#61
|
||||
|
||||
هن خوف ۾ مان راتون، جاڳي کذاريان ٿي نيڻن جي ٻوٽجنڻ سان، سپنا نه پون جاڳي ********************* گلابي مند ۾ پوئيل ڪڏهن ڪا شام مون کي ڏي اڌورائي سهي سانئڻ اکين جا جام مون کي ڏي |
#62
|
||||
|
||||
وَهَ تِکَ، واهُڙَ تِکَ، جِت نِينهُن، تِکَ نرالِي؛
جِن کي عِشقُ عَمِيَقَ جو، خِلوَتَ خِيالِي؛ وارِئين سا، والِي! هِنَئڙو جِن هَٿِ ڪيو. واهُڙَ وَهَنِ نَوان، اَڃا وَهُ اَڳي ٿيو؛ گَھرِ ويٺيون گَھڻا ڪريو، سَرَتِيُون سَڱَ سَنوان؛ صُورَتَ جا ساهَڙَ جِي، سا جي ڏٺِي آن؛ هُوندَ نه پَليو مان، گِھڙو سڀ گَھڙا کـڻِي. ڪَنڌِي اُڀيُون ڪيتريُون، ”ساهَڙُ ساهَڙُ“ ڪَنِ؛ ڪنِين سانگو ساهَ جو، ڪي ”گھورِيِسَ“ ڪيو گِھڙَنِ؛ ساهَڙُ سَندو تَنِ، گھاگھائي گِھڙنِ جي. وَڻَنِ ويٺا ڪانگَ، وِچِين ٿِي ويلا ڪري؛ گِھڙِي گَھڙو هَٿِ ڪري، سُڻِي سانجِھيءَ ٻانگَ؛ سيئِي ڍُونڍي سانگَ، جِتي ساهَڙُ سُپِرِين. گِھڙِي گَھڙو هَٿِ ڪري، ٻَهُون نِهاري ٻَنگُ؛ سر در يار فِدا شُد چه بَجا شُد، وَصۡلَ اِهوئِي وَنگُ؛ رات جنِين جو رَنگُ، الا! سي اُڪارِئين. گِھڙِي گَھڙو هَٿِ ڪري، ٻَهُون نِهاري ٻَنگُ؛ وَ اَمَّامَنۡ خَافَ مَقَامَ رَبِّہٖ، اِيُ لَنگِھيائِين لُنگُھ؛ سِڪَندِيَنِ کي، سَيَّدُ چَئي، ڪِينَ جَھلِيندو جَھنگُ؛ راتِ جِنِين جو رَنگُ، الا! سي اُڪارِئين. گِھڙِي گَھڙو هَٿِ ڪري، اِلاهِي تُهارَ! ڄَنگَھ ڄَرڪي واتَ ۾ سِسِيءَ کي سيسارَ؛ چُوڙا ٻِيڙا چِڪَ ۾، لُڙَ ۾ لُڙِهيَس وارَ؛ لَکين چُهٽيسِ لوهِڻـيُون، ٿيلهيُون ٿَـرَنِئُون ڌارَ؛ مِڙيا مَڇَ هزارَ، ڀاڱا ٿِيندِي سُھڻِي. گَھڙو ڀَڳو ته گھوريِو، مَرُ چُورُ ٿِئي چُوڙو؛ طالِبُ الۡمولىٰ مُذَڪَّرٌ، اِيُ ٻُڏَندَنُ ٻُوڙو؛ ڪوڙِهيو ڏَمُ ڪُوڙو، مُون ميهارُ مَنَ ۾. گَھڙو ڀَڳو ته گھوريِو، پاڻان هو حِجابُ؛ واڄَٽُ وڄي وُجُودَ ۾، رهيو رُوحَ رَبابُ؛ ساهَڙَ رِءَ صَوابُ، آءٌ گھڻو ئِي گھورِيان. گَھڙو ڀَڳو ته گھوريِو، تان ڪِي تَرُ، هِنيان! اَدَبُ اَکَڙِيُنِ کي، ڏيهاڻِي ڏِيان؛ ميهارَنِ مِيان، سَئون سُونهايَم پيچِرو. گَھڙو ڀَڳو ته گھوريِو، آسَرَ مَ لاهيجِ؛ لَا تَقۡنَطُو ا مِنۡ رَّحۡمَةِ اللهِ، تُرهي اِنَ تَريجِ؛ حَبِيباڻِي هيجِ، پَسِين مُنهُن ميهارَ جو. گَھڙو ڀَڳو، مُنڌَ مُئِي، وَسِيلا وِيا؛ تِنهان پوءِ سُئا، سُهڻِيءَ سَڏَ ميهارَ جا. پاڻُ مَ کَـڻـجِ پاڻَ سين، وَسِيلا وِسارِ؛ لُڙُ لنگھائي، سُهڻِي! پِرتِ وِجھنديءِ پارِ؛ سي تُرتُ لنگِھينديُون تارِ، اُڪَنڍَ آڳَہُ جن سين. پاڻُ مَ کَـڻـجِ پاڻَ سين، رِءِ وَسِيلي وانءُ؛ مَٿان سائِرَ، سُهڻِي! پِرتِ وٺجي پانءُ؛ نينهن ڳِنهندي نانءُ، ونءُ پِريان جي پارَ ڏي. ڪونهي آڳَہُ اَهِڙو، جهڙِي مُحبتَ مَنِ؛ اُڀيُون اورئين پارَ ڏي، ڪُوڙيُون ڪَکَ پُڇَنِ؛ نَدِي تِن نيڙُ ٿِئي، جي رِيءَ تُرهي تَرَنِ؛ سِڪَ رَساڻي، سُهڻِي! اَصۡلِ عاشِقَنِ؛ سي جَھليُون ڪينَ ڪُنَنِ، پُڇَنِ جي ميهارَ کي. پُڇَنِ جي ميهارَ کي، پُڇي سي ميهارَ؛ تُرَهو تِنِين بارُ، عِشقُ جنِين کي آڪِرو. ساهَڙُ، سا سُهڻِي، سائِرُ پڻ سو ئِي؛ اهي نِجو ئِي، ڳُجُھ: ڳُجھاندَرَ ڳالھڙِي. Regards Azhar Hussain Memon
__________________
Still a long way..... |
#63
|
|||
|
|||
اڃان ڪا ياد تازي آ نماڻي ساه منهنجي جي اڃان سڪرات ساڳي آ اڃان آڪاش تي تارا ڪتيون ۽ رات ساڳي آ اهو ساڳيو اڱڻ منهنجو اهو بستر ۽ چانڊوڪي اهو تنهنجو اچي چوري چمڻ مونکي نه ٿو وسري ڀلا وسري ته ڪيئن وسري چپن ۾ ڪجهه چوڻ تنهنجو ڦٽي پرڀات ساڳي آ اڃان سڪرات ساڳي آ اڃان سڪرات ساڳي آ (عارف ڀنڊ) Last edited by Viceroy; Monday, July 13, 2009 at 03:43 PM. |
#64
|
|||
|
|||
اسان جي وارثي ڪريو اسان جي وارسي ڪريو موئن جي دڙي جيان وڃون ٿا لٽجندا پيا اسان جي عاشقي پرين اداس موسمن جيان لڳي ٿي بيحسي رڳو نه مهڪ جو بدن نرم نه سوجهرن جوئي سهن نه شام ڪا ميرانجهڙي نه ئي صبح جي بانسري اسان جو ڪو حصو بڻيو نه چنڊ ئي کلي ڏٺو نه سج ئي مڙي ڏٺو نه تارڙن جي قافلي اسان جي آجيان ڪئي نڪي گلاب راه ۾ اسان جا منتظر رهيا نڪي ڪنواري ٻانهن ۾ اسان جي عشِق جا ڪنگڻ ٿا گيت ڳائي رڪس ڪن اهوئي دردي شام بس اسان جي دل جي ڪاٺ کي سري جيان لڳي ويو Last edited by Viceroy; Monday, July 13, 2009 at 03:38 PM. |
#65
|
|||
|
|||
درد تنهنجو مٺو به ڏاڍوآ،
ڪئين چوان مان ته دل ڏکائي ٿئي، Last edited by Viceroy; Monday, July 13, 2009 at 03:38 PM. |
#66
|
|||
|
|||
سدا مرڪندا شال جڳ ۾ وتو،
اسين جي رنا سي ته ڇا ٿي پيو، اونهان شال منزل کان اڳتي هجو، اسين جي کٽا سين ته ڇا ٿي پيو Last edited by Viceroy; Monday, July 13, 2009 at 03:39 PM. |
#67
|
|||
|
|||
وساريان مان ڪيئن توکي؟
اماوس رات جي پيرن ۾ تنهنجي سار جا گهنگهرو ٻڌل آ ڇير تارن کي الاپي راڳ تنهنجي نانءُ جو هر پل ٿو چندرما اکيون ڀي دور تائين ٿيون پسن تنهنجي ئي چهري کي اکيون ٻوٽيان ته اونده ۾ تصور تنهنجي زلفن جو وساريان ڪيئن مان توکي؟ Last edited by Viceroy; Monday, July 13, 2009 at 03:39 PM. |
#68
|
|||
|
|||
مرڻ کان وٿوري ، جيئڻ ڪان پري،
عجب قيد ۾ آ اڙي زندگي Last edited by Viceroy; Monday, July 13, 2009 at 03:39 PM. |
#69
|
|||
|
|||
ڪو جام ڏيو مدهوش ٿيان، ڪنهن بادل کي چئو چنڊ ڍڪي، هيءُ پن ڇڻ رت جي چانڊوڪي احساسن لاءِ ڪاسائي آ. Last edited by Viceroy; Monday, July 13, 2009 at 03:40 PM. |
#70
|
|||
|
|||
♥ ¸.•*¨)
(¸.•´♥♥ .¤`¤* تون جي ڇڏي ويوهان يادون ته ساڻ هن تون سان گذاريل پل ڳالهيون ته ساڻ هن ياد کان جان پنهنجي آزاد مون نه ڪئي اجڙي وئي جا دل ها آباد مون نه ڪئي ♥ ¸.•*¨) (¸.•´♥♥ .¤`¤* Last edited by Viceroy; Monday, July 13, 2009 at 03:40 PM. |
|
|
Similar Threads | ||||
Thread | Thread Starter | Forum | Replies | Last Post |
English Poetry | DANISH_KHAN | English Poetry | 2 | Sunday, October 13, 2019 02:26 PM |
History of English literature | Naseer Ahmed Chandio | English Literature | 18 | Saturday, October 20, 2012 03:03 PM |
The Poetry of Confession | free thinker | English Literature | 0 | Friday, May 26, 2006 07:17 AM |
Sindh Province (Introduction) | Naseer Ahmed Chandio | General Knowledge, Quizzes, IQ Tests | 0 | Friday, May 05, 2006 10:20 AM |