمبر 4 ۽ ڊاڪٽر نثار احمد لغاري رول نمبر 3664 ميرٽ نمبر 71 جون جوابي ڪاپيون (آنسرشيٽون) گم آهن، اهي فراهم نه ڪيون ويون ۽ اهي ڪاپيون سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن وٽ به نه آهن، اهي هٿ سان گم ڪيون ويون آهن، جڏهن ته باقي 75 اميدوارن جون به جوابي ڪاپيون ۽ مارڪ شيٽون چيڪ ڪيون ويون، جنهن مان پتو پيو ته 54 من پسند اميدوارن مان ڪيترن اميدوارن جون مارڪون 50 سيڪڙو کان به گهٽ هيون ۽ اهي فيل هئا پر پوءِ مارڪ شيٽن تي هٿ سان انهن جون مارڪون وڌائي کين پاس ڪيو ويو، ڪيترن اميدوارن جون جوابي ڪاپيون تبديل ڪري ٻيون جعلي ڪاپيون لکي لڳايون ويون، جڏهن ته ڪجهه جوابي ڪاپين تي ايگزامنرن جون ٿيل صحيحون مختلف هيون، سنڌي ادب، فاريسٽري، سوشيالاجي، ڪرمنالاجي، سول لا (قانون) اسلامڪ هسٽري، انڊين هسٽري ۽ فزيالاجي جي پيپرن ۾ اميدوارن جن سوالن جا جواب نه ڏنا انهن جون به مارڪون کين ڏنيون ويون، اهڙي طرح ڪل پاس ٿيل 77 اميدوارن مان 54 فيل ٿيل اميدوارن کي سندن مارڪ شيٽن ۾ تبديلي ذريعي مارڪون وڌائي جوابي ڪاپيون تبديل ڪري ڪامياب قرار ڏئي سيٽون به الاٽ ڪيون ويون، جڏهن ته پاس ٿيل اهڙن 54 اميدوارن جون مارڪون گهٽائي فراڊ ذريعي فيل ڪيو ويو آهي. جاچ ڪاميٽي رپورٽ موجب جن ناپاس اميدوارن کي جعلسازي ذريعي پاس ڄاڻايو ويو آهي انهن ۾ جاويد رول نمبر (2658)، عاشق حسين چانڊيو رول نمبر (216)، مولا بخش شيخ رول نمبر (595)، سڪندر بلوچ رول نمبر (1073)، سعيد احمد شيخ رول نمبر (947)، مس ڪرن شيخ رول نمبر (1246)، محمد افضل چنا رول نمبر (601)، عمران رول نمبر (444) مختيار احمد ملاح رول نمبر (758)، علي انور رُڪ رول نمبر (1218)، اياز احمد صديقي رول نمبر (254) شامل آهن، جن جون ڪاپيون ۽ مارڪ شيٽون ميمبرن ابرار حسين مرزا چيڪ ڪيون، ان کان علاوه فواد غفار سومرو رول نمبر (344)، محمد ڪامران خان رول نمبر (681)، قمر الله رول نمبر (4323)، نوشين عثمان رول نمبر (3133)، سيد رضوان علي رول نمبر (3193)، زبير احمد چنا رول نمبر (1196)، فاروق اعظم ابڙو رول نمبر (4206)، صنم عامر رول نمبر (983)، ماهما ڊي سليم رول نمبر (721)، صفيه ناز منگي رول نمبر (4555)، عبدالقادر عباسي رول نمبر (60)، سيد احمد فواد (رول نمبر 2139)، ٿيٻو محمد جمن رول نمبر (2910)، غلام سرور اُتيرو رول نمبر (2492) علي گل سنجراڻي رول نمبر (2185) مڱريو محمد يعقوب رول نمبر (746) جهانزيب عباس رول نمبر (4303) شاهه ميمونا رول نمبر (3665) عامر ضياءَ اسراڻ رول نمبر (179) شعيب احمد کيڙو رول نمبر (1063) صابر علي ابڙو رول نمبر (931) به اهي اميدوار آهن جن جي امتحاني پيپرن ۽ مارڪ شيٽن ۾ جعلسازي ذريعي تبديليون ڪري کين ناپاس هئڻ باوجود پاس ڪيو ويو، ڪميشن جي امتحان وارن جوابي ٽيسٽن ۾ هيرا ڦيري ٿيل اميدوارن ۾ عبدالصمد رول نمبر (4052) ارشاد کوکر رول نمبر (2618) عبدالوهاب ساريو رول نمبر (79) سيف الله ابڙو رول نمبر (3231) محمد نواز سوهو رول نمبر (2946) رياض احمد ڏهر رول نمبر (915) شاهه احسان الله رول نمبر ( 423) ابراهيم رول نمبر (418) ڪامران احمد کيڙو رول نمبر ( 2673) فياض احمد جتوئي رول نمبر ( 4208) عمران ڀٽي رول نمبر (436) محمد خرم منگي رول نمبر (684) شبير احمد سيٺر رول نمبر ( 4587) عبدالشڪور نوناري رول نمبر (4059) محمد توفيق رول نمبر (738) راجا مصطفيٰ علي رول نمبر (891) مختيار احمد شر رول نمبر (757) فياض حسين عباسي رول نمبر (332) جمشيد عالم رول نمبر (479) ۽ غلام مرتضيٰ ميمڻ رول نمبر (2464) شامل آهن، جاچ ڪاميٽي رپورٽ ۾ ان سڄي فراڊ جو مک ڪردار سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ان وقت جي امتحانن واري ڪنٽرولر عمر زنئور ۽ چيئرمين محمد حسن ڀٽو کي قرار ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته اهڙي فراڊ سان اداري جي ساک تمام خراب ٿي آهي ۽ اهو فراڊ شرم جهڙي ڳالهه آهي، ڪنٽرولر عمر زنئور سليڪٽيڊ اميدوارن جون جوابي ڪاپيون پاڻ ۽ ٻئي اسٽاف کان چيڪ ڪرايون، ڪاميٽي سفارش ڪئي آهي ته چٽا ڀيٽي واري امتحان ۾ شريڪ ٿيل سمورن 2555 اميدوارن جون جوابي ڪاپيون ۽ مارڪ شيٽون ٻيهر چيڪ ڪيون وڃن ۽ جعلسازي ۽ مارڪن ۾ هير ڦير ذريعي ڪامياب ٿيل ۽ سيٽون الاٽ ڪيل اميدوارن کي ناپاس ۽ نا اهل قرار ڏئي سندن نوڪريون ختم ڪيون وڃن ۽ حقي اميدوارن کي سيٽن جي ايلوڪيشن ڪئي وڃي، انهن کي نوڪريون ڏنيون وڃن، جڏهن ته ايڏو وڏو ڏوهه ڪندڙ عمر زنئور ۽ ٻين عملدارن خلاف نوڪري کان برطرفي واري قانون تحت ڪارروائي ڪري کين برطرف ڪيو وڃي، ٻئي طرف اينٽي ڪرپشن جي جاچ رپورٽ ۾ اهڙي فراڊ جي تصديق ڪندي چيو ويو آهي ته 54 من پسند اميدوارن کي جعلسازي ۽ فراڊ ذريعي پاس ڪيو ويو ۽ پاس ٿيل اميدوارن جون مارڪون گهٽائي کين فيل ڪيو ويو، جاچ رپورٽ ۾ اهڙي فراڊ ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ان وقت جي چيئرمين محمد حسن ڀٽو، امتحانن واري ڪنٽرولر محمد عمر زنئور، آفيس اسسٽنٽ فاروق نور خان، ايڊيشنل ڪنٽرولر اعجاز حسين جعفري کي قرار ڏنو ويو آهي، اينٽي ڪرپشن ڪاميٽي جاچ رپورٽ ۾ سفارش ڪئي آهي ته فراڊ ۾ ملوث آفيسرن خلاف سيڪشن 420، 465، 468، اي 471، 34 پي پي سي (لا ڊبليو) سيڪشن 5(2) اينٽي ڪرپشن ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو وڃي، جڏهن ته ان وقت جي سليڪشن ڪاميٽي جي چيئرمين اي بي سومرو، ميمبرن عبدالغفار جوڻيجو، ۽ ايڊمرل (ر) سيد باقر خلاف به ڪارروائي ڪري سندن نالا چالان جي ڪالم نمبر 2 ۾ ڳاڙهي مس سان وڌا وڃن، مليل ڄاڻ موجب اهڙي ڪارروائي مان مراد آهي ته انهن آفيسرن کي به جاچ جي دائري ۾ رکيو ويندو ۽ ضرورت پوڻ تي کين بيان يا پڇا ڳاڇا لاءِ طلب به ڪري سگهبو. مليل ڄاڻ موجب جعلسازي ذريعي امتحان پاس ڪندڙ اميدوار هن وقت ڊي ڊي اوز، ايس اوز ۽ ڊپٽي سيڪريٽرين جي پوسٽن تي مقرر آهن ۽ انهن مان اڪثر اميدوارن جو تعلق اڳوڻن ڪامورن سان آهي.

رپورٽ ۾ 54 اميدوار جعلسازي سان پاس ڪرڻ ثابت ٿيو آهي: جاچ ڪاميٽي

ڪراچي: جاچ ڪاميٽي جي ميمبر ابرار حسين مرزا رپورٽ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته اها رپورٽ وڏي محنت سان تيار ڪئي آهي، جنهن ۾ ثابت ٿيو ته 54 من پسند اميدوارن کي جعلسازي ذريعي مارڪون وڌائي ۽ جوابي ڪاپيون تبديل ڪري پاس ڪيو ويو، جڏهن ته حقيقي اميدوارن جون مارڪون گهٽائي کين فيل ڪيو ويو، هن چيو ته اهڙي جعلسازي ۾ ان وقت جو چيئرمين حسن ڀٽو، ڪنٽرولر عمر زئور جو مک ڪردار آهي، اسان تي حسن ڀٽو جي پٽ ۽ حسن شاهه بخاري جي ڌيءَ ميمونا شاهه سميت مختلف اميدوارن کي بچائڻ لاءِ وڏو دٻاءُ وڌو ويو پر ان باوجود اسان جاچ جاري رکي ۽ هاڻ رپورٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، اينٽي ڪرپشن پڻ الڳ سان جاچ ڪري ملوث عملدارن خلاف ڪارروائي جي سفارش ڪئي آهي، پر چيف سيڪريٽري جي سربراهي ۾ قائم اينٽي ڪرپشن جي ڪاميٽي نمبر ون جو اجلاس نٿو گهرايو وڃي، جنهن جي ڪري انهن عملدارن خلاف ڪارروائي نه ٿي سگهي آهي، هن چيو ته جعلسازي ذريعي ڪميشن جي ساک کي خراب ڪيو ويو ۽ ميرٽ جو قتل عام ڪيو ويو، هن چيو ته جعلسازي هيٺ آيل اميدوارن کي ان وقت جي چيف سيڪريٽري معطل ڪيو هو، ۽ جامع جاچ جو حڪم ڏنو هو پر بعد ۾ هو ٻيهر بحال ٿي ويا.

هيرا ڦيري سان پاس ڪيل اميدوارن جي جوابي ڪاپين تي ڪوڙيون صحيحون ٿيل

ڪراچي: چٽا ڀيٽي واري امتحان جي نتيجن ۾ هير ڦير ذريعي پاس ٿيل ڪي اميدوار اهڙا به آهن جيڪي ڪمپلسري سبجيڪٽن ۾ به فيل هئا، پر پوءِ به انهن کي پاس قرار ڏئي اهم عهدن تي مقرر ڪيو ويو آهي، جاچ ڪاميٽي رپورٽ ۾ جعلسازي ذريعي ڪاميابي ٿيل اميدوارن مان جاويد بابت ڄاڻايو آهي ته سندس جنرل ناليج جي پيپر ۽ ٻين پيپرن ۾ هينڊ رائٽنگ الڳ الڳ آهي، عاشق حسين چانڊيو جي اسلامڪ هسٽري واري پيپر ۾ جعلسازي ڪئي وئي، سندس جوابي شيٽ تي ٿيل ايگزامنر جي صحيح ڪوڙي آهي، مولا بخش شيخ جي جنرل ناليج جي پيپر ۾ سندس مارڪون 20 مان وڌائي 98 ڪيون ويون، جڏهن ته سندس سنڌي واري پيپر جي چڪاس ڪندڙ ايگزامنر ٻيو آهي، سڪندر بلوچ جي اسلامڪ هسٽري، اردو ۽ پوليٽڪل سائنس جي پرچن تي ٿيل ايگزامنر جون صحيحون ٻين اميدوارن جي پيپرن تي ٿيل صحيحن کان مختلف آهن، جڏهن ته هينڊ رائيٽنگ پڻ مختلف آهي، سعيد احمد شيخ جي سنڌي واري پيپر تي ايگزامنر جي صحيح نه آهي ۽ اها ڪوڙي صحيح ٿيل آهي، سندس جنرل ناليج واري پيپر ۾ غلط مارڪون لکيل آهن، جڏهن ته سنڌي لٽريچر جي پيپر ۾ سندس مارڪون تبديل ڪيون ويون ۽ اهي 48 مان وڌائي 86 ڪيون ويون، جڏهن ته ڪرن شيخ جي انڊين هسٽري پيپر تي ايگزامنر جي صحيح نه آهي، جڏهن ته کيس مارڪون 111 ڏنيون ويون آهن، جيڪو جعلي مارڪن جو ثبوت آهي، محمد افضل چنا جنرل ناليج جي پيپر ۾ 33 مارڪن سان فيل هو پر کيس پاس ڏيکاريو ويو، سندس پيپر تي ايگزامنر جي صحيح به جعلي آهي، آءِ آر جي پيپر ۾ به سندس مارڪون 10 مان وڌائي 92 ڪيون ويون ۽ ان تي ايگزامنر جي صحيح به جعلي آهي، عمران جي سنڌي جنرل پيپر ۾ هير ڦير ڪئي وئي، سندس سنڌي ادب واري پيپر ۾ مارڪون 85 مان وڌائي 111 ڪيون ويون، مختيار احمد ملاح جي جنرل ناليج جي پيپر ۾ مارڪون 86 مان وڌائي 144 ڪيون ويون، جنهن حساب سان سندس 58 مارڪون وڌايون ويون، جڏهن ته سندس اسلاميات جي پرچي ۾ ايگزامنر جي جعلي صحيح ٿيل آهي، اهڙي طرح سندس سنڌي ادب واري پيپر ۾ 55 مارڪون وڌايون ويون، علي انور رُڪ انگريزي جنرل جي پيپر ۾ 12 مارڪن سان فيل ٿيو، پر سندس مارڪون وڌائي 41 ڪري پاس ڪيو ويو، سندس جنرل ناليج جي پيپر ۾ به 30 مارڪون وڌايون ويون، سنڌي لٽريچر جي پيپر ۾ 30 مارڪون، اسلامڪ هسٽري جي پيپر ۾ 27 مارڪون وڌايون ويون، اميدوار مٿين پيپر ۾ ڪل 107 مارڪون کنيون پر ان باوجود کيس امتحان پاس ڪندڙ اميدوارن ۾ شامل ڪيو ويو، اياز احمد صديقي جي جنرل ناليج جي پيپر ۾ ايگزامنر جي ٿيل صحيح جعلي آهي، جيڪا ٻين اميدوارن جي ساڳي پيپر تي ٿيل ايگزامنر جي صحيح سان ميچ نٿي ڪري، اهڙي طرح فواد غفار سومري جي انگلش جنرل جي پيپر تي ايگزامنر جي صحيح مختلف آهي، جنرل ناليج جي پيپر ۾ به مختلف صحيح آهي، محمد ڪامران خان جي انگلش مضمون واري جوابي ڪاپي جي فيس شيٽ تي ايگزامنر جي صحيح ٿيل نه آهي، جنهن جو مطلب سندس ڪاپي چيڪ نه ڪئي وئي آهي، جڏهن ته هن اردو پيپر جو سوال نمبر 5 نه ڪيو پر ان باوجود کيس ان سوال ۾ کيس مارڪون ڏنيون ويون، اميدوار قمر الله جي سنڌي مضمون واري پيپر جي جوابي ڪاپي تي ايگزامنر جي صحيح ٿيل نه آهي، جڏهن ته هن سنڌي جنرل جي پرچي ۾ 3 مارڪون حاصل ڪيون پر فيس شيٽ تي اهي مارڪون وڌائي 10 ڪيون ويون، سندس سوشالاجي واري پيپر تي ڊاهه ڊوهه ٿيل آهي، ايگزامنر جي صحيح به مختلف آهي، سندس آءِ آر جي پرچي واري ڪاپي گم آهي پر ان باوجود رزلٽ شيٽ ۾ کيس 94 مارڪون ڏنيون ويون، نوشين عثمان جي اسلامڪ هسٽري واري پرچي جي جوابي ڪاپي تي ايگزامنر جي صحيح مختلف آهي، سيد رضوان علي جي انگلشن جنرل ۽ اسلامڪ هسٽري وارن پرچن جي جوابي ڪاپين تي ايگزامنر جون ڪيل صحيحون مختلف آهن، جنهن جو مطلب اهي جعلي آهن، زبير احمد چنا جي انگريزي مضمون، انگريزي جنرل، جنرل ناليج، سنڌي ادب وارن پرچن جي جواب ڪاپين تي لاڳاپيل ايگزامنرن جون صحيحون نه آهن، جڏهن ته پبلڪ ايڊمنسٽريشن واري پرچي جي جوابي ڪاپي تي ڊاهه ڊوهه ٿيل آهي، فاروق اعظم ابڙو جي سنڌي جنرل، سنڌي ادب ۽ اسلامڪ هسٽري وارن پيپرن جي جوابي ڪاپين تي لاڳاپيل ايگزامنرن جون صحيحون نه آهن ۽ ڊاهه ڊوهه ٿيل آهي، صنم عامر جي اڪنامڪس واري پيپر جي جوابي ڪاپي تي مارڪن جي ڳڻپ غلط ٿيل آهي، ماهما ڊي سليم جي انگريزي مضمون واري پيپر جي جوابي ڪاپي تي ايگزامنر جي صحيح نه آهي، جڏهن ته جنرل ناليج واري ڪاپي تي ايگزامنر جي مختلف صحيح آهي، ۽ سنڌي ادب واري پرچي ۾ سندس مارڪون 88 مان وڌائي 120 ڪيون ويون، جڏهن ته سوشالاجي واري پرچي تي ايگزامنر جي صحيح شڪي آهي، سندس پبلڪ ايڊمنسٽريشن واري جوابي ڪاپي گم آهي پر رزلٽ شيٽ ۾ کيس 94 مارڪون ڏنيون ويون آهن، صفيه ناز منگي جي سنڌي مضمون واري جوابي ڪاپي گم آهي پر رزلٽ شيٽ ۾ کيس 25 مارڪون ڏنيون ويون آهن، جڏهن ته جنرل ناليج، سنڌي ادب ۽ انڊين هسٽري وارن ڪاپين تي ايگزامنر جون صحيحون مختلف آهن، جڏهن ته سندس اسلامڪ هسٽري واري پيپر جي جوابي ڪاپي تي ڊاهه ڊوهه ٿيل آهي، عبدالقادر عباسي جي انگريزي مضمون، جنرل ناليج ۽ سنڌي ادب وارين ڪاپين تي لاڳاپيل ايگزامنر جون صحيحون نه آهن، سيد احمد فواد جي جنرل سنڌي واري ڪاپي تي ايگزامنر جي صحيح مختلف آهي، ٿيٻو محمد جمن جي سنڌي ادب واري ڪاپي تي مارڪون تبديل ڪيون ويون آهن جڏهن ته سندس آءِ آر واري ڪاپي گم آهي، پر کيس 81 مارڪون ڏنيون ويون آهن، غلام سرور اتيرو کي هڪ پيپر ۾ مارڪون 81 مان وڌائي 120 ڪيون ويون، علي گل سنجراڻي جي سنڌي ادب واري ڪاپي تي ايگزامنر جي صحيح نه آهي، جڏهن ته اسلامڪ هسٽري واري پرچي ۾ سندس مارڪون 101 مان وڌائي 104 ڪيون ويون، مڱريو محمد يعقوب جي انگريزي مضمون واري ڪاپي تي ايگزامنر جي صحيح نه آهي، جڏهن ته سندس جنرل ناليج، اسلاميات وارين ڪاپين تي ايگزامنر جون مختلف صحيحون آهن ۽ سنڌي ادب واري پيپر ۾ سندس مارڪون 92 مان وڌائي 130 ڪيون ويون، سندس جوابي ڪاپين تي وڏي ڊاهه ڊوهه ٿيل آهي، جهانزيب عباس جي انگلش جنرل واري ڪاپي تي ايگزامنر جي صحيح نه آهي، شاهه ميمونا سنڌي مضمون واري پيپر ۾ 12 مارڪون کنيون پر اهي جعلسازي ذريعي وڌائي 20 ڪيون ويون، اهڙي طرح جنرل سنڌي جي پيپر ۾ سندس مارڪون 21 مان وڌائي 61 ڪيون ويون ۽ جنرل ناليج جي پيپر ۾ 47 مان وڌائي 79 مارڪون ڪيون ويون، اهڙي طرح سنڌي ادب واري پيپر ۾ هن 50 مارڪون کنيون پر مارڪشيٽ ۾ اهي مارڪون وڌائي 95 ڪيون ويون، عامر ضياءَ اسراڻ جون انگلش جنرل پيپر ۾ مارڪون 17 مان وڌائي 47 ڪيون ، سنڌي مضمون واري پيپر ۾ 15 مان وڌائي 18 مارڪون ڪيون ويون، سنڌي جنرل واري پيپر ۾ مارڪون 30 وڌائي 50 ڪيون ويون، جنرل ناليج واري پيپر ۾ مارڪون 43 مان وڌائي 93 ڪيون ويون ۽ سنڌي ادب واري پيپر ۾ سندس مارڪون 16 مان وڌائي 96 ڪيون ويون، اهڙي طرح اميدوار شعيب احمد کيڙو انگريزي مضمون واري پيپر ۾ 12 مارڪون کنيون پر مارڪشيٽ ۾ تبديلي ڪري اهي مارڪون 18 ڪيون ويون، انگلش جنرل جي پيپر ۾ سندس مارڪون 17 مان وڌائي 37 ڪيون ويون، سنڌي ادب جي پيپر ۾ مارڪون 72 مان 85 ڪيون ويون، اسلامڪ هسٽري جي پيپر ۾ مارڪون 35 مان وڌائي 85 ڪيون ويون، ۽ انڊين هسٽري جي پيپر ۾ مارڪون 40 مان وڌائي 120 ڪيون ويون، صابر علي ابڙو جي انگلش ادب واري پيپر ۾ مارڪن ۾ هير ڦير ڪئي وئي، سندس اسلاميات واري پيپر تي ايگزامنر جي مختلف صحيح آهي ۽ اسلامڪ هسٽري واري پيپر جي جوابي ڪاپي تي ايگزامنر جي صحيح نه ٿيل آهي.جاچ ڪميٽي موجب اميدوار عبدالصمد جي اسلاميات واري پيپر جي فيس شيٽ ايگزامنر جي جعلي صحيح واري آهي مطلب ته سندس فيس شيٽ تبديل ڪئي وئي آهي ارشاد کوکر جي انگريزي مضمون واري پيپر جي فيس شيٽ تي به صحيح مختلف آهي، عبدالوهاب ساريو جي انگريزي مضمون ۽ جاگرافيائي وارن پيپرن جي جوابي ڪاپين جي فيس شيٽن تي ايگزامنرن جون صحيحون ڪوڙيون آهن، سيف الله ابڙو جي سنڌي مضمون واري ڪاپي جي فيس شيٽ تي ايگزامنر جي صحيح مختلف آهي، مارڪن ۾ به تبديلي ڪئي وئي آهي. محمد نواز سوهو جي ايوري ڊي سائنس ۽ سنڌي ادب وارن پيپرن ۾ مارڪون وڌايون ويون ته جيئن هو ڊي ڊي او روينيو سليڪٽ ٿي سگهي، رياض احمد ڏهر جي سنڌي ادب واري پيپر ۾ مارڪون وڌايون ويون، شاهه احسان الله جي جنرل ناليج ۽ ايوري ڊي سائنس وارن پرچن جي فيس شيٽن تي لاڳاپيل ايگزامنرن جون صحيحون ٿيل نه آهن جڏهن ته سنڌي ادب واري پيپر ۾ سندس مارڪون 88 مان وڌائي 139 ڪيون ويون، ابراهيم جي جنرل سنڌي واري پيپر جي فيس شيٽ تي ايگزامنر جي شڪي صحيح آهي، جڏهن ته هو ڪمپلسري سبجيڪٽ انگلش جنرل ۾ فيل ٿيو، پر جعلسازي ذريعي مارڪشيٽ ۾ سندس مارڪون وڌائي 38 ڪيون ويون، سنڌي ادب واري پيپر ۾ به مارڪون 87 مان وڌائي 128 ڪيون ويون، ڪامران کيڙو به ڪمپلسري سبجيڪٽ انگلش مضمون ۾ فيل ٿيو، پر سندس مارڪون وڌائي کيس ڪامياب قرار ڏنو ويو، سندس سنڌي ادب واري پيپر ۾ به هو فيل هو پر مارڪون وڌائي کيس ڪامياب قرار ڏنو ويو، فياض جتوئي جي سنڌي مضمون جي ڪاپي تي اکرن ۾ مارڪون لکيل نه آهن، ابراهيم ڀٽي جي انگلش جنرل واري پيپر ۾ مارڪون 44 مان وڌائي 54 ڪيون ويون، ۽ اسلامڪ هسٽري واري پيپر جي فيس شيٽ تي مارڪون 102 مان وڌائي 124 لکيون ويون، محمد خرم منگي جي انگريزي مضمون واري پرچي تي ايگزامنر جي صحيح ٿيل نه آهي، شبير احمد سيٺر جي پيپر تي مارڪن مٿان ٻيون مارڪون لکيل آهن، عبدالشڪور نوناري جي سنڌي مضمون واري ڪاپي جي فيس شيٽ تي مارڪون نه لکيل آهن، محمد توفيق جي انگريزي مضمون واري ڪاپي تي ايگزامنر جي صحيح نه ٿيل آهي، راجا مصطفيٰ علي جو رول نمبر 891 هڪ ٻئي اميدوار نويد عباس رول نمبر 816 جي رزلٽ شيٽ جي مٿان لکيو ويو آهي ۽ نويد جي رزلٽ شيٽون گم آهن، مختيار احمد شر جي سنڌي ادب واري پرچي ۾ مارڪون وڌايون ويون ۽ سندس انگريزي مضمون واري پرچي تي ايگزامنر جي صحيح ٿيل نه آهي، فياض عباسي جي سنڌي مضمون واري پرچي ۾ مارڪون 50 مان 49 ڏنيون ويون، جيڪا حيرت جهڙي ڳالهه آهي، جڏهن ته سندس اسلامڪ هسٽري پيپر 2 جي فيس شيٽ تي ايگزامنر جي صحيح ٿيل نه آهي، جمشيد عالم جي جنرل ناليج ۽ ايوري ڊي سائنس واري ڪاپين تي ايگزامنرن جون صحيحون مختلف آهن، اهڙي طرح غلام مرتضيٰ ميمڻ جي سنڌي مضمون ۽ سنڌي ادب وارين ڪاپين جي فيس شيٽ تي ايگزامنرن جون صحيحون نه ٿيل آهن.

وڏي وزير پاران 2003ع جي امتحان جو رڪارڊ ڪيس جو فيصلو اچڻ تائين سيل ڪري رکڻ جي هدايت

ڪراچي: وڏي وزير سيد قائم علي شاهه 2003ع واري چٽا ڀيٽي واري امتحان جو سمورو رڪارڊ ڪيس جو فيصلو ٿيڻ تائين سيل ڪري رکڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ اها هدايت پڻ ڪئي آهي ته اهڙو رڪارڊ محفوظ ڪرڻ لاءِ هڪ اسپيشل سيل قائم ڪيو وڃي.

The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
__________________
"Tumhary nafs ki qeemat Janat hay isy Janat say kam qeemat pey na bechna."
"Jiyo to istarh ky log tum sy milny ko tarsy; maro to istrah k log tumharee mot par royain"
Reply With Quote
The Following 3 Users Say Thank You to Raz For This Useful Post:
inayat talpur (Monday, July 29, 2013), jaris ojeran (Sunday, July 28, 2013), Zaheer Qadri (Sunday, July 28, 2013)