View Single Post
  #53  
Old Thursday, May 16, 2013
RASHIDSIYAL RASHIDSIYAL is offline
Member
 
Join Date: Oct 2012
Location: hyderabad.
Posts: 82
Thanks: 19
Thanked 42 Times in 31 Posts
RASHIDSIYAL is on a distinguished road
Default

اين ڊي خان، اياز سومري ۽ اڪراڻي سميت اهم شخصيتن جا 130 مائٽ ۽ پٽ ڪميشن امتحان کانسواءِ ٽي ايم اوز چونڊجي ويا

ڪراچي(رپورٽ اختيار کوکر) مڪاني ادارن واري کاتي جي ٽائون ميونسپل آفيسرن/چيف آفيسرن جي عهدن تي ڀرتي لاءِ اڳوڻي صوبائي وزير ۽ نئين چونڊيل پ پ ايم اين اي محمد اياز سومرو جي سالي، پيپلز پارٽي جي اڳواڻ اين ڊي خان، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ عبدالفتاح ملڪ، اڳوڻي ايم اين اي لال چند اڪراڻي، حاجي علي حسن زرداري، آغا شفيق خان دراني، سيد جاويد حسين شاهه، شاهنواز مگسي جي پٽن سميت 130 ڄڻا چونڊيا ويا آهن، اهڙي ڄاڻ مڪاني ادارن واري کاتي پاران سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ۾ مڪاني ادارن واري کاتي جي ذيلي اداري سنڌ لوڪل گورنمينٽ بورڊ ذريعي ڪنٽرول ٿيندڙ سنڌ ڪائونسلز يونيفائيڊ سروس گروپ (ايس سي يو جي) جي 17هين ۽ 16 هين گريڊ جي ٽي ايم او ۽ چيف آفيسرن وارن عهدن تي اڳوڻي حڪومت پاران سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي باءِ پاس ڪري ڪيل ڀرتين خلاف هلندڙ ڪيس جي سلسلي ۾ عدالت ۾ جمع ڪرايل رپورٽ ۾ ڏني وئي آهي، ڄاڻو ذريعن کان ”ڪاوش“ کي مليل رپورٽ موجب عدالت ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ درخواست گذارن موقف اختيار ڪيو آهي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ايڪٽ 1989ع موجب صوبائي حڪومت جي سڀني کاتن ۽ خودمختيار نيم خودمختيار ادارن ۾ گريڊ 16 ۽ ان کان مٿين گريڊ جون سموريون نيون ڀرتيون سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ذريعي ٿيڻيون آهن پر مڪاني ادارن واري کاتي پاران ايس سي يو جي سروس گروپ جي ٽي ايم اوز، چيف آفيسرن، اڪائونٽ آفيسر، ايگزيڪيوٽو انجنيئرن ۽ ميڊيڪل آفيسرن جي خالي 16 هين ۽ 17 هين گريڊ جي عهدن تي ڀرتيون سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي باءِ پاس ڪري مڪاني ادارن واري کاتي جي سليڪشن ڪاميٽي ذريعي ڪيون پيون وڃن،
http://www.thekawish.com/www3/index.html
Reply With Quote