View Single Post
  #2  
Old Monday, November 17, 2014
Altafogahi Altafogahi is offline
Junior Member
 
Join Date: Jul 2014
Location: in the waves of sindhu
Posts: 6
Thanks: 4
Thanked 7 Times in 4 Posts
Altafogahi is on a distinguished road
Default

لوڪ ادب جي وصف. اهميت ۽ تاريخ:

وڪي پيڊيا موجب لوڪ ادب (folklore)جي وضاحت هن طرح آهي:

” لوڪ ادب تاريخي قصن، راڳ رنگ، زباني تاريخ، پهاڪن، ڀوڳ چرچن، عام عقيدن، پرين جي ڪهاڻين، عام داستانن، ڊگهين ڪهاڻين ۽ انهن ريتن رسمن تي مشتمل آهي، جي نسل درنسل اظهارجيثقافت جو حصو بڻجي چڪيون آهن….. فوڪ لور لفظ سڀ کان پهرين پراڻن ڪتابن جي شوقين هڪ انگريز وليم ٿامس 1846 ع ۾ لکيل پنهنجي خط ۾ استعمال ڪيو.“

لوڪ ادب پنهنجي جوهر ۾ هڪ وسيع معنى ۽ مفهوم رکي ٿو، پر پوءِ به ڪجهه محققن ان جي وضاحت ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي، هڪ ٻي عام وصف اها پڻ ملي ٿي ته:

” Folklore is the stories, saying, customs, beliefs, songs or tradition of people, handed to individual by individual orally or written.“

ڊاڪٽر غلام علي الانا موجب،” لوڪ ادب مان مراد آهي عام ماڻهن جو ادب، يعني اهو ادب جيڪوجڙتو ڪاريگرين ۽ سينگار کان پاڪ هجي.“

انسائيڪلوپيڊيا آف امريڪانا ۾ اها وصف هن طرح آهي.” هي اهو علم اهي جو عام ماڻهن جي قديم مانتائن، ريتن، رسمن، ڀرمن، وهمن، قديم روايتن ۽ اعتقادن تي مشتمل هوندو آهي.“

هن قسم جي ادب کي ”دهقاني ادب“ ڳوٺاڻن ماڻهن جو ادب يا اهو ادب جيڪو ماڻهن وٽان ماڻهن کي زباني يا لکت جي صورت ۾ ملي. ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته لوڪ ادب اهو علم و ادب آهي جيڪو ڪتابن مان نه پر عام ماڻهن وٽان ملي.

هونئن ته لوڪ ادب جون ڪيتريون ئي خوبيون آهن، جن جي اهميت کان اکيون پوري به انڪار ڪري نٿو سگهجي، پر انهن مان ڪجهه هتي بيان ڪجن ٿيون.
هن ادب جو اسان جي سماجي زندگي سان گهرو تعلق هوندو آهي، هر قوم جي نجي ۽ اصل تاريخ، شعر ۽ لغت جو ڀنڊار هوندو آهي، ”لوڪ ادب هر قوم جي بقا جي تاريخ هوندو آهي.“
لغت ٺاهڻ، معنى ڳولڻ، لفظن جون قديم صورتون ڳولڻ جو واحد ذريعو لوڪ ادب ئي آهي. ڳجهارت وسيلي واقعن، قصن، ڪهاڻين، داستانن، پوکن، پکين، جانورن، ڪپڙن، ماڳن، نالن، شهرن، هٿيارن، ڪکن ۽ ڪانن بابت هزارين لفظ زندهه رهجي وڃن ٿا. ڊاڪٽر سنديلي ان کي لغت جي اڻکٽ کاڻ ڪري سڏيو آهي.
لوڪ ادب اسان جي ادبي خزاني ۽ ثقافت جو محافظ پڻ آهي. اسان جي سماجي حيثيت کي برقرار رکيو آهي. تاريخي واقعن کان خبردار رکيو آهي
__________________
Success is simply a matter of luck. Ask any failure Earl Wilson
Reply With Quote
The Following User Says Thank You to Altafogahi For This Useful Post:
Aqazaansari (Tuesday, September 01, 2015)