Friday, April 26, 2024
04:39 PM (GMT +5)

Go Back   CSS Forums > CSS Optional subjects > Group VII > Sindhi

Reply Share Thread: Submit Thread to Facebook Facebook     Submit Thread to Twitter Twitter     Submit Thread to Google+ Google+    
 
LinkBack Thread Tools Search this Thread
  #1  
Old Saturday, February 18, 2012
Member
Qualifier: Awarded to those Members who cleared css written examination - Issue reason: CE 2011 - Roll no 2992
 
Join Date: Jun 2010
Location: KARACHI
Posts: 49
Thanks: 6
Thanked 30 Times in 19 Posts
Agha Awais Ahmed Khan is on a distinguished road
Default To all my sindhi brothers of this forum

Asslam O ALlikum Sain

assan ja sindhi bahir ahin behnon acho ta sindhi css candidates j lai jeka b useful information huje hiti share kariyon ta jiyeen css main sindhin jo passing ratio wadeek huje
moon khi umeed aahi ta sindhi dost hin post khaan poee hik baee je madad zaroor kanada
__________________
For true success ask yourself these four questions: Why? Why not? Why not me? Why not now?
Reply With Quote
The Following 5 Users Say Thank You to Agha Awais Ahmed Khan For This Useful Post:
Aamish Bhatti (Sunday, February 19, 2012), ABDUL JABBAR KATIAR (Saturday, February 18, 2012), innocent fairy (Saturday, February 18, 2012), pureapak (Monday, February 20, 2012), younis_78 (Saturday, February 18, 2012)
  #2  
Old Saturday, February 18, 2012
innocent fairy's Avatar
Member
 
Join Date: Sep 2011
Location: sindh
Posts: 38
Thanks: 195
Thanked 44 Times in 27 Posts
innocent fairy is on a distinguished road
Default تحقيقي / تنقيدي مقالو

شاهه جي شاعريءَ ۾ نرگسيت

(Narcissism in the Poetry of Shah Latif)
ــــــــــــــــ احمد سومرو by

اردو ٻوليءَ جي ناليواري اديب ۽ نقاد ڊاڪٽر سلام سنديلويءَ پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ اردو شاعريءَ جي نفسياتي تنقيد ڪندي، اردو ٻوليءَ جي ڪيترن ئي معروف شاعرن جهڙوڪ: امير خسرو، نظير اڪبرآبادي، نازنين دهلوي، ذوق، بهادر شاهه ظفر، الطاف حسين حالي، اڪبر الله آبادي، آرزو لکنوي، حسرت موهاني، مرزا غالب، اثر لکنوي ۽ علامه محمد اقبال وغيره کي نرگسي شاعر قرار ڏنو آهي. ڊاڪٽر سنديلوي صاحب جي ان تنقيد کان پوءِ اردو ٻوليءَ ۾ هڪ نئين بحث جنم ورتو ۽ رد عمل ۾ ڪيترن ئي اديبن ۽ نقادن اردو شاعريءَ ۾ نرگسيت ۽ شاعرن جي نرگسي روين بابت لکيو.

سنڌي ٻوليءَ ۾ جيتوڻيڪ ادب جي تنقيد جا سڀئي طريقا عام رائج آهن پر ادب جي نفسياتي تنقيد جي معاملي ۾ تمام گهٽ نقادن قلم کنيو آهي، جنهن ڪري سنڌي ٻولي ڪيترن ئي تنقيدي اصطلاحن ۽ پهلوئن کان اڃا تائين ناآشنا آهي. ان ڳالهه کي محسوس ڪندي ئي مون هي تحقيقي مقالو ”شاهه جي شاعريءَ ۾ نرگسيت“ لکيو آهي. شاهه جي شاعريءَ ۾ نرگسيت جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته سڀ کان پهريان نرگسيت جي اصطلاح جي نفسياتي ۽ تنقيدي وضاحت ڪئي وڃي.
نرگسيت (Narcissism)، علم نفسيات جو هڪ خاص اصطلاح آهي. هن جو اهو نالو ۽ مفهوم هڪ قديم يوناني ديومالائي قصي تان ورتل آهي، جنهن مطابق قديم يونان ۾ Narcissus (نرگس) نالي هڪ خوبصورت نوجوان رهندو هو، جيڪو درياهه جي ديوتا Cephissus جو پٽ هو. نرگس کي پنهنجي سونهن تي گهڻو ناز هوندو هو. ڪيتريون ئي حسين عورتون سندس عشق ۾ مبتلا هيون پر هن ڪڏهن به ڪنهن عورت جي محبت کي قبول نه ڪيو. کيس چاهيندڙن ۾ هڪ خوبصورت عورت ايڪو (Echo) پڻ هئي. ايڪو گهڻا ئي حيلا وسيلا هلائي نرگس کي پاڻ ڏانهن مائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر هُن ايڪو طرف ڪو ڌيان ئي نه ڏنو. ايڪو، نرگس جي ان مغرور رويي ۽ سندس دل ڀڃڻ جي دانهن نيميسس ديوي (Nemesis) کي ڏني، جنهن نرگس جي غرور کي ٽوڙڻ ۽ کيس سزا ڏيڻ لاءِ، کيس پنهنجي ئي محبت ۾ گرفتار ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ نرگس هر وقت نديءَ جي ڪناري تي ويهي، پاڻيءَ ۾ پنهنجو پاڻ کي ڏسندو رهندو هو. پنهنجو پاڻ کي پسڻ واري انهيءَ لڳاتار عمل ڪري ئي هو هڪ ڏينهن نديءَ جي ڪناري تي ئي مري ويو. سندس موت کي يادگار ۽ ٻين لاءِ مثال بنائڻ لاءِ ديويءَ کيس گل جي روپ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. اهڙيءَ طرح هڪ نئين گل ”نرگس“ (Narcissus) جو وجود پيو، جيڪو اڪثر ندين ۽ ڍنڍن جي ڪنارن تي ڦٽندو آهي ۽ ان جا گل پاڻيءَ طرف جهڪي ٽڙندا آهن. ائين جيئن آبي آرسيءَ ۾ پاڻ پسي رهيا هجن!

اهو هو نرگس جي گل بابت يوناني ڏند ڪٿائي قصو، جتان لفظ نرگسيت (Narcissism) کي کڻي ويهين صدي جي ناليواري ماهر نفسيات سگمنڊ فرائيڊ (1856-1939) ساڳئي مفهوم ۾ هڪ نفسياتي اصطلاح طور رائج ڪيو. نرگسيت هڪ وسيع معنيٰ ڏيندڙ اصطلاح آهي، جيڪو نه صرف خالص نفسياتي آهي بلڪه سماجياتي ۽ ادبي پڻ آهي. تنهنڪري نرگسيت کي صحيح معنيٰ ۾ سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته ان جي مختلف سمجهاڻين کي پڻ پيش ڪيو وڃي.

نرگسيت جي نفسياتي سمجهاڻي:

فرائيڊ پنهنجي هڪ مضمون On Narcissism : An Introduction ۾ نرگسيت جي وضاحت فرد جي پنهنجي وجود سان لاڳاپيل محبت طور ڪئي آهي، جيڪا فطري طور تي هر انسان ۾ جنم وٺندي آهي. فرائيڊ پنهنجي مضمون ۾ ان ڳالهه بابت ڪيترائي دليل پيش ڪيا آهن ته نرگسيت، لبيڊو (Libido) جي پيداوار آهي. هيءَ اها خواهش ۽ طاقت آهي جيڪا انساني جبلتن کي جياري ٿي.

فرائيڊ نرگسيت کي انساني شخصيت جي تشڪيل ۽ تخليقي صلاحيتن جو محرڪ سڏيو آهي. فرائيڊ جڏهن انساني شخصيت ۾ نفسي ۽ جنسي رجحانن ۽ لاشعوري محرڪن جي ڳولا ڪندي فرد جي پنهنجي ذات سان لاڳاپيل محبت تائين پهتو ته هن نرگسيت کي سندس ساڳئي نالي ۽ مفهوم ۾ استعمال ڪيو. نرگسيت سگمنڊ فرائيڊ جي تحليل نفسي (Psycho Analysis) واري نظريي ۾ پڻ شامل آهي.

”جيتوڻيڪ فرائيڊ کان پوءِ جي نفسياتدانن به ان تي خاص روشني وڌي پر فرائيڊ جون لکڻيون اڄ به اهم آهن ڇاڪاڻ ته انهن مان نرگسيت جو جنسي ۽ جذباتي بنياد ظاهر ٿئي ٿو. جيتوڻيڪ نرگسيت جي اصطلاح کي پنهنجي محبت ۾ گرفتار هجڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي پر تحليل نفسي ۾ ان جو اساس جنسيت آهي. فرائيڊ جنسي ارتقا جا جيڪي درجا مقرر ڪيا، نرگسيت به انهن مان هڪ آهي. فرائيڊ نرگسيت کي ٻن حصن: ابتدائي ۽ ثانوي ۾ ورهائي، ٻنهي جو خاصيتون بيان ڪيون. ابتدائي نرگسيت جو مرڪز جسم ۽ ان سان لاڳاپيل جنسي ڪيفيتون هونديون آهن.“ (1)

انسائيڪلوپيڊيا وڪيپيڊيا (انٽرنيٽ ايڊيشن) ۾ نرگسيت جي نفسياتي سمجهاڻي ڪجهه هن ريت ڏنل آهي:

”نرگسيت جو مطلب آهي پنهنجي ذات جي محبت ۽ شخصيت جا اهي پهلو جيڪي پنهنجي ذات جي متاثريت، مرڪزيت ۽ عزت سان لاڳاپيل هجن،“ (2)

ادب (شاعري / نثر) ۾...

(1) خودداريءَ جو اظهار
(2) خودپسنديءَ جو اظهار
(3) محبوبيت جي جذبي جو اظهار
(4) تخليقي صلاحيت جو اظهار
(5) تصوريت (Idealism)
(6) دنيا کان ڪناره ڪشي / دنيا تياڳڻ جو اظهار

هن مقالي ۾ به انهن ڇهن عنصرن جي بنياد تي شاهه جي شاعريءَ مان نرگسيت جي ڳولا ڪيل آهن.

شاهه جي شاعريءَ ۾ نرگسيت :

شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو ڪئنواس تمام گهڻو وسيع آهي. پاڻ صوفي شاعر به آهي، عوامي شاعر به آهي، رومانوي شاعر به آهي ۽ انقلابي شاعر به آهي. مطلب اهو ته کيس ڪنهن به هڪ خاني ۾ بند ڪري پرکي نه ٿو سگهجي. سنڌ توڙي سڄي دنيا جا ماڻهو شاهه لطيف کي خاص طور تي هڪ صوفي شاعر جي حوالي سان سڃاڻيندا آهن. سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي تاريخ مان به اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته گهڻي قدر سنڌي شاعري تصوف جي پاڇي ۾ ئي پلي آهي. تنهنڪري شاهه لطيف جي شاعريءَ مان نرگسيت جي ڳولا ڪرڻ کان پهريان ضروري آهي ته تصوف ۽ خاص طور تي وحدت الوجود واري نظريي کي نفسياتي نقطه نظر سان پرکيو وڃي.

تصوف / وحدت الوجود :

تصوف هڪ الڳ دنيا آهن ۽ شاعري هڪ الڳ شعبو آهي. ٻنهي جو پاڻ ۾ ڪو طئي شده لازمي ڳانڍاپو ته نه آهي پر صدين کان هلندڙ صوفياڻي شاعريءَ جي سلسلي ٻنهي کي پاڻ ۾ ڳنڍي، ٻنهي کي هڪ ٻئي جو وسيلو بڻائي ڇڏيو آهي.

”وحدت الوجود“ يا ”همه اوست“ تصوف جي هڪ اهم شاخ آهي، جنهنجو بنيادي تصور ئي وجود جي هيڪڙائي (Unity of Being) آهي. يعني ته خالق ۽ مخلوق ٻه الڳ وجود نه آهن بلڪه هڪ ئي وجود آهي. وجود جي هيڪڙائي کي تسليم ڪرڻ کان پوءِ عاشق ۽ معشوق جو ته تصور ئي باقي نه ٿو رهي. عاشق پنهنجو ئي معشوق ۽ معشوق پنهنجو ئي عاشق. جڏهن سالڪ تي اهڙي ڪيفيت طاري هجي جو هو عشق ۾ گرفتار هجي ۽ مزي جي ڳالهه اها ته ڪنهن ٻئي وجود جي موجودگيءَ کي تسليم به نه ڪندو هجي ته پوءِ اهو عشق ڪنهن سان ٿيو جنهن ۾ ڪو معشوق ئي نه آهي؟ يقيناً اهو عشق پنهنجي وجود جو ئي ثابت ٿيندو جيڪو ساڳي وقت محبوب جو به وجود آهي.

مون ۾ آهين تون، متان تنهنجو ئي توکي لڳي.
–
نائي نيڻ نهار، تو ۾ ديرو دوست جو.

اسان اڳ ۾ ذڪر ڪري آيا آهيون ته نرگسيت پنهنجي ئي محبت ۾ مبتلا ٿيڻ جي ڪيفيت آهي. ان حساب سان وحدت الوجود جو نظريو به نرگسيت سان ڀرپور آهي ۽ ان نظريي جا پوئلڳ سڀئي صوفي سڳورا پڻ نرگسي هوندا آهن، جيڪي هڪڙي وجود کي تسليم ڪرڻ باوجود به عشق ۾ گرفتار هوندا آهن!

وحدت الوجود جي صوفياڻي نظريي جي نفسياتي پرک کان پوءِ هاڻي شاهه لطيف جي شاعريءَ مان نرگسيت جي ڇنڊڇاڻ ڪجي ٿي.

شاهه عبداللطيف ڀٽائي :

شاهه صاحب هڪ صوفي شاعر هو. سندس تعلق تصوف جي وحدت الوجود واري مسلڪ سان هو (جنهنجو ذڪر مٿي ڪيل آهي). شاهه صاحب جي وجودي نظريي سان لاڳاپيل هجڻ منجهان ئي اها ڳالهه واضح ٿي وڃي ٿي ته هو ذهني نوعيت جي نرگسيت ۾ وچٿري مقدار جيترو مبتلا هو، جنهن کيس عشق جي ايتري داخلي قوت بخشي جو هن پنهنجي ذات ۾ پاڻ کي تلاش ڪري روحاني (نفسي) منزل ماڻي ۽ انهيءَ داخلي جذبي ئي کيس تخليقي طاقت عطا ڪئي.

پاڻ ئي پسي پاڻ کي، پاڻ ئي محبوب،
پاڻ ئي خلقي خوب، پاڻ ئي طالب تن جو.
(سر ڪلياڻ، داستان: 1)

شاهه صاحب جي شاعريءَ جا اڪثر مضمون ڌرتي ۽ ماڻهن جي مسئلن تي آڌار رکن ٿا. شاعري جيتوڻيڪ هڪ داخلي انفرادي ڪاوش آهي پر فرد جي انفراديت ۾ به اجتماعي تصور موجود هوندا آهن جيڪي سندس ذات کي سماج جي لڙيءَ ۾ ڳنڍيندا آهن. نتيجي طور سندس انفرادي شعور اجتماعي نوعيت اختيار ڪري وٺندو آهي. شاهه صاحب جي سڀ کان اهم ڳالهه اهائي آهي ته وٽس انفراديت ۽ اجتماعيت جي تصور ۾ ڪو فرق نه آهي. ڌرتيءَ جي ماڻهن جا سڀئي الميه هو پنهنجا ٿو ڀائي ۽ پنهنجا سڀ سور هو ڌرتيءَ واسين کي محسوس ڪرائي ٿو.

اهڙي قسم جو نفسياتي مزاج رکندڙ ماڻهو عام طور تي تمام گهٽ نرگسي هوندا آهن پر شاعر جي روپ ۾ فرد جو معمولي نرگسي رويو به ڪٿان نه ڪٿان غير شعوري طور تي پاڻمرادو نڪري نروار ٿي پوندو آهي.

شاعري داخلي ڪيفيتن جي اظهار جو نالو آهي. جڏهن لفظ ”داخلي“ استعمال ٿئي ٿو ته ان مان مراد آهي پنهنجي ذات سان وابسته. فرائيڊ پنهنجي تحليل نفسي واري نظريي ۾ شاعري (ادب) کي اڻپورين خواهشن جو شعوري اظهار قرار ڏنو. مطلب اهو ته شاعري نفسي تسڪين حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهي. هڪ شاعر، شاعري ڪري پنهنجي ذات کي سڀني قسمن جي المين کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. پنهنجي ذات کي تسڪين ڏيڻ پنهنجو پاڻ سان محبت ڪرڻ جي نشاني آهي. شاعري (ادب) جي نفسياتي ڪارج جي بنياد تي اهو چئي سگهجي ٿو ته شاعريءَ جو عمل بذات خود هڪ نرگسي عمل آهي.

1. خودداريءَ جو اظهار :

غير معمولي تخليقي صلاحيتون، مثبت جذبا ۽ عمل ڪندڙ هر فرد ۾ خودداري ۽ خودپسنديءَ جو جذبو پاڻمرادو جنم وٺندو آهي. جيڪڏهن فرد انهن نرگسي احساسن کي پنهنجي ذات تي طاري ڪري ڇڏي ته اهو سماج کي پنهنجي ذات ۽ ڏات مان ڪو به فائدو ڏئي نه سگهندو، البته انهن احساسن جو استعمال فرد پنهنجي ذات جي تڪميل ۽ تخليقڪاري جي محرڪن طور ڪري ته سڄو سماج انهن داخلي احساسن مان مستفيد ٿي سگهي ٿو.

بنيادي نوعيت جي نرگسيت هر فرد کي فطري طور ورثي ۾ ملندي آهي، البته ثانوي قسم جي نرگسيت جي حصول ۾ فرد جي پنهنجي شعوري ڪوششن جو وڏو عمل دخل هوندو آهي. ان ثانوي نرگسيت جو استعمال ڪنهن پلصراط تي هلڻ جيان آهي. معمولي کان معمولي چُڪ به فرد کي منفي روين ڏانهن ڌڪي سگهي ٿي، جتي سندس تخليقي ۽ تعميري صلاحيتن تي مڪمل جمود طاري ٿي ويندو.

شاهه صاحب وٽ خودداري ۽ خودپسندي محض انفرادي ۽ فرضي نوعيت جي نه آهي، بلڪه هن معروضي حقيقتن جي پسمنظر ۾ اجتماعي نرگسيت جو اظهار ڪيو آهي. سندس شاعريءَ ۾ خودداري ۽ خودپسنديءَ جي جذبن جو اظهار سڄي سنڌي قوم جي اجتماعي لاشعور تحت ڪيل آهي. ”سر مارئي“ سنڌي سماج جي اجتماعي لاشعور ۾ موجود اجتماعي نرگسي احساسن جو عڪس آهي.

ٿورا منجهه ٿرن، مون سين ماروءَ جي ڪيا،
عمر! ان ڳڻن، آئون ڪيئن لوئي لاهيان.
(سر مارئي، ابيات متفرقه)

مارئي عمر ڪوٽ جي آسائشن کي قطعي قبول نه ڪيو ۽ مارن کان پري ”سوڙين ۾ سمهڻ“ ۽ ”تيل لائڻ“ وارا عمل کيس بي وفائي ڪرڻ جي مترادف محسوس ٿيا. شاهه صاحب پنهنجي خودداريءَ کي مارئيءَ جي ڪردار سان منسوب ڪري هن ريت بيان ڪيو آهي:

آئون ڪيئن سوڙين سمهان، مون ور گهاري ول،
کٿيريءَ تان کل، عمر ڪج م اهڙي.
(سر مارئي، ابيات متفرقه)

تيل نه لائيان تنهنجو، مون ماروءَ جو من،
ڪريان ٻي نه ڪن، آهر انهين آهيان.
(سر مارئي، ابيات متفرقه)

خودداري عشق جي وحدت جو نالو آهي. نه صرف تصوف بلڪه دنيا جي هر وهنوار ۾ ثابت قدميءَ کي خاص اهميت حاصل آهي. شاهه صاحب جي خودداريءَ جا سرچشما به سندس ثابت قدمي ۽ عشق جي وحدانيت آهن.

ڪانڌ نه ڪنديس ڪو ٻئو، کٿيروئي خوب،
ميروئي محبوب، اسان مارو من ۾.

2. خودپسنديءَ جو اظهار :

خودداري ۽ خودپسندي هڪٻئي سان لاڳاپيل جذبا آهن. بعض حالتن ۾ خودداري خودپسنديءَ کي جنم ڏيندي آهي ۽ بعض حالتن ۾ وري خودپسنديءَ مان خودداري ڦٽندي آهي. سر مارئيءَ ۾ شاهه صاحب جو خودپسنديءَ وارو جذبو به اجتماعي نوعيت جو آهي.

سون برابر سڳڙا، ماروءَ سندا مون،
پٽولا پنهوارن کي، عمر آڇ م تون،
ور لوئيءَ جي لون، ڏاڏاڻن ڏنيام جا.
(سر مارئي، داستان: 3)

شيڪسپيئر هڪ هنڌ چيو هو ته ”مون کي انگلينڊ جي هر ماڻهوءَ سان محبت آهي، خواهه اهو بدڪردار ئي ڇو نه هجي!“ شيڪسپيئر جيان شاهه صاحب به مارن کي هر حالت ۾ پنهنجو محبوب مڃي، پنهنجي نرگسيت جو والهيانه اظهار ڪيو آهي.

جيها جي تيها، مون مارو مڃيا،
مون جيڏيون ته ملير ۾، چونڊن موڪ ميها،
منهنجا آهه اها، ڪڏهن ڪيرائيندي ڪوٽ کي.
(سر مارئي، داستان: 3)

ناليواري جرمن نفسياتدان ايرڪ فرام (Erich Froom) پنهنجي هڪ مضمون The Psychology of Nationalism ۾ قوم پرستي يا وطن جي حب جي نفسياتي ڇنڊڇاڻ ڪري انهن عنصرن جي تلاش ڪئي آهي، جن ذريعي ڪنهن به فرد ۾ حب الوطنيءَ جو جذبو پيدا ٿيندو آهي. ايرڪ فرام مطابق هر ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن سماج (گروهه) ۾ رهندو آهي، سندس سوچون، جذبا ۽ رويو گهڻي قدر سماج جي ٺاهيل قدرن مطابق هوندا آهن. هڪ سماج ۾ رهندڙ سڀئي فرد هڪ ٻولي ڳالهائيندا آهن، هڪجهڙي ثقافت رکندا آهن ۽ هر معاملي ۾ پنهنجي داخلي انفرادي سوچن جو اظهار به سماجي گهاڙيٽن تحت ڪندا آهن. مطلب اهو ته فرد ۽ سماج جو ڳانڍاپو انتهائي مضبوط ۽ پنهنجي نوعيت جي لحاظ کان لازمي هوندو آهي.

اهي سڀ ڳالهيون ڪنهن به فرد کي پنهنجي سماج، قوم ۽ ڌرتيءَ جي محبت جي جذبي ۾ مبتلا ڪنديون آهن، جنهن کي حب الوطني يا قوم پرستي چئبو آهي.

پنهنجي نوعيت جي لحاظ کان حب الوطنيءَ جو جذبو نرگسيت آهي، ڇاڪاڻ ته ڌرتيءَ سان محبت جو جذبو تڏهن ئي جنم وٺندو آهي جڏهن فرد ان کي پنهنجو سمجهي، ان سان منسوبيت ۽ ان تي حق قائم ڪندو آهي.

دنيا جي هر باشعور فرد جيان شاهه لطيف به هڪ محب وطن انسان هو. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ وطن جي مٽي ۽ ماڻهن کان وٺي ڌرتيءَ جي دريائن، ڍنڍن، ريتن، رسمن، ٻوٽن، پکين، جانورن ۽ موسمن وغيره جي پڻ ساراهه ڪئي آهي. ملير ۽ مارن جي پکن جي تعريف هن ريت ڪئي اٿائين:

ماڙيءَ چڙهي ڏٺام، پکا پنهوارن جا،
هڪ اڳيئي سهڻا، ٻيو ويتر مينهن اٺان،
ڪهڙا ڏوهه ڪيام، جيئن هو ملير آئون ماڙئين.
(سر مارئي، داستان: 7)

ڪينجهر ڍنڍ جي منظرنگاري پيش ڪري، سندس سونهن ۽ سرهاڻ کي هن ريت ٿو ساراهي:

هيٺ جر، مٿي مڃر، ڪنڌيءَ ڪؤنر ترن،
ورائي واهوندن، ڪينجهر کٿوري ٿئي.
(سر ڪاموڏ، داستان: 2)

مارئيءَ جي واتان پاڻ عمر سومري کي عرض ٿو ڪري ته مرڻ کان پوءِ سندس مئل جسم کي ملير موڪلي ته جيئن کيس ڏاڏاڻي ڏيهه جي مٽي ۽ ولڙين جو واس ملي سگهي. شاهه صاحب وٽ موت کان پوءِ به پنهنجي وطن ڏانهن موٽڻ ٻيهر جيئن جي برابر آهي.

واجهائي وطن کي، آئون جي هت مياس،
گور منهنجي سومرا، ڪج پهنوارن پاس،
ڏج ڏاڏاڻي ڏيهه جي، منجهان ولڙين واس،
ميائي جياس، جي وڃي مڙهه ملير ڏي.
(سر مارئي، داستان: 6)

اسان جي سماج ۾ ڪتو عام طور تي هڪ ڌڪاريل جانور آهي. پر ان جي ابتڙ شاهه صاحب وري پرينءَ جي پار جي ڪتي تي به قربان ٿيڻ لاءِ تيار آهي. اها شاهه جي نرگسيت جي تصوراتي انتها آهي.

ڪتو جي ڪانءُ، پريان سندي پار جو،
انهين مٿان آءٌ، ڪوڙين قرباني ٿيان.
(سر ڪاپائتي، داستان: 1)

umeed ahy ta he article students lea faidymand rehando
Reply With Quote
The Following 4 Users Say Thank You to innocent fairy For This Useful Post:
Aamish Bhatti (Sunday, February 19, 2012), Kamran Ahmed (Monday, February 20, 2012), pureapak (Monday, February 20, 2012), younis_78 (Saturday, February 18, 2012)
  #3  
Old Saturday, February 18, 2012
Invincible's Avatar
Senior Member
Medal of Appreciation: Awarded to appreciate member's contribution on forum. (Academic and professional achievements do not make you eligible for this medal) - Issue reason:
 
Join Date: Oct 2006
Location: Karachi.
Posts: 1,628
Thanks: 1,011
Thanked 1,572 Times in 792 Posts
Invincible has much to be proud ofInvincible has much to be proud ofInvincible has much to be proud ofInvincible has much to be proud ofInvincible has much to be proud ofInvincible has much to be proud ofInvincible has much to be proud ofInvincible has much to be proud of
Default

Guys,I am at your disposal to help out my all Sindhi fellows.

Regards,
__________________
When you try, you risk failure. When you don’t try, you ensure it.
Reply With Quote
The Following 2 Users Say Thank You to Invincible For This Useful Post:
pureapak (Monday, February 20, 2012), younis_78 (Saturday, February 18, 2012)
  #4  
Old Monday, February 20, 2012
Kamran Ahmed's Avatar
Senior Member
 
Join Date: Feb 2011
Posts: 128
Thanks: 29
Thanked 34 Times in 27 Posts
Kamran Ahmed is on a distinguished road
Default

Now that people are awaken, lets solve MCQs of past papers.

Thank you innocent fairy. It was really helpful. Can you please solve the MCQs?
__________________
اللَّهُمَّ إِنِّي أَسْأَلُکَ عِلْمًا نَافِعًا وَرِزْقًا طَيِّبًا وَعَمَلًا مُتَقَبَّلًا

Last edited by Predator; Monday, February 20, 2012 at 09:31 AM.
Reply With Quote
Reply

Posting Rules
You may not post new threads
You may not post replies
You may not post attachments
You may not edit your posts

BB code is On
Smilies are On
[IMG] code is On
HTML code is Off
Trackbacks are On
Pingbacks are On
Refbacks are On

Similar Threads
Thread Thread Starter Forum Replies Last Post
A tribute to Admin, Mods & Staff members qayym Site Feedback 80 Thursday, May 14, 2015 08:33 PM
Sindh Province (Introduction) Naseer Ahmed Chandio General Knowledge, Quizzes, IQ Tests 0 Friday, May 05, 2006 10:20 AM

CSS Forum on Facebook Follow CSS Forum on Twitter

Disclaimer: All messages made available as part of this discussion group (including any bulletin boards and chat rooms) and any opinions, advice, statements or other information contained in any messages posted or transmitted by any third party are the responsibility of the author of that message and not of CSSForum.com.pk (unless CSSForum.com.pk is specifically identified as the author of the message). The fact that a particular message is posted on or transmitted using this web site does not mean that CSSForum has endorsed that message in any way or verified the accuracy, completeness or usefulness of any message. We encourage visitors to the forum to report any objectionable message in site feedback. This forum is not monitored 24/7.

Sponsors: ArgusVision   vBulletin, Copyright ©2000 - 2024, Jelsoft Enterprises Ltd.