سوچي قاتل جو قاتل،
آيو قاتل تي ڪهڪاءُ.
پر جي ڪوئي نانگ هُجي،
تنهن کان ڪهڙو آهه بچاءُ!
سِر جي بدلي ڏين ٿو سون،
پو ڀي تو وٽ ناهه وِڪاءُ!
او وڻجارا وائيءَ جا،
مَن جو موتي ڪهڙي ڀاءُ!
گھايل مَن جا گھايل گيت،
جِن ۾ پيڙا جو پَڙلاءُ.
جِن ۾ ڌَرتيءَ ڌرتيءَ دُک،
جِن ۾ ماڻهوءَ ماڻهوءَ گھاءُ.
ڀنڀٽ بڻبا نيٺ ’اياز‘
جُڳ جُڳ جلندا منهنجا ڀاءُ!
__________________
Allah (SWT) says: “And there should be a group amongst you who invite towards good, order for acknowledged virtues, forbid from sin and these it is that are the successful ones” (Ale Imran: 104).
|