|
Share Thread: Facebook Twitter Google+ |
|
LinkBack | Thread Tools | Search this Thread |
#1
|
||||
|
||||
! جو ئي آھيان، سو ئي آھيان
جو ئي آھيان، سو ئي آھيان!
ھندو مومن ناھيان مان! ڪو ڪيئن چوي ڪو ڪيئن چوي، آءٌ جو ئي آھيان، سو ئي آھيان! ڪو مومن چوي ڪو ڪافر چوي، ڪو جاھل نالو ظاھر چوي ڪو ساحر چوي ڪو شاعر چوي، آءُ جو ئي آھيان سو ئي آھيان! ڪو پنٿ چوي ڪو سنت چوي، ڪو باغ بھار بسنت چوي ڪو ميراثي ڪلونت چوي، آءُ جو ئي آھيان سو ئي آھيان! ڪو ملان چوي ڪو قاضي چوي، ڪو مفتي چوي ڪو غازي چوي ڪو روزيدار نمازي چوي، آءُ جو ئي آھيان سو ئي آھيان! ڪو رد چوي ڪو بد چوي، ڪو بيديني بيحد چوي ڪو مشرڪ ڀي ملحد چوي، آءُ جو ئي آھيان سو ئي آھيان! ڪو صورت ۾ انسان چوي، ڪو شر ڀريو شيطان چوي ڪو بزرگ جو مستان چوي، آءُ جو ئي آھيان سو ئي آھيان! ڪو سست چوي ڪوسرمست چوي، ڪو راه تي دين درست چوي ڪو عاشق روز الست چوي، آءُ جو ئي آھيان سو ئي آھيان! ڪو زير زبر زنديق چوي، ڪو رھنما رفيق چوي ڪو غرقي منجھ عميق چوي، آءُ جو ي آھيان سو ئي آھيان! ڪو رنگ ڪو بي رنگ چوي، ڪو مستو مست ملنگ چوي ڪو ننگي ڪو بي ننگ چوي، آءُ جو ئي آھيان سو ئي آھيان! ڪو حالي چوي ڪو قالي چوي، ڪو خاص الخاص خيالي چوي ڪو ازلي مست موالي چوي، آءُ جو ئي آھيان سو ئي آھيان! ڪو شڪ چوي ناحق چوي، ڪو بات اھا برحق چوي مونکي مرشد عبدالحق چوي، آءُ جو ئي آھيان سو ئي آھيان! ڪو خاص چوي ڪا عام چوي، ڪو پختو چوي ڪو خام چوي ڪو ’سچو‘ سچو نام چوي، آءُ جو ئي آھيان سو ئي آھيان! سچل سرمست |
The Following User Says Thank You to zuhaib ahmed For This Useful Post: | ||
sadoro khaskheli (Monday, November 09, 2015) |
|
|
Similar Threads | ||||
Thread | Thread Starter | Forum | Replies | Last Post |
Playing Quran in the background | Princess Royal | Islam | 30 | Friday, May 25, 2012 01:49 AM |
To all my sindhi brothers of this forum | Agha Awais Ahmed Khan | Sindhi | 3 | Monday, February 20, 2012 07:54 AM |
قرآن حکيم ميں قرآن کے بارے ميں بيان | sara soomro | Islam | 1 | Tuesday, March 15, 2011 01:17 PM |
Shah jo Risalo | Zulfiqar Shah | Sindhi Poetry | 29 | Thursday, January 13, 2011 12:24 PM |
سنڌ جي حق ۽ انصاف جو سوال؟؟ | sara soomro | News & Articles | 3 | Wednesday, May 20, 2009 05:58 PM |