CSS Forums

CSS Forums (http://www.cssforum.com.pk/)
-   SPSC (CCE) (http://www.cssforum.com.pk/sindh-public-service-commission/spsc-cce/)
-   -   SPSC CCE 2003 SCAM and investigation Findings (http://www.cssforum.com.pk/sindh-public-service-commission/spsc-cce/26175-spsc-cce-2003-scam-investigation-findings.html)

inayat talpur Monday, July 29, 2013 08:41 PM

[QUOTE=Last Island;631922]Though news shared is in Sindhi, discussion must be carried out in English language only.[/QUOTE]

But why is this rule mentioned here.

Last Island Monday, July 29, 2013 08:43 PM

We do not allow discussion in regional languages. It is difficult for mods to keep check since all of them do not know all regional languages.

Raz Monday, July 29, 2013 09:22 PM

[QUOTE=Last Island;631922]Though news shared is in Sindhi, discussion must be carried out in English language only.[/QUOTE]

[COLOR=black][FONT=Verdana]The best decision. Discussion in regional language erodes the essence of sharing it in forum. News sharing from regional language sources is an exception because that serves as an initiative or augments the discussion. Hence members are advised to abide by the instructions.[/FONT][/COLOR]

aliraza171 Monday, July 29, 2013 09:44 PM

It will definitely raise suspicions regarding the credibility of provincial public service commissions among the serious candidates of provincial competitive exams...

Raz Sunday, August 04, 2013 03:13 PM

[url]http://www.thekawish.com/www3/home_page/News-10.html[/url]

پبلڪ سروس ڪميشن جي 2003ع واري امتحان ۾ ٿيل

فراڊ جي نئين سر جاچ جو فيصلو

ڪراچي(رپورٽ: رشيد ميمڻ)سنڌ حڪومت پاران سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي 2003ع واري چٽا ڀيٽي جي امتحان ۾ نااهل اميدوارن کي پاس ڪرڻ ۽ اهل اميدوارن کي فيل ڪرڻ واري فراڊ جي نئين سر اعليٰ سطحي جاچ ڪرائڻ جو فيصلو، وزير اعليٰ انسپيشڪن ٽيم کي جاچ ڏني وئي، انڪوائري ٽيم امتحان جو سمورو رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي، تفصيل موجب سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي 2003ع واري چٽا ڀيٽي واري امتحان ۾ فراڊ ڪري فيل ٿيل 54 اميدوارن کي پاس ڪري 17 هين گريڊ جون پوسٽون به الاٽ ڪيون ويون هيون، جڏهن ته 50 سيڪڙو مارڪون کڻي امتحان پاس ڪندڙ 54 اميدوارن جون جوابي ڪاپيون بدلائي ۽ مارڪ شيٽن ۾ تبديلي ڪري کين ناپاس ڪيو ويو هو، اهڙي طرح ميرٽ تي امتحان پاس ڪندڙ سنڌ جي نوجوانن سان ڪميشن جي تاريخ جو وڏو فراڊ ڪيو ويو هو، ڪاوش اخبار ۾ ان فراڊ بابت اسٽوري ڇپجڻ کان پوءِ وڏي وزير قائم علي شاهه معاملي جو نوٽيس وٺندي معاملي جي نئين سر اعليٰ سطحي جاچ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ سندس نگراني ۾ ڪم ڪندڙ وزير اعليٰ انسپيڪشن ٽيم کي جاچ ڏني آهي جيڪا فراڊ جي نئين سر جاچ ڪري رپورٽ تيار ڪندي ۽ سنڌ حڪومت کي پيش ڪندي، جنهن جي روشني ۾ حڪومت وڌيڪ ڪارروائي ڪندي، جاچ ٽيم جاچ شروع ڪندي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کان فراڊ واري امتحان جو سمورو رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي، ان سلسلي ۾ ڪاوش پاران رابطو ڪرڻ تي وزير اعليٰ انسپيڪشن ٽيم جي چيئرمين عبدالسبحان ميمڻ معاملي جي نئين سر جاچ ڪرڻ جي تصديق ڪندي چيو ته وڏي وزير جي هدايتن تحت امتحان ۾ ٿيل فراڊ جي نئين سر جاچ ڪئي ويندي ان لاءِ امتحان جو سمورو رڪارڊ ۽ اڳ ۾ ٿيل جاچ رپورٽون طلب ڪيون ويون آهن، جاچ دوران اميدوارن جي جوابي ڪاپين ۽ مارڪ شيٽن جو جائزو ورتو ويندو، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي موجوده انتظاميا ۽ فراڊ جي الزام هيٺ آيل سنڌ پبلڪ سروس ڪميش جي ان وقت جي چيئرمين حسن ڀٽو، ڪنٽرولر عمر زنئور ۽ ٻين عملدارن جا بيان به رڪارڊ ڪيا ويندا، جاچ شفاف نموني ڪري رپورٽ وڏي وزير کي پيش ڪئي ويندي پوءِ حڪومت وڌيڪ ڪارروائي ڪندي.واضح رهي ته ان فراڊ جون ٻه انڪوائريز اينٽي ڪرپشن ۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي هڪ ٽيم ڪري چڪيون آهن ۽ اهڙو ڪيس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پڻ هلي رهيو آهي.

2003ع جي چٽا ڀيٽي واري امتحان ۾ پاس ڄاڻايل 54 آفيسرن کي 18 هين گريڊ ۾ ترقي ڏيڻ لاءِ سرگرميون شروع

ڪراچي: چٽا ڀيٽي جي امتحان ۾ فراڊ ذريعي پاس ٿي ڀرتي ٿيل آفيسرن کي 17 هين گريڊ مان 18 هين گريڊ ۾ ترقيون ڏيڻ جون سرگرميون شروع ٿي ويون، عيد کانپوءِ سليڪشن بورڊ قائم ڪري کين ترقيون ڏنيون وينديون، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چٽا ڀيٽي واري امتحان ۾ فراڊ ڪري فيل ٿيل 54 اميدوارن کي پاس ڪري 17 هين گريڊ جون پوسٽون به الاٽ ڪيون ويون هيون، جيڪي آفيسر هن وقت مختلف شعبن ۾ مقرر ٿيل آهن، ذريعن موجب فراڊ ۽ جعلسازي وارن انهن آفيسرن کي 17 هين گريڊ مان 18 هين گريڊ ۾ ترقيون ڏئي اهم پوسٽون ڏيڻ جون سرگرميون شروع ڪيون ويون آهن ۽ عيد کان پوءِ سليڪشن بورڊ گهرائي انهن آفيسرن جون ترقيون ڪيون وينديون، ذريعن موجب جعلسازي وارن آفيسرن مان ميمونا شاهه، ايحان ڀٽو، ڊاڪٽر نثار لغاري، ڪرن شيخ، شعيب کيڙو، ڪامران کيڙو، محمد جمن ٿيٻو، شبير سيٺر، ارشاد کوکر، اياز صديقي، فواد سومرو ۽ سيف الله ابڙو کي پهرئين مرحلي ۾ سينارٽي جي بنياد تي ترقيون ڏنيون وينديون، ان حوالي سان فارملٽيز پوريون ڪيون ويون آهن، ذريعن موجب قانون تحت جنهن سرڪاري ملازم خلاف ڪيس ۽ جاچ هلندي آهي ان کي ترقي نٿي ڏئي سگهجي ۽ مٿين آفيسرن خلاف به عدالت ۾ ڪيس هلي رهيو آهي پر ان باوجود کين ترقيون ڏنيون پيون وڃن.

جعلسازي ذريعي پاس ٿيل ڪيترا آفيسر او پي ايس تي مقرر ٿيل

ڪراچي: ڪميشن جي امتحان ۾ جعلسازي ذريعي پاس ٿيل انهن آفيسرن مان ڪجهه آفيسرن تي حڪومت جي ايتري نوازش آهي جو سپريم ڪورٽ جي حڪمن باوجود کين او پي ايس تي 18 هين گريڊ جي اهم پوسٽن تي مقرر ڪيو ويو آهي، جن مان ميمونا شاهه 17 هين گريڊ جي آفيسر هجڻ باوجود 18 هين گريڊ جي ڊپٽي سيڪريٽري ڪابينا بڻيل آهي، اهڙي طرح ايحان ڀٽو به 18 هين گريڊ ۾ ڊپٽي سيڪريٽري هوم مقرر ٿيل آهي، جمن ٿيٻو به ڊپٽي سيڪريٽري ڪوآپريشن جي سيٽ تي ويٺل آهي، جڏهن ته ڪرن شيخ ۽ شبير سيٺر اسسٽنٽ ڪمشنر بڻيل آهن.ٻئي طرف ڪاوش اخبار ۾ اهڙي فراڊ بابت اسٽوري ڇپجڻ کان پوءِ متاثر ٿيل اميدوار ميدان ۾ اچي ويا آهن ۽ انهن اها جاچ رپورٽ حاصل ڪري الڳ الڳ عدالت ۾وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته 13 متاثر اميدوارن جو ڪيس اڳ ۾ ئي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ هلي رهيو آهي، هوڏانهن ذريعن موجب وڏي وزير جي حڪم تي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي 2003ع واري چٽا ڀيٽي واري امتحان جو سمورو رڪارڊ سيل ڪري حڪومتي تحويل ۾ ورتو ويو آهي ته جيئن ان رڪارڊ کي گم نه ڪري سگهجي.

The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: [email]kawish12@gmail.com[/email]

Raz Sunday, August 25, 2013 11:10 PM

[url]http://www.thekawish.com/www3/home_page/News-5.html[/url]

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي 2003ع واري امتحان ۾من پسند 54 اميدوار فيل هجڻ جي تصديق، رپورٽ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش

ڪراچي (رپورٽ: رشيد ميمڻ) سنڌ جي سڀ کان وڏي امتحان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چٽاڀيٽي واري امتحان 2003ع ۾ ٿيل فراڊ بابت اهم اڳڀرائي، سنڌ هاءِ ڪورٽ فراڊ بابت ٿيل جاچ رپورٽون پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، ڪميشن جي اڳوڻي ڪنٽرولر امتحان جي نتيجن بابت ”ري ڪاسٽ“ لسٽ عدالت کي پيش ڪري ڇڏي، جنهن ۾ فراڊ ذريعي پاس قرار ڏئي ڪامورا بڻايل 54 آفيسرن کي فيل قرار ڏنو ويو آهي، تفصيل موجب سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي 2003ع واري چٽاڀيٽي جي امتحان جي نتيجن ۾ ڪميشن جي ان وقت جي چيئرمين حسن ڀٽو ۽ ڪنٽرولر محمد عمر زنئور جي ملي ڀڳت سان وڏي هيراڦيري ڪري 54 اهل اميدوارن کي فيل ۽ فيل ٿيل 54 من پسند اميدوارن جون وري مارڪون وڌائي کين ڪامياب قرار ڏنو ويو هو، جعلسازي ذريعي پاس ڪيل اميدوار هن وقت سنڌ حڪومت جي ڪامورا شاهي ۾ اهم سيٽن تي ويٺل آهن، متاثر اميدوارن سليم شيخ سميت 25 اميدوارن پاران اهڙي جعلسازي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيس هلي رهيو هو، عدالت پاران ڪيس جي باقاعده ٻڌڻي شروع ڪئي وئي آهي، 2 ڏينهن اڳ ٿيل ٻڌڻي دوران هاءِ ڪورٽ ۾ انڪشاف ٿيو ته امتحانن ۾ ٿيل فراڊ بابت سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ڪاميٽي ۽ اينٽي ڪرپشن پاران ڪيل جاچ جون رپورٽون عدالت کي فراهم نه ڪيون ويون آهن ۽ اڍائي سالن کان اهي رپورٽون حڪومتي وڪيل ايڊووڪيٽ جنرل جي آفيس ۾ پيل آهن، عدالت آڏو رپورٽون پيش نه ڪرڻ تي عدالت ڪاوڙ ظاهر ڪندي اسسٽنٽ ايدووڪيٽ جنرل عدنان ڪريم کان پڇاڻو ڪيو ته متاثر اميدوارن جون رپورٽون موجود آهن، باقي عدالت کي ڇو پيش ناهن ڪيون ويون، سرڪاري وڪيل موقف اختيار ڪيو ته رپورٽون اهم آهن،ا ن ڪري ناهن کي محفوظ رکيو ويو آهي، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ٻئي جاچ رپورٽون پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، عدالت ۾ فراڊ جي جاچ ۽ رپورٽ تيار ڪندڙ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي اڳواڻي ڪنٽرولر ابرار مرزا ذاتي طور تي پيش ٿي امتحان جي نتيجن بابت ٻيهر تيار ڪيل اهل اميدوارن واري ”ري ڪاسٽ“ لسٽ عدالت کي پيش ڪئي، جنهن ۾ فراڊ ذريعي ڪامورا شاهي ۾ اهم عهدن تي ويٺل 54 ئي آفيسرن کي فيل قرار ڏنو ويو آهي ۽ ان لسٽ ۾ جن کي ڪميشن فيل قرار ڏنو هو، انهن کي پاس قرار ڏنو ويو آهي، عدالت کي متاثر اميدوارن جي وڪيلن آگاهي ڏني ته 2 جاچون ٿيڻ باوجود ڪيس کي خراب ڪرڻ ۽ امتحان جو رڪارڊ ختم ڪرائڻ لاءِ وزيراعليٰ انسپيڪشن ٽيم کي وري جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، ان کي روڪيو وڃي، عدالت ايندڙ ٻڌڻي 25 سيپٽمبر تي مقرر ڪئي آهي، ٻئي طرف متاثر اميدوارن ”ڪاوش“ سان ڳالهائيندي چيو آهي ته امتحان ۾ ميرٽ جو قتلام ڪري نااهل اميدوارن کي پاس قرار ڏنو ويو، جڏهن ته محنت ڪري امتحان پاس ڪندڙن کي نااهل قرار ڏنو ويو، جيڪا وڏي ناانصافي آهي، پاس قرار ڏنل اميدوار هن وقت اهم حڪومتي عهدن تي مقرر ٿيل آهن، جڏهن ته سندن تعلق بااثر گهراڻن ۽ ڪامورن سان آهي، ان ڪري حڪومت کين بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، وزيراعليٰ انسپيڪشن ٽيم کي جاچ رڪارڊ ختم ڪرڻ لاءِ ڏني وئي آهي، اسان کي ان انڪوائري تي خدشا آهن، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي پنهنجي جاچ ٽيم ۽ اينٽي ڪرپشن اهڙي فراڊ بابت جاچ ڪري رپورٽون ڏئي چڪا آهن ته پوءِ نئين انڪوائري جي ڪهڙي ضرورت آهي، اسان کي اميد آهي ته اسان کي انصاف ملندو ۽ فراڊ ذريعي ڪامورا بڻيل آفيسرن کي برطرف ڪيو ويندو، ڇو ته انهن آفيسرن جو ڪيس هلڻ تائين ترقيون روڪيون وڃن ۽ عهدن تان هٽايو وڃي.

ڪميشن ۾ فراڊ ذريعي پاس ٿيڻ جي الزام

هيٺ آيل ڪامورن کي ترقين جو فيصلو

ڪراچي: ڪميشن جي امتحان ۾ فراڊ ذريعي پاس قرار ڏئي 17 هين گريڊ جي پوسٽن تي مقرر ٿيل آفيسرن کي جاچ ۾ نااهل قرار ڏيڻ ۽ عدالت ۾ ڪيس هلڻ باوجود 18 هين گريڊ ۾ ترقيون ڏيڻ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب چيف سيڪريٽري جي سربراهيءَ ۾ قائم ترقين واري بورڊ ترقيون ڏيڻ جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي، انهن ترقين ۾ فراڊ وارن 54 آفيسرن اهيان ڀٽو، ميمونه شاهه، ڪرن شيخ، مولابخش شيخ، مختيار ملاح، ارشاد کوکر، محمد جمن ٿيٻو، شبير، اياز صديقي، عاشق چانڊيو، نثار لغاري، يعقوب مڱريو، علي گل سنجراڻي، نوشين عثمان، ڪامران کيڙو ۽ ٻين کي به 18 هين گريڊ ۾ ترقيون ڏنيون وينديون، مٿين مان اڪثر آفيسر ترقي ملڻ کان اڳ ئي او پي ايس تي 18 هين گريڊ ۾ اهم عهدن تي مقرر ٿيل آهن، جن مان ميمونه شاهه ڊپٽي سيڪريٽري ايس اينڊ جي اي ڊي، مولابخش شيخ ڊپٽي سيڪريٽري زراعت، مختيار ڪرن شيخ ڊپٽي سيڪريٽري جيلز، ارشاد کوکر ڊپٽي سيڪريٽري ثقافت، علي گل سنجراڻي ڊپٽي سيڪريٽري تعليم طور ڪم ڪري هريا آهن، ذريعن موجب انهن آفيسرن پاڻ کي بچائڻ ۽ جاچ رپورٽن مان نالا ڪڍرائڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن.

وڏي وزير جي هدايت تي جاچ ڪندڙ ٽيم ۾ فراڊ

ذريعي پاس ٿيندڙ هڪ اميدوار جو والد به کنيو ويو

ڪراچي: سروسز جي حوالي سان آئوٽ آف ٽرن، ضم ۽ ڊيپوٽيشن واري ڪيس جيان ڪميشن جي فراڊ وارو ڪيس به وڏو معاملو ٿي ويو آهي، عدالت ۾ اميدوارن پاران 25 وڪيل پيش ٿيا، ساڳئي ڪيس ۾ ايڏا وڪيل پيش ٿيڻ تي سڀ حيران ٿي ويا، هوڏانهن سنڌ حڪومت پاران جنهن وزير اعليٰ انسپيڪشن ٽيم کي معاملي جي جاچ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، ان ٽيم ۾ ڪنسلٽنٽ طور ڪم ڪندڙ حسن شاهه بخاري فراڊ ذريعي پاس ڪيل ۽ ڪاموري ڊپٽي سيڪريٽري ميمونه شاهه جو والد آهي، ان ڪري جاچ ٽيم تي اميدوارن خدشا ظاهر ڪيا آهن.

The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167

Babakhan Monday, August 26, 2013 11:54 AM

@Raz and all concerned

I used to follow the proceedings of this case regularly when I was in Pakistan but now only source of information is online version of Kawish. Few of my concerns regarding this case are:

Why judges failed for two and half years to instruct Sindh Govt to produce Anti-corruption and SPSC report in the court? What the lawyers have been doing in this period?

How re-caste merit list will be made because there were hundreds who passed in written portion but wilfully decalred failed by SPSC in one or two papers in written portion but could not reach the interview stage infact couple of petitioners in this case are those who failed written portion but did not appear in interview. All paasers will be asked to appear in interview again?

Raz Monday, August 26, 2013 03:15 PM

[QUOTE=Babakhan;641603]@Raz and all concerned

I used to follow the proceedings of this case regularly when I was in Pakistan but now only source of information is online version of Kawish. Few of my concerns regarding this case are:

Why judges failed for two and half years to instruct Sindh Govt to produce Anti-corruption and SPSC report in the court? What the lawyers have been doing in this period?

How re-caste merit list will be made because there were hundreds who passed in written portion but wilfully decalred failed by SPSC in one or two papers in written portion but could not reach the interview stage infact couple of petitioners in this case are those who failed written portion but did not appear in interview. All paasers will be asked to appear in interview again?[/QUOTE]

Responding to your first question: Government was trying to absorb that case. Government has again attempted to bring results of its own choice by handing over this case to CM committee.

Second question: Since the re-casted merit list has not been made public we cann't comment over it.

[B]If any member is party to above case including Mr. Salim Shaikh, please contact me via my e-mail.[/B]

Raz Wednesday, August 28, 2013 11:59 AM

[url]http://www.thekawish.com/www3/home_page/News-17.html[/url]

وزيراعليٰ انسپيڪشن ٽيم طرفان ڪميشن امتحان ۾ جعلسازي جي جاچ شروع

ڪراچي (رپورٽ: رشيد ميمڻ) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي 2003ع واري چٽاڀيٽي واري امتحان ۾ ٿيل جعلسازي بابت وڏي وزير سيد قائم علي شاهه نوٽيس وٺندي چيف سيڪريٽري کي معاملي جي اڻ ڌري جاچ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، جڏهن ته چيف سيڪريٽري کي معاملي جي ٿيل سمورين انڪوائريز بابت تفصيل ۽ جاچ رپورٽون پيش ڪرڻ جي هدايت به ڪئي وئي آهي. وزير اعليٰ هائوس پاران چيف سيڪريٽري کي خط لکي چيو ويو آهي ته امتحان ۾ ٿيل جعلسازي بابت تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. اهو به ٻڌايو وڃي ته فراڊ وارا اهي آفيسر ڪٿي ۽ ڪهڙين ڪهڙين پوسٽن تي مقرر آهن، جڏهن ته جاچ ڪيئن ۽ ڪنهن ڪنهن ڪئي آهي؟ ٻئي طرف وزيراعليٰ انسپيڪشن ٽيم کي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن متاثر ۽ فراڊ وارن اميدوارن بابت تفصيل پيش ڪري ڇڏيا آهن، جن ۾ فراڊ ذريعي ڪامورا بڻيل آفيسرن جي فيل هجڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي، ان سلسلي ۾ وزيراعليٰ انسپيڪشن ٽيم جي سربراهه سبحان ميمڻ ”ڪاوش“ کي ٻڌايو ته اسان جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن امتحان جو رڪارڊ ڏنو آهي، جنهن جو اڄ جائزو ورتو ويندو، جاچ دوران متاثر ۽ فراڊ جي الزام هيٺ آيل آفيسرن جا بيان به رڪارڊ ڪيا ويندا ۽ جاچ مڪمل طور تي اڻ ڌري ڪئي ويندي. وڏي وزير جيڪڏهن جاچ ۾ اڳڀرائي بابت رپورٽ گهري آهي ته ان کي ڏني ويندي.

The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: [email]kawish12@gmail.com[/email]

Babakhan Wednesday, August 28, 2013 12:18 PM

As far as my little observation is concerned, CM Inspection team is constituted to twist the findings of SPSC and Anti-Corruption dept. Team will reveal few more angles in already conducted enquiries to divert already slow courts and this issue will be lingered on for another good 2-3 years. The future of JALI officers does not seem that bleak because our honorable CM and deserved politicians are with them hand in hand. If they wanted truth to be prevailed they would have allowed courts to decide on the basis of findings of SPSC and Anti Corruption inquiries. Mr. Subhan Memon's is placed way above the sagacity of courts by honorable CM. Jiye Bhutto


11:49 PM (GMT +5)

vBulletin, Copyright ©2000 - 2024, Jelsoft Enterprises Ltd.