Quote:
Originally Posted by sara soomro
اسين بس رھيا سين اڌورا اڌورا!
ن ئي ِعشق آتش فشان ٿي اٿاميو،
ن ئي ديپ دل مان اونھان جو اجھاميو،
ن سورن جي شدت کان شِعلو بڻيا سين،
ن سگريٽ جو ڪوُڦلوٿي ڇڻيا سين،
دکيا سين جليا سين اڌورا اڌورا!
ڏکن سان ب دل پنھنجو رشتو ن ٺاھيو،
سکن ۾ ب من کي سڪون ڪون آيو،
کليا سين ت خلقت جي دردن ٿي روڪيو،
رنا سين ت دنيان جي نظرن ٿي ٽوڪيو،
ن خوش ٿي کليا سين ن رڄ ٿي رنا سين،
کليا سين رنا سين اڌورا اڌورا
ھي ڦاھئ جا ڦندا چمڻ کان ب وياسين،
۽ دنيان جا ڌنڌا ڪرڻ کان ب ويا سين،
ن تون ئي ملين ۽ ن ڪنھن جا ٿيا سين،
ِھتان کان ب ويا سين ُھتان کان ب ويا سين،
مرڻ جي مزي کان ب محروم ٿيا سين،
۽ جيئندا رھيا سين اڌورا اڌورا!
|
Sara ji kuch Raham Kia karen, esy ashar sy kamzor dil dam na tor bethain.
Very impressive collection.