Thread: Sindhi Poetry
View Single Post
  #127  
Old Wednesday, May 16, 2012
Ainee Sindhu's Avatar
Ainee Sindhu Ainee Sindhu is offline
Junior Member
 
Join Date: Jan 2012
Location: sindh
Posts: 15
Thanks: 27
Thanked 2 Times in 2 Posts
Ainee Sindhu is on a distinguished road
Default

انٽرنيٽ

آڪاش انصاري

تون جڏهين جوڳين جِيان رَولاڪ هُئين!
ڪيترو وِشال ۽ حُسناڪ هُئين!
پَرَ، هاڻِ پيار جون مڙيئي مُندون،
تو ويب سائيٽن مٿي وڃائي ڇڏيون،
پنهنجي عِشق جون شرميلون ڌُنون،
جيڪي تو کي صرف،
نديءَ کي ٻُڌائڻيون هُيون،
سي تو انٽرنيٽ جي، بي حجاب پيانو تي،
ڳائي ڇڏيون، ٻُڌائي ڇڏيون!!

ڪمپيوٽر جَي بَي انت ساگر جَي،
پاتال ۾ لهندي، لهندي،
توکي چانڊوڪين جي دريا ۾ تَرڻ،
مُگري جي مَهڪَ کي ماڻڻ،
پوپٽن کي پاٻوههَ مان ڏسندو رَهڻ،
۽ کُلي هوا ۾ ساهه کڻڻ، وِسري ويو آ.

چَيٽنگ، تومان چِڪورَ جِي چَنچلتا
چُوسي وَرتي آهي.
جهنگ تومان وڃائجي ويو آ،
هاڻ تون ڄڻ گھريلو مور ٿي پيو آهين!
گيم، ان ڊور ٿي پيو آهين
__________________
All life is an experiment. The more experiments you make the better.
Reply With Quote