View Single Post
  #22  
Old Thursday, April 16, 2015
khan_younis khan_younis is offline
Junior Member
 
Join Date: Feb 2009
Location: rawalpindi
Posts: 16
Thanks: 6
Thanked 2 Times in 1 Post
khan_younis is on a distinguished road
Default

هاڻي سنڌ ۾ ڪا به سي ايس ايس، پي سي ايس ۽ ڪا اين ٽي ايس ٽيسٽ ڏيڻ جي ضرورت ناهي. پيپلز پارٽي سنڌ سول سرونٽس قانون پاس ڪيو آهي. هن قانون موجب وزيراعلي ڪنهن سرڪاري ملازم کي ڪٿي به مقرر ڪري سگهي ٿو. پٽيوالي کي ڊي سي، ايس پي کي ماستر، ڪلارڪ کي سيڪريٽري، مطلب جئين مرضي وڻيس تيئين ڪري، وفاقي ملازم کي سنڌ سرڪار ۾ ضم ڪري، جنهن به ملازم کي چاهي ان تان ڪميشن، ٽيسٽون ۽ ڊپارٽيمنٽل امتحان جي شرط ختم ڪري سگهي ٿو. پيپلز پارٽي جي ليڊرن پنهنجن مائٽن، چاپلوسن ۽ دادلن ملازمن جي ترقين بدلين ۽ مقررين لاءِ هي ڪارو قانون پاس ڪيو آهي. وڏي ڳالهه ته پيپلز پارٽي هن قانون ۾ اهو به چيو آهي ته هن قانون کي ڪنهن به عدالت ۾ چئلينج نٿو ڪري سگهجي. هن قانون ذريعي پيپلز پارٽي وارن جا اهي مائٽ، چاپلوس ۽ دادلا ملازم جن کي پيپلز پارٽي ترقيون ڏئي مال وارن کاتن ۽ پوسٽن تي مقرر ڪيو ويو هو، جن کي سپريم ڪورٽ ڪجهه وقت اڳ هٽايو هو ۽ اهي ملازم وري انهن پوسٽن تي اچي ويندا. هي قانون سنڌ جي سڄي بنيادي سول اسٽرڪچر جي تباهي آهي، جيڪا رهيل کهيل نالي ماتر انتظاميه سنڌ ۾ بچي آهي اها به تباه ٿي ويندي،
Reply With Quote
The Following 2 Users Say Thank You to khan_younis For This Useful Post:
MIR A GHAFFAR (Thursday, April 16, 2015), Tenrai (Saturday, April 18, 2015)