View Single Post
  #5  
Old Saturday, June 20, 2009
zuhaib amed's Avatar
zuhaib amed zuhaib amed is offline
Senior Member
 
Join Date: May 2008
Location: Karachi
Posts: 114
Thanks: 9
Thanked 88 Times in 43 Posts
zuhaib amed is on a distinguished road
Default Zuhaib Ahmed Odho

شيخ اياز جي شاعري



ڇا لاءِ مرن ۽ مارن ٿا ، هي جڳ جا جھيڙا ڇا معنى ؟
ڪنهن ساڻ وڙهين ٿو سپني ۾ ، هي گوڙ بکيڙا ڇا معنى ؟

هي ساٿي ڪهڙا ساٿي ها ؟ آ هر ڪنهن پنهنجي راھه ورتي،
هو هَر ڪنهن کي هيکل وڃڻو ، هِي سارا ميڙا ڇا معنى ؟

هي چوڳو آهي چار گهڙيون ، پو پَنک پکيڙي اُڏرين ٿو ،
ويا هر ڪنهن جا ڪيڏانهن وَلر ؟ هي واءُ وِکيڙا ڇا معنى ؟

آ ڪيڏو سمنڊ ۾ اَجھاڳُ پرين، هت ناهي ڪنهن جو ماڳُ پرين!
ڪو ئي به ڪنارو ڪو نه آهي ، هي تُنهنجا ٻيڙا ڇا معنى؟

تو مَڌُ پيتو هن وَستيءَ ۾ ، ۽ واڳ وٺين ٿو مستيءَ ۾ ،
پَر تنهنجو ماڳُ ” ايـــــــــاز “ ڪٿي ؟ هي سارا ليڙا ڇا معنى ؟


Reply With Quote