#51
|
||||
|
||||
آزاد نظم تون چوين ٿي ته تنهجي چپن تي لکان تنهجي ڳاڙهي گلابي وڳن تي لکان چيلهه جي خمَ تي چال رنگين تي ۽ گلابي ڳلن تي ڪيان شاعري تون صحيح ٿي چوين ٺيڪ سوچين پئي قصيدو به ڄڻ ڪوئي ٽانڪ هجي! جيڪو روحن کي راحت ڏئي ٿو ڇڏي جهٽ گهڙيءَ لئه صحيح دردَ ميٽيو ڇڏي! پر او منهجي مٺي! منهنجي پياري مٺي! دل چوي ٿي ته اڄ ڪوئي نوحو لکان مان ڪيان شاعري ديس جي دردَ تي! تو جيان ڪيتريون هِت مِٺيون ٿيون مرن ۽ ابهم بکن تي اجل ٿا وٺن! ڳالهه ننڍڙي هجي ڳالهه وڏڙي هجي روز ڳڀرو مرن ٿا اسانجا مٺي! روز جرڳا ٿين ۽ ٿين فيصلا ملڪ جا پاسبان ڌارين لاءِ ڪيڏا جتن ٿا ڪرن ويٺا نيڍون ڏين ۽ پيا سينڍون ڏين سنڌ سڏڪي پئي هانوَ هيڻي سان جهيڻي ۾ ٿي ڄڻ چوي: ”اڄ ته مون تي به لک!“ ”اڄ ته مون تي به لک!“ منهنجي دل ٿي چوي ديس جي دردَ تي اڄ ڪيان شاعري! ڪجهه ته مان ڀي ڪيان ڪجهه ڪرڻ ڏي مٺي! تون نه دل ۾ ڪجان ديس تي ٿو لکان ديس آهي ته تون مان به آهيون مٺي! ورنه ڇا ٿو بچي هي مُهن جو دڙو ۽ لڪيءَ جا جبلَ يا ڪا ٻي يادگار! جي اٿئي مونسان پيار آءُ زنده رهڻ جي ڪيون گفتگو! آءُ زنده رهڻ جي ڪيون جستجو!! |
The Following 2 Users Say Thank You to sara soomro For This Useful Post: | ||
Ainee Sindhu (Wednesday, May 16, 2012), kamran akber (Friday, June 19, 2009) |
#52
|
|||
|
|||
آزاد نظم ڪامران اڪبر سومرو اڀ ۾ ڏسي کلي کلي جيئڻ واروُ چنڊ ستارن ۽ آسمانن ۾ هر دم محو رهڻ واروُ ڪڏهن ڪڏهن ئي اوهان پنهنجي ارڏي ڪنڌ کي ٿورو نوائي، ڌرتئ ڏانهن ب ڏسندا ڪريو ڪٿي اوهان جي بيخيالئ ۾ انسانيت جا گل انوکا ائين توهان جي پيرن هيٺان، وڃن ن لتاڙجي پتيون پريون ٿي وڃن ن وکري اڀ ۾ ڏسي کلي کلي جيئڻ واروُ |
#53
|
||||
|
||||
Now My Turn!
I am surrounded by a crowd,
But from all directions, silence is calling out. People are like figures carved in stone, I look towards them But stones cannot see where I am looking. I rang so many bells But still From all directions, silence is calling out. My voice echoes in the air, This single being of mine makes so much noise! The heart screams and goes "thump, thump", The crackling of my breathing loudly complains, In my veins blood flows swiftly like a river in flood. This noise from deep inside me Mixes with the sounds of the wind. This noise of silence May it not work on me, And the deep stillness of everything May it not turn me into stone. Atiya Dawood "the famous feminist"
__________________
Still a long way..... |
#54
|
||||
|
||||
Zuhaib Ahmed Odho
شيخ اياز جي شاعري
ڇا لاءِ مرن ۽ مارن ٿا ، هي جڳ جا جھيڙا ڇا معنى ؟ ڪنهن ساڻ وڙهين ٿو سپني ۾ ، هي گوڙ بکيڙا ڇا معنى ؟ هي ساٿي ڪهڙا ساٿي ها ؟ آ هر ڪنهن پنهنجي راھه ورتي، هو هَر ڪنهن کي هيکل وڃڻو ، هِي سارا ميڙا ڇا معنى ؟ هي چوڳو آهي چار گهڙيون ، پو پَنک پکيڙي اُڏرين ٿو ، ويا هر ڪنهن جا ڪيڏانهن وَلر ؟ هي واءُ وِکيڙا ڇا معنى ؟ آ ڪيڏو سمنڊ ۾ اَجھاڳُ پرين، هت ناهي ڪنهن جو ماڳُ پرين! ڪو ئي به ڪنارو ڪو نه آهي ، هي تُنهنجا ٻيڙا ڇا معنى؟ تو مَڌُ پيتو هن وَستيءَ ۾ ، ۽ واڳ وٺين ٿو مستيءَ ۾ ، پَر تنهنجو ماڳُ ” ايـــــــــاز “ ڪٿي ؟ هي سارا ليڙا ڇا معنى ؟ |
#55
|
||||
|
||||
Zuhaib Ahmed Odho
شيخ اياز جي شاعري
جي پنهنجو پنهنجو نور نچائي ويا، ۽ تنهنجي جوت جلائي ويا، سي لُڙڪ مٽيءَ ۾ لـــــوئــــي ويا، پر ڇا ڇا موتي پائي ويا! سي وڻ وڻ لوڏي واءُ ٿيا ، سي پَن پَن ۾ پرلاءُ ٿيا، جي بَن بَن بِينَ وڄائي ويا ، جي تن من واري ڳائي ويا. مون ڌرتي تُنهنجا ڌِڱ ڏٺا ، مون تن جا لويل لڱ ڏٺا، جن وڙهندي وڙهندي جان ڏني ، سي وارا وير وڄائي ويا. اڄ ڪو به ڳچيءَ ۾ ڳٽ نه آ ، ڪو مُڙس انهن جو مٽ نه آ، جي سارا ڪوٽ اَڏائي ويا ، سي گھوٽ اسان کي گھائي ويا. مون اڻ ٿيڻا انسان ڏٺا ، مون سوريءَ تي سو مان ڏٺا، اي ڌرتي! ڇا ڇا ڪونڌر ها ، جي پنهنجا ڪنڌ ڪَپائي ويا! مون ويندي تن جا پير ڏٺا ، مون ڇا ڇا مُڙس مٿير ڏٺا ! جي ڪيئي سِج اڀاري ويا ، جي ڪيئي سِج سمائي ويا. مون ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌ ڏِٺا ، مون ساڻا ساڻا سَنڌَ ڏٺا، مون ڇا ڇا مائيءَ لال ڏٺا ، جي لوئيءَ لڄ بچائي ويا! سي جيءَ جيارا ماڻهو ها ، سي سڀ کان پيارا ماڻهو ها، جن ساهه ڏئي ، ويساهه ڏنو ، جي دل ۾ درد دُکائي ويا. هو بادل بادل آيا ها ، جن جَل ٿَل ڀال ڀَلايا ها ! اي کيت کِڙو ، او شال ٽِڙو ! هُو پنهنجا مينهن وسائي ويا. ويا پريت ڏئي هُو پاڻيارا ، اڄ ڪينجھر تن جا ڪاڻيارا، ڇا راڱا تن سان رُڃ ڪيا ، جي تنهنجي اڃ اجھائي ويا! هُو پيار پتنگا کامي ويا ، ۽ ڪيڏو دُور اڏامي ويا ! پر تنهنجي منهنجي ڏيئي ۾ ، هُو پنهنجي جوت سمائي ويا. ڪلهه رات مسافر آيا ها ، جن پنهنجا جيءَ جلايا ها، ٿي ڇا ڇا ڄرڪا ڄاڻَ ڪري ، هُو ڪيڏا مَچ مچائي ويا! ڇا ڇا نه وسيِهَر ـــــــــــــــ وَنگَ هُيا ! پر نانگا يار نسنگ هُيا، ڪي تُنهنجو رُوپ نِکاري ويا ، جي تنهنجي سينڌ سَجائي ويا. ڇا نعرا ها ڇا نينهن هُيا ! هئه مڙس هُيا يا شينهن هُيا! جي ڏونگر ــ ڏيل ڏڪائي ويا ، گجگوڙ ڪري گرمائي ويا. آ ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه مڻيا ، پر مون کي اهڙا مڙس وڻيا، جي سارو جڳُ جرڪائي ويا ، پر پنهنجو پاڻ ملهائي ويا . جِن پاسو ورتو ڪُوڙ ڪنان ، هي مُڙس نه ويندا مُور مَنان، جن واڪي واڪي وَس ڪيا ، جي سارو سچ ٻُڌائي ويا. اڄ ڇوهَه انهن جا ڇوليءَ ۾ ، اڄ ٻولَ انهن جا ٻوليءَ ۾ اي ڌرتي! تُنهنجيءَ جھوليءَ ۾ ، جي سُورهيه سِيس ڇُپائي ويا. هي چوٽيءَ چوٽيءَ تي مشعل ، هي جھوليءَ جھوليءَ ۾ گُل ڦُل، ويا سانول ڇا ڇا سَڳ ڇڏي! ڇا جَندڙيءَ کي جَرڪائي ويا ! ڇا سمجهي تن کي جيءَ جَڏي ، آ تِن جي ڳاڙهي ڳالهه وڏي، ها ڇا ڇا ارڏا ڪَنڌ اَڏي ! جي تو کي مَيندي لائي ويا. هي بِرهه به ڪوئي بَڙُ آهي! ڇا جانٺي اُن جي جَڙَ آهي! مون اُن ۾ ڪيڏا ڏار ڏٺا ، جي ڇانو ڪري ، مَن ڀائي ويا. اي آري! تنهنجي آڍَ هُئي ، پر ڏونگر ڏاڍا ڏاڍ ڪيا! هِي تُنهنجا پيارا پيرا ها ، جي پنهنجو پنڌ پُڄائي ويا. ڪِئن تو کي ڪاري ٻاٽَ مڃان ، ٿي چڻنگ ڪري چمڪاٽ اڃا، آ ٽِم ٽِم ٽِم ٽِم لاٽ اڃا ، جا جوڳي ڪالهه جلائي ويا . هيءَ جان ته اچڻي وڃڻي آ ، پر مرندي مات نه مڃڻي آ، مون اهڙا سو ساونت ڏٺا ، جي پنهنجو هَٺ هلائي ويا. ڏسُ! باک ڀليري آئي آ ، ڏِسُ! سَنڌُ مٿان سَرهائي آ! ڇو تن جي لاءِ ”اياز“ رُنين ، جي مارُو ماڳُ مَٽائي ويا! |
#56
|
||||
|
||||
سڪ تنهنجي ستائڻ لڳي آ
تات ننڊون ڦٽائڻ لڳي آ تو کان هيڏي سڄڻ دوري من ۾ محبت وڌائڻ لڳي آ
__________________
Kami kis shae ki hai tere khazaane me mere Allah Jhukaa ke sar jo maangun teri rehmat mil hi jaaegi... |
#57
|
||||
|
||||
دل جي ويران رڻ تي ڪّڪر باورا ٿورڙوئي وسين ها ته ڇاٿي ٿئي سانورا تون گھڙيءَ کن سڙيءَ دل مٿان ڇانورو ٿي رهين ها ته ڇاٿي ٿئي منهنجي پوڄا ڏسي ديوتا ٿي وئين پنهنجي پوڃا ڪندڙ کان جدا ٿي وئين مان به ماڻهو هيس منهنجي دل جا مٺا تون به انسان ٿئي ها ته ڇاٿي ٿئي
__________________
Kami kis shae ki hai tere khazaane me mere Allah Jhukaa ke sar jo maangun teri rehmat mil hi jaaegi... |
#58
|
||||
|
||||
خبر ناھي ڪڏھن ملندي جڏھن شايد ن ھوندا سي دل ئي دل ۾ مون لاء رو ئندي جڏھن شايد ن ھوندا سي
__________________
Kami kis shae ki hai tere khazaane me mere Allah Jhukaa ke sar jo maangun teri rehmat mil hi jaaegi... |
#59
|
|||
|
|||
my poetry
Nice contribution!!!
Here comes my own poetry... نظم ڪامران اڪبر سومرو ڏينهن ڏ ٺي جو روشنين جو شهر ڪيئن بڻجي ويو اونده۔نگر آزاد فضا ۾ امن جا پکي وشال آڪاش ۾ ترندي ترندي ڪنهن درندي جي ظلم سان ڪيئن ٿي ويا ٽڪر ٽڪر هنن جون ٻوٽيون گلن جون پتيون ڪيئن ت هوا ۾ ويون وکري هنن جو معصوم لعل لهو ويو بڻجي مها۔ساگر ڏينهن ڏٺي جو روشنين جو شهر ڪيئن بڻجي ويو اونده۔نگر |
#60
|
||||
|
||||
نظم دل چئي ٿي ايئن مان به فاسٽس جيان روح پنهجو اگر ڪنهن حوالي ڪيان ياد رفته سڏيان وقت موٽي اچي ڪنهن گهٽيءَ وري ناچڻي ڪا نچي هي موهن جو دڙو سارو جاڳي پئي سوم رس آهي ڇا روح جاڳي پئي ڪوئي مندر هجي ڪائي داسي ڏسان رات ڪاري هجي مينهن پئي ۽ پسان هيا ڀڪشو ڪيئن ڪيئن مهاتم هيو گيان ۽ ڌيان ۾ ڪيئن گوتم هيو ڊيلفيءَ ۾ وڃي سوال هڪڙو ڪيان ڪاٿي آهي خدا حال هڪڙو ڪيان روح پنهجو پرين ڪنهن حوالي ڪيان دل چئي پرين مڌ ايڏي پييان جام جم ٿي وڃان سڀ وسري وڃي ڪهڙو اسرار آ موت ۽ زندگي سوچ بيڪار آ
__________________
Kami kis shae ki hai tere khazaane me mere Allah Jhukaa ke sar jo maangun teri rehmat mil hi jaaegi... |
|
|
Similar Threads | ||||
Thread | Thread Starter | Forum | Replies | Last Post |
English Poetry | DANISH_KHAN | English Poetry | 2 | Sunday, October 13, 2019 02:26 PM |
History of English literature | Naseer Ahmed Chandio | English Literature | 18 | Saturday, October 20, 2012 03:03 PM |
The Poetry of Confession | free thinker | English Literature | 0 | Friday, May 26, 2006 07:17 AM |
Sindh Province (Introduction) | Naseer Ahmed Chandio | General Knowledge, Quizzes, IQ Tests | 0 | Friday, May 05, 2006 10:20 AM |