View Single Post
  #1  
Old Saturday, July 21, 2012
ABDUL JABBAR KATIAR's Avatar
ABDUL JABBAR KATIAR ABDUL JABBAR KATIAR is offline
Senior Member
 
Join Date: Apr 2011
Location: TANDO MUHAMMAD KHAN SINDH
Posts: 403
Thanks: 48
Thanked 219 Times in 128 Posts
ABDUL JABBAR KATIAR has a spectacular aura aboutABDUL JABBAR KATIAR has a spectacular aura about
Default Decision of Mushraf of minimising CSS agelimit challenged in Sindh high court

مشرف جو سي ايس ايس اميدوارن جي عمر جي حد گهٽائڻ وارو فيصلو چئلينج

سکر(رپورٽ:شبير ڀٽو) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران 2010ع دوران سيڪشن آفيسرن ۽ ڊپٽي ڊسٽرڪٽ آفيسرن جي جاري ڪيل امتحان واري نتيجي کي روڪڻ لاءِ درخواست داخل، درخواست ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف پاران سي ايس ايس جي امتحانن جي اميدوارن جي عمر 35 سالن مان گهٽائي 28 سال ڪرڻ واري حڪم کي پڻ چئلينج ڪيو ويو ان ڏس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ بينچ سکر ۾ سکر شهر سان تعلق رکندڙ هڪ نوجوان محمد عدنان قريشي پاران داخل ڪرايل پٽيشن جي ٻڌڻي جسٽس نثار احمد شيخ ۽ جسٽس حبيب الرحمان شيخ ڪئي. درخواستگذارن ۽ سندن وڪيلن ڪورٽ کي ٻڌايو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران 2010ع ۾ ورتل سيڪشن آفيسرن ۽ ڊپٽي ڊسٽرڪٽ آفيسرن جي امتحان واري رزلٽ جاري ڪرڻ کانپوءِ هڪ سال تائين پاس ٿيندڙن کي مارڪ شيٽون جاري ناهن ٿيون، جنهن ڪري کين پنهنجي نتيجي خلاف اپيل داخل ڪرڻ جو موقعو نه ڏنو ويو. ناپاس اميدوارن پاران ٻن پيپرن جي ٻيهر ريڪائونٽنگ لاءِ واسطيدار بئنڪ ۾ چالان پڻ جمع ڪرايا ويا جيڪڏهن مارڪ شيٽون وقت تي جاري ٿين ها ته ناپاس قرار ڏنل اميدوار هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪري پي سگهيا اهڙي طرح سان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن قانون موجب ڪم نه ڪيو آهي ان ڪري انهن نتيجن کي روڪيو وڃي ساڳي درخواست ۾ اهو پڻ ڄاڻايو ويو آهي ته موجوده حڪومت پاران اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي سمورن غير آئيني قدمن کي ختم ڪرڻ لاءِ حڪم جاري ڪيا پر پرويز مشرف پاران سي ايس ايس امتحانن لاءِ عمر جي حد 35 سالن مان گهٽائي 28 سال ڪرڻ وارو جيڪو حڪم جاري ڪيو ويو هو سو اڃا تائين واپس نه ورتو ويو آهي. هن ڪورٽ سڳوري کي استدعا ڪئي آهي ته اهڙي حڪم کي واپس وٺڻ لاءِ پڻ حڪومت کي هدايت ڪئي وڃي. ڪورٽ درخواست کي ٻڌڻ جوڳو قرار ڏيندي ڌر بڻايل چيف سيڪريٽري سنڌ، سيڪريٽري سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن سنڌ، وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري، قانون واري وزارت جي سيڪريٽري ۽ ٻين اعليَ سرڪاري آفيسرن کي نوٽيس جاري ڪرڻ ۽ جواب داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي
.
Reply With Quote
The Following 2 Users Say Thank You to ABDUL JABBAR KATIAR For This Useful Post:
inayat talpur (Tuesday, July 24, 2012), Invincible (Saturday, July 21, 2012)